پراميٿس جي واپسي تاج بلوچ جو فن (تاج بلوچ جي ڪليات ”چچريون چچريون خواب“ ۽ سندس چونڊ شاعري جو انگريزي ترجمو (لطيف نوناري) Grief in Tatters جي مهورت جي موقعي تي پيش ڪيل ويچار) ڪوئي ڪنهن شاعر جي چونڊ تخليقن کي انهن جي قالب ۽ روح سميت ڪئين ترجمو ڪري ٿو؟ هي ڪم حقيقي طور ڪيترائي مسئلا کڙا ڪري ٿو. شاعراڻي ڏات کي ترجمي ۾ ڪئين جياري سگهجي ٿو؟ هڪ مترجم انهن سڀني مشاهدن کي، جن شاعر تي اثر ڇڏيا، ڪئين اندر ۾ سمائي سگهي ٿو ؟ ترجمي نگار ڪئين هڪ ئي ڌڪ ۾ خارجي دنيا سان رشتو ڳنڍي سگهي ٿو؟ ڪوئي شاعر جي اندرين ڪائنات کي ڪئين زبان ۽ لفظ ڏيئي سگهي ٿو؟ اهو ناممڪن نه پر گهڻو مشڪل ضرور آهي ته شاعر جي عجيب ۽ ڪڏهن ڪڏهن لوڙهو ڏنل دنيا ۾ داخل ٿجي. ممڪن آهي ته شاعر ۽ سندس مترجم ڪٿي ڪنهن ”زمان ۽ مڪان“ ۾ مليا هجن ۽ ڪن شاعراڻي تخليقن، پورن ۽ تصورن تي خيالن جي ڏي_وٺ ڪئي هجي، تڏهن ئي ته هڪ ڌاري زبان ۾ اهڙي شاندار شاعراڻي مَٽ ٿي سگهي آهي. نوناري شاعريءَ کي ترغيبي انداز ۾ هٿ وڌو آهي. هن حقيقي طور تاج بلوچ کي پنهنجو ڪيو آهي. هن جي ريس جوڳي ترجمي مان هڪ وڌاءُ نه پر هڪ تعبير ڇڻي نڪري ٿي. اها ڳالهه حيرت انگيز آهي ته هن نه صرف ڪم کي نڀايو آهي، پر هڪ ڪارگر لهجي يا زبان کي به ڳولي لڌو آهي. هي ترجما غير سنڌي پاٺڪن جي تصور ۾ نوان جهان اڏيندا ۽ انهن جي حسيت ۽ ادراڪ کي هوا ڏيندا. وڌيڪ اهو ته شاعراڻي ترجمن جي ظالم گهٽتائيءَ جي ڏس ۾ مترجم جيان ڪو به بهتر نه ٿو ڄاڻي. تاج بلوچ جي شاعريءَ جا روپ ۽ دور، لطيف نوناريءَ جي ڏنل انگريزي لباس ۾ ڪنهن سندر ناريءَ جيان جهومي ۽ ڳائي رهيا آهن. ترجمي جي هن اوکي ڪم ۾ نوناري نظمن جي روح ۽ تازگي کي زنده رکي پنهنجي ڏانءَ کي مڃايو آهي. هن ڳٽڪي ۾ ٻاونجاهه ننڍا وڏا نظم ۽ اٺارنهن چئوسٽا مختلف بحرن ۽ گهاڙيٽن ۾ موجود آهن، جن لاءِ هن جو خيال آهي ته اهي تاج بلوچ جي سڀني شعري مجموعن جي نمائندگي ڪن ٿا. تاج جي تخليق جي مجموعي تاثر ۾، خاص طور لطيف نوناري جي انگريزي ترجمي ۾، ذومعنيت واري لهجي، نامرادي ۽ خيرانديشيءَ جو پڙاڏو ملي ٿو، جيڪو پنهنجي رنگن جي خوبصورتي، خوشبوء ۽ غير رسمي لاحد ۾ انوکو آهي. شاعريءَ سان جڙيل خيال، معنيٰ ۽ مقصد ان اندر ڳتيل آهن. وقت، پولار ۽ انسان جي جوڙجڪ ۾ هڪ تنقيدي دلچسپي انجي خصوصيت آهي. هيءَ ٽمورتي هڪ ”تخليقي قوت“ آهي جنهن کي ڄم، واڌ، پڄاڻي ۽ وري جنم لاءِ ذميدار چئي سگهجي ٿو(مذهبي ٻولي ۽ اصطلاح ۾ نه). هي شاعراڻو ترجمو اصل سنڌيءَ ۾ موجود ادبي شاهوڪاري ۽ ثقافتي اهميت کي اڳتي آڻي ٿو. تخليق جي لکتي پاسن ڏانهن ڏنل هن جي ڌيان جي محويت ۽ ڪاوشون ذڪر جوڳيون آهن. خاص طور اصل لکت جي سريلي جوڙجڪ انگريزي ترجمي مان صاف جهلڪيون پئي ڏيکاري. هتي ان موسيقيءَ تي فني بحث ڪرڻ جي ضرورت ناهي، جيڪا هنن ترجموڪيل نظمن منجهان سريلي انداز ۾ پَيٽَ پئي ڪري. اميد ته انگريزي ترجمي وارا هي نظم پنهنجي مختلف مزاجن، جذبن، تصورن ۽ خوشبوئن سان مختلف غيرسنڌي پڙهندڙن مٿان هڪ وسيع ادبي اثر