منظر : اکين جا قيدي منصور ميراڻي _________________________________ ريل هلڻ شروع ٿي ته ڦيٿن جا چيڪاٽ ٿيا ۽ جڏهن ريل پهاڙين منجھان گذر ڪندي ٻيڙي چوڪ کان نڪتي ته منهنجي دل مان چيڪاٽ نڪتا. اسر ويل جو خاموشي ۾ ٽرين جي ڦيٿن مان فوج جي پريڊ جو نڪرندڙ آواز..... آه، ڄڻ مان محاذ تي وڃي رهيو آهيان. کجين جي وڻن منجهان عمارتن جون نظر ايندڙ ٻٽيون بتيون مون کي ٻلين جي اکين وانگر لڳي رهيو هيون، ائين پئي محسوس ڪيم ڄڻ شهر جون سموريون روشنيون مون ڏانهن نهاري رهيو هيون. روهڙي جي شهر جي ٻاهران ، پهاڙين منجهان باءِ پاس روڊ گذري ٿو. ٽرين مان ان پهاڙي سلسلي جي ويجهو هڪ اوچي چمني نظر اچي ٿي جنهن ۾ غريب عوام جو رت چوسيو ويندو. شهر مان نڪريندي گھگھ اونداھ جو سلسلو شروع ٿيو، اونداھ جو ڊگهو سلسلو! اماس جون راتيون آهن، آڪٽوبر جي پنجين تاريخ آهي، اڃا تائين سياري جو ڪو اتو پتو ڪونهي، اڄ ڪالھ ٽرينون ٽائم تي ۽ موسمون دير سان ٿيون اچن. اڄوڪي ريل ڪراچي ايڪسپريس آهي. گھگھ اونداھ جو سلسلو ختم ٿيو، ريل خيرپور سينٽرل جيل وٽ پهتي. اها سينٽرل جيل جنهن ۾ ناز هاءِ اسڪول جو ايڇ ايس ٽي استاد علي حسن جاگيراڻي قيد آهي گذريل چار سالن کان بنا ڪنهن سبب جي. علي حسن جاگيراڻي علي شير حيردري جي قاتل جو ڀاءُ آهي، هو پاڻ قاتل نه آهي، هو ته هڪ سٻاجهڙو انسان آهي جيڪو صرف پيار جي ميڊيم ۾ ڪميونيڪيٽ ڪري سگهي. اهو علي حسن جاگيراڻي بيگناھ قيد آهي. ريل ٺيهڙي ڦاٽڪ ڪراس ڪندي، خيرپور جي ريلوي ٽيشڻ جا تاڪ ٽوڙيندي ٿي وڃي، بلڪل اهڙي طرح جيئن هندستان جي ڪمرشل فلمن ۾ هيرو جيپ تي سوار ٿي ولين جي گهر جي دوروازي جا تاڪ ٽوڙيندو آهي. ٽيشن کان ٻاهر نڪرڻ سان منهن ۾ پاسڪو وارن جو ان جو گدام آهي.. پهاڙ جڏين گندين کي ڏسي مونکي امان ۽ ڏاڏي جي هٿن جي ڳوهيل مٽيءَ سان ٺهيل ليپي واريون گنديون ياد اچي ويون. اوڀر جاڳيو ۽ آسمان زمين کي چمي ڏني ۽ محبوبا جي سرخ چپن جي جهڙي ڳاڙهاڻ ڇائنجي وئي. اونداھ غائب ٿيڻ لڳي، لاوارس چمن جا غير آباد ڪلراٺيل ميدان ظاهر ٿيڻ لڳا. ٽيشڻ جي ويجهو ڇتين بنا گودامن ۾ پيل مال موسمي، هواءِ ۽ سج جي روشني لڳڻ سبب خراب ٿي رهيو آهي. ريل جي پٽڙي جي ويجهو ڪچن رستن تان گذرندڙ چوپائي مال جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل گهنڊ ٻڌي سگهبا آهن ۽ گھنڊ اهڙي طرح وڄندا آهن جيئن ٽريفڪ ڪانسٽيبل ٽريفڪ کي بيهارڻ ۽ چالو ڪرڻ لاءِ سيٺي وڄائيندو آهي. خيرپور ضلعي ۾ چادر وانگر وڃايل کجين جي وڻن منجهان پکي پرند پنهنجي ٻچڙن لاءِ کاڌ خوراڪ گڏ ڪرڻ لاءِ نڪري رهيا هوندا آهن ۽ وڏي آزادگانا انداز ۾ پنهنجي پرواز جو اعلان ڪندا آهن. مونکي فطرت جي رنگن سان محبت آهي، فطرت جا