اسين اوهان کي هن اڱڻ تي ڀلي ڪار ٿا چؤن انشاءِ الله بهترين سفر جاري رهندو۔ جي سلام قبول هجي ته وسلام جي رام رام قبول هجي ته رام رام
ادي اُميد آهي ته هاڻ اوهان جي تعارف کان پوءِ هر سيڪشن ۾ اوهان جا موضُوع هوندا ۽ ٻين جي ونڊ ڪيل مواد تي قيمتي رايا هوندا۔ ڀلي ڪري آيؤ
ڀيڻ اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار هي فورم اسان سڀني سنڌين جو فورم آهي جيڪو سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاء ڪوشان آهي۔ اميد ته اسان سڀ گڏجي سنڌي ٻولي جو انٽرنيٽ تي وڏو ذخيرو گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب وينداسين۔
ڀليڪار ڀليڪار ڀليڪار ڀليڪار ڀليڪار ڀليڪار ڀليڪار محترمه شانتي سنڌو، توهان کي هن فورم تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا۔ اسان کي يقين آهي ته اوهان جو هن ساٿ ۾ شامل ٿيڻ سان اسان کي اوهان جي تحريرن ۽ رائي مان مستفيد ٿيڻ جو موقعو ملندو۔ هن پياري اڱڻ تي اوهان کي هر قسم جا معلومات سان ڀريل ليک ملندا، جيڪي سبني ساٿارين جي ڪاوشن جو نتيجو آهي۔ هن اڱڻ جو هر هڪ ساٿي پيار، محبت ،۽ عزت واري زنجير ۾ جڪڙيل آهي۔ هن اڱڻ تي ڪنهن به قسم جي غير اخلاقي سرگرمي اوهان کي نظر نه ايندي۔
لاڙ ڄائي اترادي پاران به توهان کي هن ڄاڻ جي اڱڻ تي ڀليڪار۔ اُميد ڪجي ٿي ته توهان پنهنجي علمي مهارت جو سجائتو اظهار ڪندو۔ سنڌ جو ڪو باب چاهي اهو اخبار هجي، رسالو هجي، ڪهاڻي هجي توڙي شاعري هجي يا علمي ڪاوشون هجن ، سنڌ جي هندو (واڻين) ڀائرن ۽ ڀينرن جي ذڪر کانسوا اڌورو ئي رهندو آهي۔ توهان هن سٿ ۾ شامل ٿي اهو خال ڀريو آهي۔ لک لائق ساٿ سلامت سنڌ ۽ سنڌي سلامت۔