مست
سينيئر رڪن
واقعي هاڻ انڌا به ڏسي سگهندا۔۔۔ بلڪه ڏسن پيا۔۔۔
هي تصوير ڏسو۔۔۔
هي تصوير هڪ برطانوي فوجي گريگ لينڊ برگ جي آهي، جيڪو عراق ۾ ڊيوٽي ڪندي هڪ حملي ۾ پنهنجي قوتِ بصارت وڃائي ويٺو آهي۔۔ هاڻ برين پورٽ ڊوائيس جي مدد سان ڏسي سگهي ٿو، ڪو به لفظ پڙهي سگهي ٿو، خاڪا ٺاهي سگهي ٿو ۽ ڪنهن جي به مدد کان سواءِ گهمي ڦري سگهي ٿو۔
برين پورٽ ڊوائيس آمريڪا ۾ تيار ڪيو ويو آهي ۽ انڌن جي زندگيءَ ۾ انقلاب برپا ڪري رهيو آهي۔
هن ڊوائيس ۾ هڪ ننڍي ڪيمرا هجي ٿي، جنهن کي مريض جي چشمي سان جوڙيو وڃي ٿو، وري هن چشمي کي پلاسٽڪ جي هڪ چوسڻي سان جوڙيو وڃي ٿو ۽ مريض جڏهن اها چوسڻي وات اندر زبان تي رکي ٿو ته کيس ڏسڻ جي صلاحيت ملي وڃي ٿي۔ هي ڊوائيس تصويرن کي برقي حرڪت ۾ تبديل ڪري زبان ڏانهن سگنل موڪلي ٿو، جتي هن جي حرڪت سبب دماغ جو بصارت کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو حصو فعال ٿي وڃي ٿو ۽ ان شخص جي بينائي بحال ٿي وڃي ٿي۔