منصور ميراڻي
سينيئر رڪن
نثري نظم
وِشال سُرمَئِي آسمانَ جِي ڪَشش،
مونکي پاڻَ ڏانهن ڇِڪي رَهي آهي،
جِيئن چَقمَقُ لوھَ کي ڇِڪِيندو آهي،
سِڪايلَ ماءُ وانـگـر ،
جيڪا پَنهِنجي وِڃايــَلَ ٻـار کي پُـڪاري ٿي،
ائين ئِـي مـونــکي،
ڪَـهِـڪَـشائـوُن ۽ کِيـرَ ڌارائُـــون،
پُــڪارين ٿـِـيوُن،
۽
مان پَـنـهِـنــجـِي بَـندِ اکين سان،
وَٽَنِ اڏامِي وَڃا ٿو،
جـِتي مُـنـهِـنـجـي خوابَن جي تعبـِير لِـکيلَ آهي،
مان اَڻـوهُوندجي سمُـنڊ ۾،
تَـرنـدي، غَوطا کائِـيـنـدي ٻُـڏي وَڃا ٿو،
۽
پـَنـهِـنـجو وَجودُ وِڃائِـينـدي،
بـَقـا ۾ فَنا ٿِي وَڃا ٿو.
منصور ميراڻي
وِشال سُرمَئِي آسمانَ جِي ڪَشش،
مونکي پاڻَ ڏانهن ڇِڪي رَهي آهي،
جِيئن چَقمَقُ لوھَ کي ڇِڪِيندو آهي،
سِڪايلَ ماءُ وانـگـر ،
جيڪا پَنهِنجي وِڃايــَلَ ٻـار کي پُـڪاري ٿي،
ائين ئِـي مـونــکي،
ڪَـهِـڪَـشائـوُن ۽ کِيـرَ ڌارائُـــون،
پُــڪارين ٿـِـيوُن،
۽
مان پَـنـهِـنــجـِي بَـندِ اکين سان،
وَٽَنِ اڏامِي وَڃا ٿو،
جـِتي مُـنـهِـنـجـي خوابَن جي تعبـِير لِـکيلَ آهي،
مان اَڻـوهُوندجي سمُـنڊ ۾،
تَـرنـدي، غَوطا کائِـيـنـدي ٻُـڏي وَڃا ٿو،
۽
پـَنـهِـنـجو وَجودُ وِڃائِـينـدي،
بـَقـا ۾ فَنا ٿِي وَڃا ٿو.
منصور ميراڻي