منصور ميراڻي
سينيئر رڪن
اکيون
نثري نظم
منصور میراڻي
ڄامشوري ۾
روڊن تي ڪارن جون قطارون آهن،
۽ ڪارن ۾ اکيون آهن،
امڪان جي اٽڪاءَ تي بيٺل،
امنگون، اميدون اکين ۾ سمايل آهن،
اکين جو مينهن وسي ٿو پيو،
گلابي، شبابي اکين جو،
شرابي نشيلين اکين سان اٽڪاءُ ٿيندو.
نوابي، عزابي، ثوابي اکين ۾،
خوابن سان اڻيل عميق آهن،
بابي، امڙ جي پوڙهين اکين ۾،
هميشه دعا پئي دکي ٿي،
انهن جي دعا سان،
اکين ۾ ادائون ۽ رحمت ٻري ٿي،
ڪومل اکين ۾ چڀن ٿيون لوڪن جو ننگيون نگاهيون،
جڏهن اکيون ڪارن مان ٻاهر تڪين ٿيون،
حسن جي حرارت تي اکيون پگهرجي پون ٿيون،
جواني جي جوڀن سان نراليون نگاهون هڪ ٻئي کي ڏسن ٿيون.
روڊن تي رش ۾ رشتا جڙن ٿا اشارن جي بل تي،
اشارا تارن کي هڪ هنڌ بيهاري ڇڏين ٿا،
پل کن جي سفر کي سنواري ڇڏين ٿا.
درسگاھن جي درن تي بيٺل اکين ۾
ڪي التجائون ترين ٿيون.
آخر انتظاري به کٽندي،
ڪي خواب ٽٽندا ڪي ٿيندا ساڀيان.
6 آڪٽوبر ۔2013: ڄامشوري ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ جي حوالي سان لکيل نثري نظم.
نثري نظم
منصور میراڻي
ڄامشوري ۾
روڊن تي ڪارن جون قطارون آهن،
۽ ڪارن ۾ اکيون آهن،
امڪان جي اٽڪاءَ تي بيٺل،
امنگون، اميدون اکين ۾ سمايل آهن،
اکين جو مينهن وسي ٿو پيو،
گلابي، شبابي اکين جو،
شرابي نشيلين اکين سان اٽڪاءُ ٿيندو.
نوابي، عزابي، ثوابي اکين ۾،
خوابن سان اڻيل عميق آهن،
بابي، امڙ جي پوڙهين اکين ۾،
هميشه دعا پئي دکي ٿي،
انهن جي دعا سان،
اکين ۾ ادائون ۽ رحمت ٻري ٿي،
ڪومل اکين ۾ چڀن ٿيون لوڪن جو ننگيون نگاهيون،
جڏهن اکيون ڪارن مان ٻاهر تڪين ٿيون،
حسن جي حرارت تي اکيون پگهرجي پون ٿيون،
جواني جي جوڀن سان نراليون نگاهون هڪ ٻئي کي ڏسن ٿيون.
روڊن تي رش ۾ رشتا جڙن ٿا اشارن جي بل تي،
اشارا تارن کي هڪ هنڌ بيهاري ڇڏين ٿا،
پل کن جي سفر کي سنواري ڇڏين ٿا.
درسگاھن جي درن تي بيٺل اکين ۾
ڪي التجائون ترين ٿيون.
آخر انتظاري به کٽندي،
ڪي خواب ٽٽندا ڪي ٿيندا ساڀيان.
6 آڪٽوبر ۔2013: ڄامشوري ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ جي حوالي سان لکيل نثري نظم.