ڇڏيندا. هنن نظمن جي ٻولي نهايت ڳوڙهي آهي ۽ هتي اهو ذڪر ڪرڻ بي جا نه ٿيندو ته هن ترجمي ۾ مترجم يقينن ترجمي جي گوهيباز ۽ ڪنڊيدار ميدان جي ٻن جهوني بانين، آغا سليم ۽ سليم خواجا (سليم نورحسين)، سان هاڙهوٻٽ آهي __ ڪٿي ڪٿي هو انهن کان به سرس ٿيو وڃي. مان وري به اها ڳالهه ورجائيندس ته هي ترجمو اصلي سنڌي ڪم جو سچو ترجمان آهي. مترجم انگريزيءَ ۾ اها زبان ڪاميابيءَ سان ڳولي لڌي آهي، جيڪا تاج بلوچ جي لفظن، معنائن ۽ مزاجن کي پاڻ اندر سمائي ٿي. ترجمي اندر لفظ ۽ جذبو، معنيٰ ۽ آواز ڳتجي هڪٻئي جي ٽيڪ ٿين ٿا ۽ اظهار جي مزاج کي گهرو بڻائن ٿا. هتي اهو اضافو به ڪندو هلان ته نوناريءَ کان گهڻو اڳ، اديب ۽ مترجم فٽز جيرالڊ فارسي رباعين کي ڇڙواڳ نظماڻو ويس ڏيئي شهرت حاصل ڪئي هئي. عمر خيام جون رباعيون پنهنجي توازن ۾ ڪلاسيڪي درجو رکندڙ هيون. انهن جي ترجمي ادبي دنيا کي محسور ڪري ڇرڪائي ڇڏيو هو. رچرڊ برٽن جي الف ليليٰ واري ترجمي پڻ ادبي کيتر ۾ لهرون پيدا ڪيون هيون. اهي لهرون اڄ به ساهه کڻندي ۽ موهيندي ڏسجن ٿيون. ايڊگر ايلن پو جي فرنچ ترجمي بودليئر کي فرانسيسي ادب ۾ لازوال ڪري ڇڏيو. سن 1789ع ۾ جڏهن سر وليم جونز شڪنتلا جو پهريون ترجمو ڪيو هو، تڏهن سنسڪرتي ادب جي هن شاهڪار يورپ ۾ ڌم مچائي هئي ۽ ان دور جي يورپ جي سداحيات شاعر گوئٽي ان کي هڪ شان لائق خراج ڏنو هو. پنهنجي روح کي گناهه کان بچائڻ خاطر مان ڪاليداس کي ڏنل ان تابناڪ خراج کي هتي ورجائڻ ۽ وري ورجائڻ قابل سمجهان ٿو: K A L I D A S A An ancient heathen poet, loving more God's creatures, and His women, and His flowers Than we who boast of consecrated powers; Still lavishing his unexhausted store Of love's deep simple wisdom, healing o'er The world s old sorrows. India s griefs and ours; That healing love he found in palace towers, On mountain, plain, and dark, sea-belted shore, In songs of holy Raghu's kingly line Or sweet Shankuntala in pious grove, In hearts that met where starry jasmines twine Or hearts that from long, lovelorn absence strove Together. Still his words of wisdom shine: All's well with man, when man and woman love. ڪاليداس ڪري ٿو پيار وڌ هڪ شاعر ڪافر قديم ڌڻيءَ جي مخلوق کي، زالون هجن يا ڦول اسين جي ڊاڙون ٿا هڻون پاڪباز قوتن جي ويٺا ساراهيون هن جي اڻکٽ موڙيءَ کي جنهن ۾ گهري محبت واري سادي ساڃهه دنيا جا ڦٽ پئي ڇٽائي، اسان جا ۽ ڀارت جا ڏک اهو مرهمي قرب هن ڏٺو هو محل جي منارن تي پربتن تي، ميدانن ۾ ۽ اونداهي ساحلي پٽيءَ تي مقدس رگهوءَ جي شاهي سلسلي وارن گيتن ۾ يا پياري شڪنتلا جي پاڪ جهڳٽي ۾ يا انهن دلين ۾ جيڪي آسماني چنبيلين وٽ جڪڙيون يا انهن دلين ۾ جن پيار جا وڏا وڇوڙا گڏجي گهاريا هن جي ساڃهه جا شبد چمڪن ٿا اڃان سڀ ٺيڪ آ جڏهن مرد ۽ زن پيار ڪن ٿا هتي شاعر جئي ديو جي خوبصورت سنسڪرتي نظماڻي تخليق ”گيتا گووند“ (ٻارهين عيسوي