ساٿيو ويجها اچو۔۔۔ تاج بلوچ لفظ “سوجهرو” مرحوم سرڪي صاحب جو تجويز ڪيل آهي . اسٽيبلشمينٽ جي سياسي ارهه زورائي ۽ دٻڙ ڌؤنس کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان نوجوانن، ڪراچي يونيورسٽي ءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي سينيئر دوستن، روشن کهاوڙ، ستار قادر ميمڻ ۽ ٻين جي واهر سان 1962ع ڌاري سنڌي شام جو اهتمام ڪيو. انهي شام ۾ سڄي سنڌ آئٽجي پئي هئي . اديب، شاعر، نقاد، فنڪار، صحافي، شاگرد اڳواڻ، بزرگ، عورتون ٻار ۽ ٻڍا سڀ هڪ جذبي سان سمجھي ڪراچيءَ جي رستن تي پاڻيءَ جي ڇرجيان ڇانئجي پيا ها. پريم جگيشيا ۽ هڪ ٻن ٻين دوستن جي ساٿ سان هڪ ياد گار مخزن، موقعي جي مناسبت سان ڪڍڻ جو خيال ظاهر ٿيو .ان لاءِ سرڪي صاحب وٽ لنگهي ويا سين .لفظ،“سوجهرو” ٿڏي تي ئي سرڪي صاحب تجويز ڪيو. سستائيءَ جو زمانو هو، اڇو ڪاغذ ستين روپين ۾ ريم ملندو هو. امپورٽيڊ ڪارٽيج پيپر پندرهن روپين ۾ ئي 36x23 جو امپورٽيڊ آرٽ ڪارڊ جو 100 شيٽن جو پاڪيٽ 25 کان 30 روپين ۾ دستياب هوندو هو. اسان ضخيم مخزن ڏهن هزارن رپين ۾ ڇپائي پڌري ڪئي، ان جو مواد ظالم قوتن خلاف پڻ ڀرپور آواز ٿي اڀريو. شيخ اياز جي وائي “سهندو ڪير ميار،” پهريون ڀيرو اسان سوجهرو ۾ شايع ڪئي، جيڪا هڪ قومي ۽ انقلابي گيت جيان سنڌ جو قومي ترانو بڻجي پئي پر بدنصيبي آهي ته شيخ اياز جنهن مهڙ کان ئي انقلابي قدم کڻڻ ۾ پيش رفت ڏيکاري هئي پر شهرت ۽ ڏوڪڙ ڪٺي ڪرڻ کانپوءِ هن جو رويو، سڀاءَ ۽ ڪارڪردگي جيئن پوءِ تيئن ڏکوئيندڙ ثابت ٿي. اياز نوجوانن ۾ جيترا امنگ پيدا ڪيا، ان کان وڌيڪ هن سنڌ جي نوجوانن ۽ ايندڙ ٽهيءَ کي مايوسين ۾ به مبتلا ڪيو. سرڪي صاحب، پردي جي پويان ويهي ڏاڍي خاموشيءَ سان اسان جهڙن اڻ پڙهيلن، جذباتي ۽ ايٿرين نوجوانن جي رهنمائي ڪئي ۽ اسان کي منزل طرف هڪ حڪمت عملي سان اڳتي وڌائڻ لاءِ جاکوڙيو. 66-1965 ڌاري ڪراچيءَ ۾ 10 سالن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ سنڌ سنگت جي سالياني ڪنوينشن جي پويان پورهيو اسان ڪارڪنن جو هو پر سڄي حڪمت عملي ۽ سڀاويڪ سوچ سرڪي صاحب جي هئي، جو شمشيرالحيدريءَ جهڙي غير فعال ۽ مڇڏو کان سنگت جي تنظيم کي ڇوٽڪارو مليو. سرڪي صاحب اڻلکائتي نوع ۾ هڪ برجستي استاد جيان دڳ ٻڌائيندو هو ۽ سوڀ حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڇاتيون اسان جو تاڻجي وينديون هيون. ون يونٽ جي ڪاغذن تي ٽٽڻ بعد اسان ڪراچي سنگت طرفان پهرين جولاءِ 1970ع تي جشن سنڌ جو پروگرام رٿيو. بندر روڊ تي سرڪي صاحب جي آفيس جي پاسي ۾ ٿياسافيڪل هال بڪ ڪرايو سين، جنهن ۾ اٺ سئو ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي . سڀ ساٿي جاکوڙ سان پروگرام لاءِ ڏوڪڙ پني آيا، ان پن جي پويان به وڏو هٿ سرڪي صاحب جو هو. برانچ جي جوائنٽ سيڪريٽري اقبال جتوئي کي چندي ۾ تيرهن سو روپيا مليا، جيڪي هن عين وقت تي اهو چئي نه ڏنا ته سندس ايترو خرچ ڀاڙن ڀتن تي اچي ويو آهي!! آءٌ سيڪريٽري هوس، اهو ٻڌي منهنجا دوڏا ٻاهر نڪري آيا، سرڪي صاحب پنهنجي خاص انداز سان مون کي چپ ڪرائي.