Ghulam Murtaza
سينيئر رڪن
مون ڏِٺو آهي ته سنڌي قومي تحريڪ جا ڪارڪُن حد کان وڌيڪ اسلام جي خلاف ڳالهائن ٿا، پوءِ ڀلي اُهي رسول بخش پليجي جا پولڳ هُجن يا سائين جي ايم سيد جا، هوئن ته چوندا وتندا ته اسين سامراج جي خلاف آهيون، ايم ڪيو ايم جي خلاف آهيون، پنجاب جي خلاف آهيون وغيره وغيره۔
مون کي معلومات گھُرجي ته دُنيا جي ڪهڙي قومي تحريڪ ٿي آهي، جيڪا هِڪ وقت ته پنهنجي قوم جي نِجات ۽ کيس حق وٺرائڻ جي ڳالهه ڪري، ۽ ٻي طرف هر بيان ۾ يا تحرير ۾ اُن قوم جي ماڻهن جي مذهب کي گھٽ وڌ ڳالهائي؟
۽ اِها به معلومات گھُرجي ته ڇا بنگالين آزادي جي تحريڪ لاءِ مذهب خلاف ڳالهايو؟
ڇا بلوچ تحريڪ مذهب خلاف ڳالهايو آهي؟
ڇا سنڌ ۾ آيل مُهاجرن پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن مذهب خلاف ڳالهايو؟
ڇا سرائيڪي پنهنجي قوميت ۽ صوبي لاءِ هلندڙ تحريڪ ۾ ڪڏهن مذهب خلاف ڳالهايو؟
ڇا پٽاڻن ڪڏهن پنهنجي حقن لاءِ مذهب جي خلاف ڳالهايو آهي؟
سنڌ سلامت تي تمام معتبر شخصيت ۽ سنڌ پرست دوست آهن، مهرباني ڪري منهنجي عِلم ۾ واڌارو ڪرڻ فرمائيندا۔