صدي بنگال) يا هندستاني شعرن جي سرتاج جو ذڪر ضروري آهي. اٺارهين صديءَ ۾ مشهور عالم سر ايڊون آرنلڊ ان کي انگريزيءَ ۾ نظماڻو ويس ڏنو هو. ان شاندار قربائتي ترجمي جي مثبت اثرن سر آرنلڊ کي مشرقي ۽ مغربي ادبي دنيا جو هڪ گهريلو نالو بڻائي ڇڏيو آهي. چوندا آهن ته ”شاعري عام ٻوليءَ جي واهپي کان ان ڪري مختلف هوندي آهي ته اها ضابطي ۽ اسلوب جي ڪري عام ٻوليءَ جي حدن کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.“ تاج بلوچ مونکي پنهنجي ڪجهه ”روپي“ (چانديءَ جهڙن) نظمن ۾ مونکي ڪامي مزاج ۽ گهري ڏک جي لباس ۾ نظر ايندو آهي. سنڌ هن جي خوابن جي شهزادي آهي، جيڪا هن جي جذبي سان سڃاتي وڃي ٿي. هن جي جذبن جي تشڪيل ٻنهي شخصي ۽ غير شخصي شڪلن ۾ آهي. هو حالتن جي حادثن اندر به آهي ته ٻاهر به وڃي ٿو، ۽ انهن سڀني شين کي پنهنجي فني عرق ريزيءَ مان گذاري مذڪوره ڪامي مزاج کي اڀاري ٿو. هڪ مجسم جذبي سان هن جي سنگت ائين آهي، جئين رتي جي ڪام سان ۽ سائيڪي جي ڪيوپڊ سان هئي. هتي هن جو جمالياتي، حسياتي ۽ ثقافتي مشاهدو (جنهن جو سڱ سنڌ ۽ ان جي عام ماڻهن سان آهي) هن لاءِ بنياد آهن ۽ اهي ائين ميل ڪن ٿا جئين الهه آباد وٽ گنگا ۽ جمنا جو ميلاپ ٿئي ٿو. هن جي ڪليات ۾ هن جي دکي ۽ نامراد زندگي، والمڪي، ويدوياس ۽ هومر جي ڪنهن پراڻي قصي يا داستان جيان هوريان هوريان پنهنجو روپ ڏيکاري ٿي. فن هن جي دنيا نه جوڙي آهي، جئين هن کان اڳ دانتي، ڪاليداس ۽ هومر اسان کي ڏيکاريندا هئا. اها هڪ ضدي، ڌڪيندڙ، ڪرڀائتي حقيقتن ۽ وڌندڙ دٻاءَ واري دنيا آهي. هن جي تخليق جي سرسبز دنيا ڪيچ ئي ڪيچ، خوبصورتي، آن، قرب ۽ ساڻيهه جي سڪ جي مالڪ دنيا آهي. ان اندر گهري ڏک جا نه ختم ٿيندڙ بادل آهن، جن اندر سڃاڻپ جو زيان گهوماٽيون پيو کائي. هن دنيا اندر خواب ــ وهم، سار ــ ويسار ۽ مڃتا نفيس تاڃي پيٽي ۾ اڻيل آهن. تاج جي حاصلات اهو اسلوب آهي، جنهن جي رستي هو پنهنجي شاعري کي سندس وقت جي شعريات جي حدن کان ٻاهر وٺي وڃي ٿو، توڻيجو هو ان شعريات کي قبولي به ٿو، جيڪڏهن ڪا اهڙي شعريات وجود رکي ٿي جيڪا هن جي ڏات کي گس ڏيکاري. مان تاج جي شاعري اندر انهن مجسم خوبصورت شين کي اڃان ڳوليان پيو، جيڪي مون اياز جي سرسي جهڙي دنيا ۾ پسيون هيون. پر مون تاج اندر هڪ اندروني جمال دريافت ڪيو آهي، جيڪو هن جي روماني تخليقن اندر ڦهليل آهي ۽ جنهن کي مون ائين ڏٺو آهي، جئين مون هماليه جي چوٽين جي قريب، سدا سير گنگا جي ڀر سان گلن جي وادي جي انهن جنتي گلابن کي ڏٺو هو ۽ انهن جي بيمثال خوشبوء کي ساهن ۾ اوتيو هو. هن جي شاعري ۾ فطرت کي خواهش جي هڪ وڏي چوچڙي سوريندڙ طور ڏٺو ويو آهي. هن جي سنڌيءَ جو استعمال سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ جيان سادو، سريلو ۽ سڌو آهي. هو ان اندر پنهنجي انساني محبت ۽ سنڌ واري عقيدي هيٺ رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن جي سڀني مجموعن ۾ هي خيال چٽائي سان پڌرو آهي. هن جا غير مخصوص، اهڃاڻي تڪرا اهي