۽ تيرنهن سؤ رپيا بروقت کيسي مان ڪڍي ڏنا. سنگت جي انهيءَ پروگرام ۾ سائين جي ايم سيد مالي ۽ اخلاقي مدد ۽ پروگرام ۾ ذاتي طور شرڪت جي ڪري پروگرام ڏاڍو شاندار ٿيو. انهيءَ پروگرام ۾ ان وقت جي مشهور فنڪارن غزالا رفيق، روبينه، محمد يوسف، عبدالله پنهور ۽ ٻين رضاڪارانه طور تي بهرو ورتو ۽ اهو پروگرام ڪراچيءَ جي ماڻهن کان نه وسريو هوندو. ان پروگرام ۾ لالو کيت جي ٻن 12، 12 سالن جي غير سنڌي نياڻين ڪوپ جي ساسر تي ڌار ڌار “اونداهيءَ کان روشني” ۽ “غلاميءَ کان آزادي” ڏانهن سفر جي سري هيٺ رقص پيش ڪئي ۽ فنڪشن کي جهومائي ڇڏيو. انهيءَ فنڪشن مان سنگت کي 600 روپيا بچيا ۽ انهن ڇهن سون ۾ 300 روپين جا اشتهار اوڳاڙي اسان“ سنگت هڪ ادبي تحريڪ هڪ نئين تاريخ” جي عنوان سان 86 صفحن جو ڪتاب ڇپرايو، جنهن ۾ سنگت جي تحريڪ بابت هٿ آيل مواد شامل ڪيو ويو. منهنجي تندي ۽ تلخيءَ کي سچائيءَ جي بنيادن تي پسند ڪندو هو ۽ ڏاڍو ڀائيندو هو،آئون به کيس پنهنجي وڏي جي حيثيت ۾ مان ڏيندو هوس. هو گرمين جي موڪلن ۾ هر سال آمريڪا ويندو هو ۽ واپسيءَ تي مون لاءِ گهربل ڪتابن جون سوکڙيون آڻيندو هو. هن ڀري به مون لاءِ مشهور آمريڪي شاعر والٽ وٽمئن جو ناياب شعري مجموعو گراس ليوس آندائين، جيڪو پاڪستان ۾ ڪٿي به موجود ناهي ۽ اهو نئون ايڊيشن آهي جيڪو سال ڏيڍ کن اڳ نئين سر شايع ٿيو آهي ۽ ان ايڊيٽيڊ آهي. ون يونٽ جي قيام وقت ئي سرڪي، اياز ۽ ٻين دوستن جون ڪميونسٽ پارٽي لاءِ همدرديون پارٽي اڳواڻن جي ڊرائنگ روم واري ڪردار باعث ختم ٿي چڪيون هيون ۽ هيڏانهن پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن لاءِ اسان جي ٿڻن مان کير وهڻ بس ئي نه ٿي ڪئي. پر سرڪي صاحب ڪڏهن به اسان جي فنڪشنري هجڻ تي اعتراض نه واريو، الٽو صلاحون ڏيندو هو ته هڪ سچي مارڪسواديءَ جيان ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ اسان پنهنجي نوجواني انهيءَ پاڇي پويان ڳاري پنهنجو ذاتي آئيندو داءَ تي لڳائي ڇڏيو. هي ته اسان جا ڀاڳ ڀلا هئا جو وڃي ڪنهن ڀيڙا ٿيا سين. سرڪي صاحب 1948ع ۾ شيخ اياز جي همٿائڻ تي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو .هن جون ڪامريڊ اشرف علي (جيڪو پارٽي ميمبر نه هو) ۽ سندس ننڍي ڀاءُ ولايت علي ( پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن ) ۽ ٻين ساٿين سان ملاقاتون ٿيون.حالانڪه شيخ اياز اسان جي سوٽن محمد علي بلوچ ڪيفي وارن سان گڏ ايم اين راءِ جي ريڊيڪل تحريڪ ۾ هو ۽ پارٽيءَ جو همدرد ليکيو ويندو هو. 1950ع ۾ جڏهن انجمن ترقي پسند مصنفين جو لاهور ۾ اجلاس ٿيو ته سرڪي صاحب سنڌي اديبن جي نمائندي جي حيثيت ۾ انهيءَ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.