جناب محترم علامه آء آء قاضي جي استدعا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪرڻو صرف هي آهي ته واندڪائي ۾ قلم کڻي نهايت ئي سچائي سان پنهنجو ٻاروتڻ ياد ڪري ويهي انجو بيان لکون ته اسان ان وقت ڇا هئاسون، اسان جو اٿڻ ويهن ڪهڙي نموني سان هو، اسان کي ڇا وڻندو هو، ۽ ڇا ڇا نه وڻندو هو۔اسان کي ڪنهن سان پيار هو ۽ ڪنهن سان نفرت هئي، مطلب ته بنا ڪنهن اڊڪي جي ته ماڻهو اسان کي ڇا ڪري سمجهندا، اسين نهايت ايمانداري سان ويهي پنهنجي ٻاروتڻ جي ڪهاڻي لکون۔منهنجي استدعا آهي ته اوهان مان هر هڪ اها ڪوشش ڪري ۔ جي اسان جي سڀني پڙهيلن نهايت سچائي سان پنهنجي سوانح لکڻ شروع ڪئي ته آء اوهان کي خاطري ٿو ڏيان ته اسان مان ڪيترا ئي فقط انهيء سوانح لکڻ سان مصنفن جي صف ۾ شمار ٿيندا ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪن جا قلمي داستان اهڙا ته معياري ڪتاب بنجي پون، جو انهن جهڙا ڪي ورلي لکيا ويا هجن۔ سينٽآگسٽين ۽ روسو ، گوئٽي ۽ گانڌي مڙني ائين ڪيو ۽ ٻيا به سو اهڙا نڪرندا۔ ڪن مصورن پنهنجون تصويرو ڪديون ۽ سون وري پنهنجون سوانح عمريون لکيون، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔بشڪريه ماهوار نئين زندگي
سائين علامه آءِ آءِ قاضي جي فن بابت بحث ڪرڻ ڊگهو ٿي ويندو۔ آئون فقط اهو چوندس ته سائين جيڪو ڪم ڪيو آهي ان کي نئين صدي جي پڙهندڙن، لکندڙن ۽ سهيڙيندڙن آڏو آندو وڃي ته جيئن ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي۔ الوحيد جي شروعاتي پرچن ۾ سائين جي سوانح عمري بابت تفصيل آيل آهي۔