چڻنگون آهن، جيڪي هن جي انسان دوستي ۽ انساني اونن مان وقتن فوقتن اڀرن ٿيون. مونکي انديشو آهي ته هن جو ڀاڳ شاعريءَ کي حياتي ارپڻ آهي. هن جي لامارا ڏيندڙ پڄاڻي مونکي ابدي ڏسجي ٿي، ڇاڪاڻ ته هن شهر جي ڪيني ۾ ڪا ڪمي ڪونه آئي آهي. هو ڪوشسون پيا ڪن ۽ سندن ارادو آهي ته (هن تي لازوال جي مهر هڻن) (هن کي هميشه لاءِ ڏنڀي ڇڏن). + ( مون هن جملي ۾ ٻٽي معنيٰ ڏٺي آهي. شيام ئي ٻڌائي سگهي ٿو تهڪهڙي معنيٰ سندس اظهار کي ويجهي آهي. مترجم ) مايوسي ۽ ”پگهار“ thaw (تبديلي) جي هن غيرمعمولي حالتن ۾ اميدن ڀري جوانيءَ جو هي شاعراڻو آواز آهي. هن جي حقيقي آدرش پرستي ۽ انساني فطرت جي ماڻهپي واري پاسي لاءِ جوشيلي اظهار کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. تاج بنيادي طور هڪ انقلابي رومان پرور آهي، جنهن سنڌ جي ڏکن کي هڪ ڪائناتي تصور ۾ بدلايو آهي. هن جا گهڻائي همعصر شاعر (جئين اياز) اتساهه لاءِ محبت ڏانهن واجهائيندا هئا، جڏهن ته تاج اتساهه ۾ ئي محبت ڳوليندڙ آهي ۽ هڪ اوکي دنيا ۽ بلڪل اوپرو ڪندڙ ماحول ۾ تخليق لاءِ پيو پتوڙي. هن پاڻ کي۽ پنهنجي پتوڙ ۽ ايذاءَ واري دنيا کي پن ڇڻ واري اگهاڙپ ۾ ڏسڻ چڱي طرح سکي ورتو آهي. هن جي بصارت (اندرين اک) ماٺ مان جنم ورتو آهي ۽ مضبوط پاڙون هڻي چڪي آهي. اها چپ ۾ سڄي گوڙ کي نون پنن، گونچن ۽ گلن جي نالي ۾ ڇاڻي رهي آهي. آخرڪار اهي هڪٻئي مٿان ڍير ٿي، چپ چاپ، جوش کان پري، هن جي زمين ۽ اندرين پن ڇڻ ٿيندا ۽ هنجي ڇپرن مٿان پنهنجيون هوائي آڱريون ڦيريندا. ڪيتروئي چپ سهي، سچ ۾ ويساهه رکڻ هڪ جذبو گهري ٿو. مان ڀانيان ٿو ته سڀني انسانن، سڄي سنڌ ۾ ڦهليل ۽ ڦٽل دڙن، اسان سڀني جي اکڙيل زخمن ۽ اڻپوري سٽ لاءِ تاج جي محبت دائمي آهي. زندگي ڦندي مان گذرڻ آهي. (يعنيٰ ان کي چوڙڻ ماڻڻ آسان ناهي.) نه شراب ۽ نه شباب اسان کي بچائي سگهي ٿو. فقط اسان جي ڌرتي ماتا سنڌ ئي اميد آهي. منهنجا دوست، فقط خلوص ۽ واڳ ئي بچائي سگهن ٿا. تاج کي هن گهٽيندڙ حالتن ۾ مُردن سان يا جيڪي اڃان زنده نه ٿيا آهن، تن سان رهندي ڏسي اچرج ٿئي ٿي. موجوده بي ترتيب وقت ۾ ۽ هن ويڳاڻي ڌرتيءَ تي انساني ذهن ۾ هڪ وڏي اڇل پسجي ٿي. هنن ڏکوئيندڙ، بي رحم گهڙين ۾ٻڏل هڪ فني لهر نثر ۽ نظم ۾، پراڻ ۽ نواڻ جي گهاڙيٽن ۾، جيئرو جاڳندو ادب پئي ڏئي. ان اندر احتجاج جون صدائون ۽ ناانصافي خلاف ڪروڌ، ٻنهي ڪمزور ۽ مضبوط فني لهجن ۾ موجود آهي ۽ ختم نه ٿو ڪري سگهجي. تاج بلوچ هن جهنمي باهه واري رستي تي ننگي پير هلندڙ مسافرن مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ هو ڄاڻ جي سورمي اولاد ناهي، جئين ٽئگور بنگال ۾ هو، يا ڊي ڊي ڪوسمبي مها راشٽر ۾، يا اياز سنڌ ۾ هو، پوءِ به ڪو هن جيان ڳوڙهي مطالعي بغيرلکي نه سگهيو آهي. هن وٽ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ نهايت ڳوڙهي ۽ ڪارگر ڄاڻ آهي. هر اديب، خاص طور شاعر، ڪنهن به ٻوليءَ ۾، هڪ عجيب اصطلاح ۾ لکي ٿو. ٻين لفظن ۾ هو ائين نه ٿو لکي، جئين ڳالهائي ٿو. اهو