• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لاش ٻاهر ڪڍي ٻيهر ساڳي جاءِ تي دفنائڻ کان پوءِ به انتهاپسندي جو خوف برقرار آهي..

بدين (رپورٽ: رزاق ڏنو کوسو) ٽنڊو باگو ڀرسان 5 ڏينهن اڳ بچل شاهه قبرستان مان لاش ٻاهر ڪڍي ٻيهر ساڳي جاءِ تي دفنائڻ کان پوءِ به انتهاپسندي جو خوف برقرار آهي. پوليس جي موجودگي ۾ الهڏني ڀيل جي قبر کي پڪو ڪيو پيو وڃي، الهڏني ڀيل جي وارثن خوف ۽ ڌمڪين سبب اڃا تائين تڏو نه وڇايو آهي. پوليس کين لکت جو ڪنهن کي به نه ڏيکارڻ جو پابند بڻايو آهي. الهڏني ڀيل جي زال رحيمان ڀيل روئيندي عوامي آواز کي ٻڌايو ته اسان بيحد غريب آهيون، اسان سان هرو ڀرو ظلم ڪيو ويو آهي. اسان جو ڏوهه اهو آهي ته اسان سنڌ ۾ رهيا ۽ ڄاوا آهيون پر اسان جا لاش دفنائڻ به نه ٿا ڏنا وڃن. الهڏني جي 6 پٽن ڌاڻو، لونگ، جمعون، مصري دانهيندي چيو ته اسان هاڻي پنهنجو ڪو به عزيز مري وڃڻ تي ڪنهن به جاءِ تي دفن نه ڪنداسين ۽ اهو لاش کڻي حد جي ٿاڻي تي آڻينداسين. پوءِ پوليس جي مرضي ان کي ڪيڏانهن به ڪري. اسان جي لاشن جي تذليل جو ڪنهن کي به ڏک نه آهي. ايم پي اي پونجو مل ڀيل فوري طور استعيفيٰ ڏئي، جنهن وٽ ڀيلن لاءِ هڪ منٽ به نه آهي. اهڙا اسيمبلي ميمبر هوندا ته پوءِ اڃا ڪيترائي ڀيل قبرن مان نڪرندا. الهڏني ڀيل جي قبر کي مڪمل طور پڪو ڪيو ويو آهي. چار ديواري وارو ڪم هڪ ڏينهن هلي ٻيهر بند ڪيو ويو آهي
 
اهڙن واقعن سنڌ جي صوفياڻي وحدت کي وڏو نقصان رسايو آهي۔ صدين کان هڪ ئي قبرستان رکندڙ انسانن لاء هاڻي الائي ڇو نفرت جو ٻج پوکيو پيو وڃي۔
 
Back
Top