اها ڪانفرنس لاهور جي هڪ اوپن ٿئيٽر هال ۾ چئن ڏينهن تائين جاري رهي، جنهن ۾ هند ۽ پاڪ جي سينيئر ڪامريڊ اديبن جهڙوڪ جانثار اختر، سردار جعفري، عارف متين، ظهير ڪاشميري، نديم قاسمي ۽ ٻين شرڪت ڪئي .هن کان اڳ انجمن جون ڪراچي ۾ هفتيوار تنقيدي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جنهن ۾ نياز همايوني، تاج محمد ابڙو، اياز قادري، محمد بخش انصاري ۽ ٻيا نوجوان شريڪ ٿيندا هئا ۽ اهي نوجوان پنهنجي باعزت جياپي لاءِ ان دؤر جي اسٽيج ڊرامن ۾ به بهرو وٺندا هئا. ان دؤر ۾ سجاول جي خاص البيلي طبع واري هڪ نوجوان ساقي سجاولي “اهل قلم” نالي رسالو جاري ڪيو، ساقي مرحوم سٿنڻ تي ٽائي لڳائي ڪهاڻيون لکندو ۽ خاص طرح سان خليل جبران جا اردوءَ مان ترجما ڪندو هو. سرڪي صاحب پارٽيءَ جي هڪ هفتيوار اخبار “صداقت” ۾ مئنيجر طور به ڪم ڪيو ۽ 1956 ع ڌاري سنڌ سنگت جي مدرسي واري اجلاس ۾ چونڊن جو حوالي سان سنگت جي هارڊ لائينرس جي سپا ءَ جي ڪري خفا رهيو، ڇاڪاڻ ته هن حفيظ شيخ جي ڀيٽ ۾ اياز قادريءَ کي موزون پئي سمجهيو، سنڌ ۾ سرڪي هڪ ذات آهي، نور الدين سرڪي جي اعليٰ ۽ بي مثال شخصيت تي اها ذات، ذات بدران سندس نالو بڻجي پئي، هو نوجوانن جي تعليم ختم ڪرڻ کان اڳ سياست ۾ پهري وٺڻ جي خلاف هو. سرڪي صاحب خوبصورت مترجم ۽ شاعر هو، هن کي فارسي شاعريءَ سان ڏاڍو لڳاءُ هوندو هو ۽ موقعي مهل جي مناسبت سان فارسيءَ جا شعر ٻڌائيندو هو، هن جو شعري ذوق بي مثال ۽ خوبصورت هو، پر هن ڪڏهن به ان شيءِ کي ڪل وقتي نه بنايو، ڪل وقتي عمل هن نوجوانن جي علمي ۽ عملي تربيت کي بڻايو. 26 سيپٽمبر 2007 ڌاري شام جو مون کي سرڪي صاحب جي آفيس ۾ گولڊن جوبلي ڪانفرنس جي تياري گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻو هو، مون سيال کان ”سوجهرو“ جي آڪٽوبر واري شماري جي اخري مرحلن واري تياري جي ڪري معافي گهري ۽ کيس چيو ته فيصلن جي ڪاپي مون کي سرڪي صاحب جي آفيس مان فيڪس ڪري ته جيئن ان کي آڪٽوبر واري سوجهرو ۾ شامل ڪجي، هن دير ڪئي مون فون ڪيو ۽ ذوالفقار سيال لاءِ پڇيو، سرڪي صاحب فون کنيو ۽ چيو ڇو تون نه آئين؟ چيم ته ڪمپيوٽر مان آڪٽوبر جي پرچي جي صفحا ترتيب ڏيو پيو ڪڍان، ڇڏ صفحن کي هڪدم آيو گهرجين، هن پيار واري دڙڪي سان چيو، سندس حڪم تي ائون ڊوڙندو سندس آفيس ۾ پهتس. اکين ۽ چپن جي مرڪ سان هميشه جيان ساڳي آجيان ڪيائين، جنهن ۾ پاٻوهه اڳي کان به وڌيڪ هو، 27 سيپٽمبر جي صبح جو ساڍي اٺين بجي راتوڪي اوجاڳي سبب الوٽ پيو هوس ته يار خالق جوڻيجو جو فون آيو، تاج سرڪي صاحب اسان کان وڇڙي ويو.