به سچ آهي ته ٻول چال جي زبان ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ وٿي هر هنڌ موجود آهي. تاج لکتن مان گهريون سرڪيون به ڀريون آهن ۽ اسانجي هن ڌرتيءَ جي زنده فطرت جو اونهو اڀياس به ڪيو آهي. هن جيان ڪي چند روح ئي اهڙا آهن، جن شهري ۽ ڳوٺاڻي اتهاس جو سفر ڪيو هجي. هن جو تُزپڻو بهرحال هڪ شاعر وارو آهي، سائنسدان وارو ناهي. هو پنهنجي تيز نگاه ۽ کليل دل سان فطري دنيا اندر سڀني ساهوارن سان همدردي رکي ٿو ۽ تعصب کان پري آهي. مونکي اهو فيصلو ڪندي هٻڪ نه ٿي ٿئي ته هو مذهب ۽ سڀيتا جي معاملن ۾، جئين وليم جيمز چيو، هڪ صحتمند ذهن آهي، زور سان چئجي ته بيمار روح ناهي. هن جي ٿرڪندڙ زندگيءَ جا ڪجهه ٻيا تاثر به آهن، جيڪي هن جي شاعري کي پڙهندي ۽ وري پڙهندي آهستي آهستي پختي خيال جي شڪل وٺن ٿا. حالانڪه انهن کي صحيح ثابت ڪرڻ ايترو سولو ناهي. هڪ ٻئي ڳالهه اها ته تاج خوبصورتيءَ جي هر شڪل لاءِ ڇڪ رکي ٿو. اهڙن انسانن جو ڪلي قدر حياتيءَ ۾ ٿيڻ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته هو مرڻ بعد به وڌندا رهن ٿا. اياز ۽ تاج کي مختصر طور سميٽجي ته چئبو: اياز مسرت، سريلائپ ۽ موسيقي آهي. تاج شان، اٻاڻڪائي ۽ درد آهي. هو نهايت همت سان فن اندر پنهنجو ذهني توازن برقرار رکي ٿو۽ پنهنجي ادراڪي اڳڀرائي به بچايون هلي ٿي. ڪنهن به شاعر جي عظمت جو بهترين ثبوت اهو آهي ته ماڻهو (مرد خواه عورتون) هن بغير رهڻ جي صلاحيت وڃائي ويهن ٿا. هو بنيادي طور فطري خوبصورتي ۽ انساني دل جو شاعر آهي. هي ٻئي خاصيتون هن اندر ايڪي ۾ آهن. ٻئي انساني محسوسات سان جڙيل آهن. هي جوڙ اهڙي نفاست سان حاصل ڪيو ويو آهي، جو ڪوئي اهو چئي نه ٿو سگهي ته ڪهڙو پاسو اٽل ۾ آهي. جيتوڻيڪ هن جي شاعراڻي وهڪ نادر ناهي، نه ئي هن جي ذهني گرفت غيرمعمولي آهي ـــ پوءِ به سندس هم آهنگ ترتيب دنيا جي ٻئي ڪناري جي ڀاسي ٿي ـــــ نج انوکائپ، ڀاڪر ۾ ڀرڻ لائق خوبصورت بوتو! مجموعي تاثر هڪ غيرمعمولي ڪاميابي ۽ نفيس ذوق وارو آهي. جيتوڻيڪه سنڌ اندر ”ثاني سجاڳي“ هڪ پري کان نظر ايندڙ پاڇولو آهي، پر دلچسپ ڳالهه هيءَ ٿي ڏسجي ته هندستاني ديومالائي ”سائرــ واچوڙو“ ۽ موجوده ذهني اٻڙڪو هڪ ئي وقت پيا ٿين، جيڪي شايد اسان جي بدقسمت جُوءِ ۾ ”روشني“ آڻڻ جو ڪارڻ ٿين. ميڪاولي چوي ٿو ته ”شاعري مان اسان جو مطلب لفظن کي هڪ اهڙي نموني استعمال ڪرڻ جو فن آهي، جيڪو تصور ۾ هڪ خيالي فريب آڻي ٿو. (شاعر) لفظن کان اهوڪم وٺي ٿو جيڪو هڪ مصور رنگن کان وٺندو آهي.“ تخيل جو هي خيالي فريب شاعريءَ جي پڙهندڙ کي خوبصورتي جي ردمي تخليق سان خوشي ڏئي ٿو. هڪ شاعر ٻن طريقن سان پنهنجي خيالن جو فنائتواظهار ڪري سگهي ٿو. ياته هو پاڻکي پنهنجي شاعري جي مواد کان پرڀرو رکي يا وري پنهنجي تجربن، خيالن ۽ احساسن مان اتساهه وٺي. پهرين قسم ۾ هئين ٿئي ٿو ته شاعري ۾ شاعر جي ذات ٻاهر نڪري خارجي دنيا جي عمل ۽ جذبي سان رلي ملي، پنهنجي دريافت کي ذاتي حوالي کان هٽي پيش ڪري ٿي. ٻئي قسم ۾ شاعر