رنگ مونکي پنهنجي ننڍپڻ جي پينسل ڪلرز وانگر پيارا آهن، جن کي وڏي نزاڪت سان سنڀالي رکندو هئس. مونکي سج کي اڀرندي ڏسڻ جي وڏي تمنا هوندي آهي ۽ اها تمنا ڪڏهن ڪڏهن آساني سان ته ڪڏهن وري پنهنجي ننڊ جي قرباني ڏيڻ کانپوءِ نصيب ٿيندي آهي. سج اڀرڻ جو عمل منهنجي نظر ۾ جنم وٺندڙ نئين ٻار جهڙو هوندو آهي. ٻار، ماءُ پيءُ جي چميءَ سان ٿو جنمي ۽ سج آسمان ۽ زمين جي چميءَ سان ٿو جنم وٺي. راڻپور ٽيشڻ کان اڳتي ڪافي مفاصلي تي ووڻن جي فصل تي نظر پئي ٿي، گوگڙن مان نڪرندڙ اڇا ڦٽ، نوجوان ڇوڪري جي نڪ جي ڦلي لڳن ٿا جيڪي اڃا پٽڻ جي لائق نه ٿيا آهن. ڍورن ۽ ڍنڍن ۾ بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪچي سج جا عڪس آهن جن سان اهي ڍنڍون ڍورا، ڊاڪٽر محمد علي ڀٽيءَ جو ڪئنواس لڳن ٿا ۽ زمينن جي ساوڪ هارين جي هٿن سان ٺهيل واٽر پئنٽ وانگر آهن. سفر هلندو رهي ٿو ۽ ريل ڪيتريون ٽيشڻون پوئتي ڇڏي ٿي وڃي. لاکا روڊ کان پڊعيدن تائين مون کي رستي ۾ واريءَ جا دڙا نظر آيا، منهنجي خيال ۾ درياھ جو پراڻو وهڪرو ٿي سگهي ٿو. پر ايتري وڏي علائقي ۾!؟ جڏهن ڪوچ تي سفر ڪندو آهيان تڏهن به قاضي احمد ۽ دولتپور صفن انهن جي ويجهن علائقن ۾ ساڳيا ئي واريءَ جا دڙا ڻظر ايندا آهن. مان جڏهن مير رڪڻ جو دڙو گهمڻ لاءِ ويو هيس، ته پنهنجي دوست جي ڳوٺ رهيو هيس، جيڪو دولتپور صفن کان اوڀر اتر طرف ڪجھ ڪلوميٽرن مفاصلي تي آهي. مون تقريبن سموري علائقي اهڙا واريءَ جا دڙا نظر آيا. هر ٽيشڻ تي ريل رڪڻ کانپوءِ جڏهن وري آهستگيءَ سان چرڻ شروع ڪندي آئي ته آرمي جي پريڊ جا پڙاڏا منهنجي ڪنن تي ٿي پيا ۽ هر بار مونکي ائين محسوس ٿيو ڄڻ مان ڪنهن محاذ ٿي ويندو هجان. نوابشاھ کان اڳ حبيب شگر مل ايندي آهي، جنهن مان نڪرندڙ ڪيميڪل وارو پاڻي، ريولي لائين جي ڀرسان ڌورن ۽ کاهين ۾ جمع ٿيندو آهي. ڪيميڪلن سان ڀرپور زهرليو پاڻي، جاندار توڙي بي جان شين لاءِ نقصان ڪار آهي. مون سوچيو پئي ته جيڪي ڳوٺ ان پاڻي جي ويجهو آهن انهن سان ڪهڙي حالت هوندي. سڪي ويل پاڻي ۾ ڪمند جا ڇلڙ هوندا آهن، اهي ڇلڙ ڪمند جا نه پر غريب مزدورن ۽ هارين جا چوسيل هڏ محسوس ٿيندا آهن ۽ اهو بدبوءِدار ڪيميڪلن وارو پاڻي انهن مزدورن جي جسمن مان نپوڙيل رت هوندي آهي. سج جوان ٿي رهيو آهي ۽ سندس طبيعت ۾ تلخي محسوس ڪري سگهجي ٿي. اسر ويل پکي پرند پنهنجي آکيرن مان نڪتا ته ٻارڙا به ڏينهن ٿيڻ سان سائيڪلن تي سوار ٿي ڪوهين ڏور اسڪول پڙهڻ لاءِ وڃن ٿا. هو هر لحاظ کان اتم آهي، ڇو ته هو ڄاڻن ٿا هو جيڪڏهن علم کان لنوائيندا ته پوئتي رهجي ويندا. هو علم پرائڻ لاءِ ڏور ڏور تائين وڃن بلڪل انهن پرندن وانگر جيڪي پنهنجي ٻچڙن جي پيٽ لاءِ جبل جهاڳين ٿا.