سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي سموري سٿ پاران سڀني دوستن کي نئين سال 2014ع جون واڌايون پيش ڪجن ٿيون. نئين سال جي موقعي تي دعاگو آهيون ته شال هي سال امن ۽ سُکن ڀريو ثابت ٿئي. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام هن سال به ڪوشش ڪندي ته سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي ترقي لاء ڪوشان رهي. اوهان دوستن جو ساٿ اسان لاء همت ۽ اتساهه جو سبب بڻبو. سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سالن کان خيالن ۾ سال لنگهي ويا ادا ته هي سال شل بهتر رهي هر سال ان اميد لاءِ دعائون به گهريون سين پر هر سال گذريل سال کان بدتر ئي رهيو هر سال جي شروعات پوئين سال جي احتساب ٿيئڻ گهرجي ها پر الائي ڇو ائين نه ڪري غير فطرتي زندگي ۾ مسلسل اضافو ٿيندو پيو وڃي۔ وسلام
پر ڀاء جيئڻ ته ڪونه ڇڏينداسين ۽ اميدن جو دامن ته ڪونه ڇڏينداسين، جنهن ڏينهن مقصد، اميد ۽ آسرو ختم ٿيندو آهي ته پوء جيئڻ تان به دل کڄي ويندي آهي ۔۔۔ باقي ڏک ته آهن ئي اسان جا زيور ، لطيف جي انهن سٽن جيان ڏک سکن جي سونهن
سائين۔۔ جيڪڏهن اصل نظر سان ڏسجي ته هي ڏک جو موقعو آهيو، اسان جي زندگيءَ جو هڪ سال گذري ويو ۽ ان ۾ اسان ڇا ڪري سگهياسين! ان جو احتساب ڪرڻ جو موقعو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سائين توھان کي ۽ سنڌ سلامت جي پوري سٿ کي منھنجي پاران نئين سال جون مبارڪون ھجن ۔ساٿ سلامت جئيي مٺڙي پياري سنڌي ٻولي