پنهنجي ذات اندر لهي ٿو ۽ پنهنجي ڪردارن کي ذاتي تجربن، خيالن ۽ احساسن مان گذاري اتساهه وٺي ٿو. غنائي شاعري ٻئي قسم جي آهي. هونئن ته غنائي شاعري لاءِ مختلف خيال ۽ وصفون آهن، پر انجي جنهن هڪ خاصيت تي سڀ متفق آهن، سا آهي ان جي موسيقي. تاج جي شعري تخليق جو ڳپل حصو، تقريبن سڀني گهاڙيٽن ۾، غنائيت جي دنيا جو واسي آهي. هن جي غنائيت صاف طور ٽن اهم عنصرن تي مشتمل آهي، جيڪي ان جو روح سمجهيا وڃن ٿا: زبردست تخيل، مضبوط احساس ۽ جذبا ۽ موسيقي. هي عنصر هن جي هر مشاهدي کي ڇهن ٿا. انهن ۾ انسانيت ۽ سنڌ لاءِ بي حد محبت شامل آهي. هنن عنصرن کان علاوه به هن اندر گهڻو ڪجهه آهي. ”سادي ٻولي ۽ تصور، جنهن جي خوبين ۾نه صرف چٽائي ۽ خوبصورتي عيان آهن، پر ساڳي وقت ان اندر سيبتائي يا هم آهنگي به ملي ٿي، جيڪا هر فن ۾ ڪردار ۽ اظهار وچ ۾ هجڻ گهرجي.“ هڪ شاعر طور هن جو شان هن جي غير معمولي حسيت ۽ انجي اظهار کي فني ۽ سريلي ٻولي ۾ پيش ڪرڻ واري سوکڙي (ڏات) ۾ آهي. هن پنهنجي هر شاعراڻي عنصر کي هم آهنگيءَ جي فني پورڻتا جي تابع رکيو آهي. تاج پنهنجي ڪم ۾ انهن سڀني عام جذبن ۽ خيالن کي هڪ خوبصورت شڪل ۽ انفرادي اظهار ڏنو آهي، جيڪي هو اسان سڀني سان ونڊي ٿو. هنن خيالن کي هن جو نسل ڪائناتي سچ طور به وٺي ٿو. انهن خيالن اندر شديد جذبو تُز تصور سان گڏجي نئين ادب کي رومان پرورعنصر ڏئي ٿو. اهڙي قسم جي شاعري موضوعي ڳڻجي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان اندر جذباتي هيجان، تجربي جي طلب، هِن ياهُن قسم جي فراريت ۽ موضوع، ٻوليءَ جي استعمال ۽ بحر وزن جي حوالي سان روايت جي سنگهرن کان آزادي وارا عنصر اچي وڃن ٿا. هن جي اهڙي شاعريءَ ۾ شعريت جو انقلاب آسانيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. هو چٽي نموني الڳ ۽ انوکو ڏسجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هوبدبودار اصولن۽ ريتن ۽ موجوده ڪوڙهه ورتل سياسي منظرنامي کي ٿڏي ٿو ۽ جسم، فطرت، خوشبوء، ڇوٽڪاري ۽ آزادي کي رومان جي قلعي چاڙهي ٿو. هڪ شاعر طور هن جي مخصوص ڇاپ هن جو زبردست شعور آهي. هن جي شاعري تصور، چٽائي ۽ جرئت سان لبريز آهي ۽ اهو هڪ مسلسل عمل آهي. پنهنجي ڳوڙهائپ ۽ شاعراڻي جادو سان هن جون شعري تخليقون سڄي سنڌ ۾ يقينن مڃتا ماڻينديون. هن جا ڪجهه شعر رنگين چوڻين ۾ به ملبوس آهن. حب الوطني ۽ سڀيتائي اظهار جي وچ۾ هي هڪ واڌو جزو آهي. پنهنجي سطحي خوبصورتيءَ ۾ هن جا شعر دوکيباز سادگي وارا آهن. انهن اندر معنيٰ جي دولت سمايل آهي. جديد ۽ روايتي ٻوليءَ ۾، جوڙجڪ جي لحاظ کان، پيچيده شڪلين ۽ تصورن کي جاءِ ڏني وئي آهي. هي تصور صحتمند سنڌي روايتن ۽ ترقي پسند عالمي ادبي تحريڪن مان ڦٽا آهن ۽ انهن جو مرڪز انساني بقا ۽ ترقيءَ جو بنيادي تصور آهي. شاعراڻي دنيا جي نظرياتي آدرش ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته هر انفرادي شعر يا سٽن کي ڪنهن وڏي پس يا پيشمنظرکان هٽي، انهن جي پنهنجي خوبيءَ تي پرکيو وڃي. هن جي شاعري ۾، مختلف گهاڙيٽن ۽ معنيٰ سان، اهڙيون ڪيئي سٽون، شعر ۽ بند ٽڙيل پکڙيل آهن. سادي بحر ۽ اسلوب ۾ بند اهي خيال پنهنجي اندر پيچيدگي ۽ تفصيل سمايون ويٺا آهن. ڪجهه هنڌن تي هن پتڪڙي دنيا کي بلاغتي سينگار سان امير بڻايو ويو آهي. ٻوليءَ جي صنعت ۾ هو عمومي طوراستعاري جا انواع ۽ نفيس نمونا، تشبيهون، تمثيلون، مبالغو، ٻٽيون معنائون ۽ ٺٺول کي استعمال ڪري ٿو. جڏهن اشاريت سان ڀريل لفظن کي ڪم آڻجي ٿو، تڏهن اهي معنيٰ جا ڪيئي تهه پيدا ڪري شاعريءَ جي جمالياتي مزاج کي گهرو ڪن ٿا. جذبي، مزاج يا ذوق ذائقي جو خيال سنڌي شاعريءَ جي مرڪز ۾ آهي. تاج بلوچ پاڻمرادي جذبن جي ضروري خاصيتن کي ڪشيد ڪري، ڄاڻو پڙهندڙن اندر جمالياتي ردعمل کي جاڳائي ٿو. نوان خيال، تصور ۽ هنر جيترا سنڌي ڪلاسيڪل شاعري (شاهه، سچل، سامي) ۾ اهم هئا، ايترا اڄ به آهن. رسمي ٻوليءَ کي ماهراڻي طريقي سان لاڀائتو ڪرڻ به ڪلهه ۽ اڄ ۾ ساڳيو آهي. نظمن جا ڪجهه بند حيرت انگيز گهرائي ۽ ڳوڙهائپ جا مالڪ آهن، ڇاڪاڻ ته تاج بلوچ، منهنجي خيال ۾، سمجهي ٿو ته گهٻراهٽ، تانگهه، درد ۽ محبت جي روحاني مسرت انساني وجود جي مرڪز ۾ آهي ۽ ماڻهوءَ جي هر حالت ۾ انهن جو داستان پوشيده آهي. مون هن جي ڪجهه نظمن ۾ اڀاريل هن بدلجندڙ فطري دنيا (شهري ۽ ڳوٺاڻي) جي حسي اشارن جو مزو ورتو آهي. اهي سڀ ماڻهوءَ جي مزاجن ڏانهن وٺي وڃن ٿا. بائرن، شيلي، اياز، جوش ۽ مصطفيٰ زيديءَ جيان تاج جذبي اندر حسي صفتن (رنگ، سواد، اڻت، خوشبوء ۽ آواز) جي ڌوڻ کي اظهاري ٿو. ۽ خاص طور پنهنجي رومان پرور شعرن ۾ ان شاهوڪاريءَ جو حظ وٺي ٿو، جيڪا فطرت ۽ جسم مهيا ڪن ٿا. هو ڪوشش وٺي انهن خاصيتن کي هڪ ذائقي ۾ سٿي ٿو ۽ هڪ گهري جذبي ڀري فضا کي جنمي ٿو. خاصيتن جي هن سَٿڻ واري عمل ۾ئي ”فطرت ۽ شهوت“ جو گهر آهي، جيڪي نتيجي طور مردن ۽ عورتن اندر جوش جاڳائن ٿا. ٻهراڙين جي خاموش خوبصورتيءَ جو مشاهدو ۽ شهري زندگيءَ جي ڏکندڙ، بي رحم ۽ ظالم حالتن تاج کي فطري اڇل ۽ سوچ ويچار لاءِ مناسب ماحول مهيا ڪيو آهي، جنهن مان نفيس جل پرين جهڙا شعر ڦٽن ٿا. اهي شعر تجريدي فضوليت کان پاڪ معنيٰ، مقصد ۽ متن سان ڀريل آهن. انهن اندر ڇهاءَ، رنگ ۽ خوشبو جون سڀ شڪليون ۽ پاسا ملن ٿا. هن جي جمالياتي شعور ۾ حسي مشاهدي ۽ فطري ماحول (موافق يا مخالف) جا عنصر گڏيل صورت ۾ هر وقت موجود آهن، ڀلي انهن ۾ ڪيتري به تبديلي آندي وئي هجي. پنهنجي سڀني تخليقي ڪاوشن ۾ هو ڇوٽڪاري (مادي) جي اُونَ کي اظهاري ٿو ۽ هن جي خيالن پٺيان اهو ئي اتساهه آهي. شاعر نه صرف پنهنجي آزارن کي زبان ڏئي ٿو، بلڪه گڏو گڏ هو انساني بڇڙائيءَ سان آخري دمن تائين ٻکين پوڻ جي مضبوط خواهش جو اظهار به ڪري ٿو. هنن خيالن کي غيررسمي طور گڏڻ ۾ ئي هن جي انوکائپ نظري ٿي. ڪڏهن ڪڏهن مون اهو به محسوس ڪيو آهي ته هن جي شاعري جهيڙيندڙ لمحن ۽ ڇڪ جو هڪ پيچيده ڄار آهي. سندس شاعري خوبصورت ۽ مزيدار آهي، پر ان جي خوبصورتي ان وقت کاري کٽي ٿي وڃي ٿي، جڏهن هو بي رحم، گونگي ٻوڙي وقت جي ڦرڻي