چيئرمين خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شاهين لطيف ، سنڌي ، طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2013۔

  1. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    چيئرمين خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ايف بي آر چيئرمين کي سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، خورشيد شاهه چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙا اسيمبلي ميمبر ٽيڪس نه ٿا ڏين. چيئرمين خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي آڊٽ اعتراضن تي غور ويچار ڪيو ويو، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن اشتياق احمد اجلاس کي ٻڌايو ته هو مختلف مدن ۾ فنڊ پاڻ ئي رکندا آهن جنهن تي اجلاس ۾ اعتراض ڪندي رپورٽ طلب ڪئي وئي. اجلاس ۾ آڊيٽر جنرل بلند رانا ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبر رشيد گوڊيل جي وچ ۾ ڏند چڪ پڻ ٿيا، بلند رانا چيو ته هو جڏهن ڳالهائي ته شت اپ ڪال نه ڏني وڃي جنهن تي رشيد گوڊيل چيو ته هن شت اپ ڪال ناهي ڏني معاملي کي گهمايو نه وڃي. پي اي سي ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ايف بي آر جي چيئرمين کي به سڀاڻي طلب ڪري ورتو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته بنا فرق جي احتساب کي يقيني بنايو ويندو، هو اهڙا مثال قائم ڪندا جيڪي ماضي ۾ اڳ ۾ ناهن ٿيا. خورشيد شاهه چيو ته پي اي سي کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙا اسيمبلي ميمبر ٽيڪس نه ٿا ڏين......
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو