شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن
لاڙڪاڻو (رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي ويجهو رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد آبڙي واهه پل وٽ نامعلوم هٿياربندن 18 ورهين جي نوجوان ڇوڪريءَ کي ڪار مان لاهي مٿس فائرنگ ڪري مرڻينگ ڪرڻ بعد روڊ تي ڦٽو ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار ٿي ويا. جڏهن ته زخمي ڇوڪري روڊ تي ننڌڻڪي حالت ۾ تڙپندي رهي جنهن جي ڀرپاسي ۾ زمين تي ڪم ڪندڙ هڪ ڳوٺاڻي پهچي رستي ويندڙ ٻي ڪار کي روڪي زخمي ڇوڪري کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهچايو جتي هو فوت ٿي وئي. اطلاع تي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس چانڊڪا اسپتال پهتي جنهن ڇوڪريءَ کي زخمي حالت ۾ کڻائي ايندڙ ڳوٺ محمد خان ملگاڻي جي رهواسي ڳوٺاڻي علي حيدر ملگاڻي کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا شروع ڪئي جنهن ٻڌايو ته مان زمين تي ڪم ڪري رهيو هيس ته ڀرسان روڊ تي هڪ ڪار ۽ هڪ موٽرسائيڪل سوار اچي بيٺا، موٽرسائيڪل تي هڪ مرد ۽ هڪ عورت سوار هئا، جڏهن ته ڪار تي ويٺل هٿياربندن ڪار مان هڪ ڇوڪريءَ کي لاهي گوليون هڻڻ بعد زخمي ناريءَ کي ڦٽو ڪري رشيد وڳڻ واري پاسي فرار ٿي ويا. هن ٻڌايو ته زخمي حالت ۾ ڇوڪريءَ رڳو پنهنجي ذات عمراڻي ٻڌائي ۽ هن جي وڌيڪ ڪا به سڃاڻپ نه ٿي. ٻئي پاسي شهر جي ڀينس ڪالوني جا رهواسي نياز عمراڻي ۽ سندس ڀاءُ احمد علي عمراڻي پهتا جتي هنن مقتول ڇوڪريءَ جي سڃاڻپ زهريٰ ڌيءُ نياز عمراڻي طور ڪئي. احمد علي عمراڻي ٻڌايو ته سندس ڀائٽي زهريٰ کي 21 آڪٽوبر تي رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گولو واهه جا رهواسي انور عمراڻي، حضور بخش عمراڻي ۽ ٻيا جوابدار اغوا ڪري ويا هئا، جن خلاف شهر جي رحمت پور ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو ۽ پوليس هڪ جوابدار حضور بخش عمراڻي کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو آهي، باقي ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو جن اسان جي نياڻي کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته زهريٰ جي منهنجي پٽ سان مڱڻي ٿيل هئي پر جوابدار انور عمراڻي اچي سڱ گهريو، انڪار ڪرڻ تي هو کيس اغوا ڪري ويو هو. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته زهريٰ پسند جو پرڻو ڪرڻ تي انور عمراڻي سان گهران نڪري وئي هئي. کيس قتل ڪندڙ وحشي ڪير آهن؟ ان بابت حد جي رشيد وڳڻ ٿاڻي جي پوليس جاچ ۾ اڃا ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي آهي. مقتول زهره جو لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ والد ۽ چاچي حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو هو. رابطو ڪرڻ تي رشيد وڳڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او نادر مغيري چيو ته مان وي آءِ پي ڊيوٽي تي ويل هئس جتي زهريٰ جي قتل جو اطلاع مليو. هينئر مان وي آءِ پي ڊيوٽي ختم ٿيڻ بعد ٿاڻي ڏانهن وڃي رهيو آهيان