گهرڻي فطرت جي چٿيندڙ ٻوجهه کي محسوس ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ان ۾هن جو ساهه ٻوساٽجي ٿو ۽ هو ان اندر پنهنجي ڇسي جاءِ ڏسي ٿو. هن مرحلي تي هو ڀڙڪي پوي ٿو ۽ هڪ شرارتي ٻار ٿي ٿوري وقت لاءِ پنهنجو توازن وڃائي ٿو. هن عجيب ۽ ناخوشگوار رويي کي ضرور درگذر ڪرڻ گهرجي. اڄوڪي سنڌ فساد، بڇڙائي ۽ مسخري جي هڪ بيمثال دور مان گذري رهي آهي. هتي نفرت ۽ ٺٺول تفريح جو سامان ٿي پيا آهن. ان جو وجود ئي خطري ۾ آهي. امن ۽ پيار جي هن ڌرتي قبل از تاريخ کان وٺي اهڙو بڇان ڏياريندڙ منظر ڏٺو ناهي. ڪراچي ان جو مرڪز هوندي لڳاتار زهريلا بخار اوڇي رهي آهي. ۽ هتي تاج بلوچ جهڙا تخليقي روح پنهنجي ڌرتي ماتا جي ٻولي، عزت ۽ وجود بچائڻ لاءِ اڪيلي سر وڙهي رهيا آهن. ڏسندڙ اک اهو سڀ هن جي شاعريءَ مان چونڊي سگهي ٿي. عمده اسلوب جا جوشيلا عاشق سدائين مورکن جي ٺٺ جو شڪار رهندا آهن. تاج بلوچ اڪيلو شڪار ناهي. پوءِ به هو پنهنجي منفرد ٻوليءَ سان هڪ ئي سَٽ ۾ گند مان گل ڪڍندو ڏسجي ٿو. هن شان ڪمايو آهي ۽ ان جو حقدار آهي. ”ٻرندڙ سنڌ جي صدا“، هي اڻ گهڙيو وکر (جئين ڇسائي دعويدار آهي) وري جيئاري ٿو، وري ٻوٿ ڪاري ڇسائي آڏو اچڻ جي همت ڪري ٿو. هي لليپوٽين ڪردار مونکي اچرج ۾ آڻي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي نفرتن جا مزا وٺي ٿو ۽ ٺٺول هن جي شان ۾ اضافو ڪري ٿي. هن کان اڳ بودليئر، فراق، بائرن، منٽو، صافو، حافظ، شيخ ۽ ڪيترائي ٻيا اهڙي نالي ۾ نهال گرهڻي دور مان گذري پار پيا ۽ اڄ قدر ۽ سياڻپ جي چبوتري تي عزت ۽ تڪريم سان کڙا ڪيا ويا آهن. اسلوب جي پختائي، ٻوليءَ جي آوازن ۽ ردم جي شناس ۾ هن جا همعصر ڪورا آهن. هو ادارن، آمرن، وڏيري سياستدانن، سياستدان بدمعاشن ۽ ملن اندر هر قسم جي بڇڙائي ڏسي ٿو. هو ترقي ۽ خوشحالي جي رستي ۾ رنڊڪون ائين ڏسي ٿو، جئين هن کان اڳ شيلي پنهنجي دور جي گند کي ڏٺو هو. پڄاڻيءَ جي لفظن کان اڳ اوچتو ماضيءَ جي اڻپوريل تابوتن مان هڪ ڪرڻو نازل ٿيو آهي. چاهيان ٿو ته توهان به ان جو تاب پسو: ORPHEUS IN TATTERS Who is he, this passer-by? Crank, philosopher, wanderer, fool? The man in shaggy paint, in a torn greasy coat Shuffles along the crowded street. What thoughts, views, revelations? Clearly, he has great schemes in mind. How scared he is of human contact, The clumsy touch of other men. His mission is to engage us all In single combat, but he is so made, A mere piece of grit casually blown Off your sleeve might strike him dead اهو واٽهڙو ڪير آهي؟ ڪو مست، فلسفي، رولو، چريو؟ ڦٽل پراڻي پينٽ ۽ ڦاٽل ميري ڪوٽ ۾ گهٽيءَ جي ڳاهه مان گسڪا ڏيندي وڃي پيو ڪهڙا خيال، فڪر، انڪشاف؟ پڌرو آ دل ۾ اٿس وڏيون رٿائون ڇرڪي ٿو جو ماڻهن جي ڇهاءَ کان ٻين ماڻهن جي ڇسي ڇهاءَ کان هنجو مقصد ته آهي اسان سڀني کي هڪ ئي معرڪي ۾ ڦاسائڻ پر هو آهي اهڙو بڻايل جو بازوءَ جي هڪ گهڪي سان وڃي پٽ پوي