ننڊ اڏامي وئي اهي ويساهه ئي نه ٿو اچي ته هو ڪو اسان کان وڇڙي ويو آهي، منهنجن ننڊاکن نيڻن جي پلڪن تي هن جي عذل جا بند جرڪڻ ڪڳا آهن. ساٿيو آواز ڏيو آهيو، ڪٿي ويجها اچو گڏ ٿيو ڪاڳڻ ڪيو ڪو پهه پچائيندا هلو. ڪين گهرجي ٿي اسان کي هيءَ اڌاري ڪائنات آسمان پنهنجو زمين پنهنجي بڻائنيدا هلو. شڪارپور شهر جي پاڙي ڪڙي نواب خان کانپوءِ جنهن محلي سان منهنجو وڌ ۾ وڌ سارون سلهاڙيل آهن سو آهي ڪڙي عطا محمد خان مان پنهنجي ماضيءَ جون کڙڪيون جڏهن به کوليان ٿو اهي ٻئي پاڙا سڀ کان اڳ اچي آڏو بيهن ٿا، اهي پاڙا شهر سان ڳنڍيل به آهن ته ڇڳل به جھڻ ته ٻه طلسمي چپ چپاٽ جي ور چڙهي ٿيون وڃن، جھڻ وستين جي واسين کي ننڊ اچي وئي هجي . گول مارڪيٽ کان سڪيل ڏانهن ويندڙ سڙڪ وچ اتي اچي ٻه شاخون ٿي وڃي ٿي ۽ سڙڪ جي هڪ شاخ نانگ وانگي وروڪڙ کائي ڪڙي عطامحمد خان ڏانهن ٿي وڃي، اوڏانهن ته مردار گهٽي به وٺي ٿي وڃي، پر هڪ رستو امين شاهه چشتي واري مقام کان به اچي ٿو نياري ڳالهه اها آهي ته اهي ٽيئي رستا اچي سرڪين جي گهرن وٽ ساهي پٽين ٿا، جن منجهان هڪ ۾ سنڌ جو برک وڪيل دانشور ۽ اديب سائين نورالدين سرڪيءَ جنم ورتو. سرڪي صاحب جيڪو سنڌي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙ منجهان هڪ هو، سو نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي رهمنائي ڪندي سياسي ڪارڪنن جا مقدما مفت وڙهندي ۽ ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي ۾ موجود پير اڊائيز چيمبرس منجهان هڪ ۾ پنهنجي جونيئرس کي هدايتون ڏيندي لاڏاڻو ڪري ويو، ته ايئن لڳو ڄڻ سنڌ ڌرتيءَ کان دانهن نڪري وئي هجي. نورالدين سرڪي صاحب جهڙو رلڻو، ملڻو ۽ کلڻو ماڻهو ائين هميشه لاءِ موڪلائي ويندو، سا ڳالهه منهنجا من قبول ئي نه ٿو ڪري، اهو پيءُ جهڙي شفقت ڏيندڙ شخص جنهن کي مان رات ٽاڻي فون ڪري هجتون ڪندو هوس ۽ سندس بي پناهه مصروفيتن دوران رنڊڪون وجهي کانئنس پيار ۽ پاٻوهه وٺندو هوس، تنهن جو لاڏاڻو مون کي اڃا مڃڻ ۾ نه ٿو اچي رات پڄاڻيءُ تي پهچي ڏينهن کي جنم ڏئي ٿي ۽ ڪاري چادر تاني سمهي پوي ٿو، پر نور الدين سرڪي صاحب جو مرڪندڙ مک منهنجي اکين! مان تصور ئي تصور ۾ سرڪي صاحب سان پيو ڳالهايان، ڄڻ آڏو آهي سندس روح سان ڳالهائيندو هجان، سرڪي صاحب اوهان 26 سيپٽمبر تي لاڏاڻو ڪري ويا آهيون پر سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به اوهان بابت ڪو مذاڪرو، ريفرنس يا وڏو تعزيتي اجلاس ناهي ٿيو، هو موٽ ۾ کلي ٿو، شاهه صاحب مون ته هميشه نوجوان اديبن ۽ شاعرن سان ڪچهرين کي ئي اوليت ڏني آهي، جڏيو وڏي اجلاس کي ڪا ڪچهري ٿا ڪيون.پر ڪچهري ڪنهن سان ڪيون؟ سرڪي صاحب اوهان الائي ڪيڏانهن هليا ويا آهيو؟ مان سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جي سيڪريٽري عديل مهر سان ٿوملان، سرڪي صاحب تي ڪو ريفرنس ڪوٺائجي، ڪيئن ٿو ڀائين؟ پوءِ ريفرنس بابت هوم ورڪ جي رٿا بابت ويچار ٿا ونڊيون، سکر مان ادل سومرو ۽ اياز گل کي سڏائينداسون، پر ساڻ مشتاق ڦل کي به سڏبو، باقي کڻي تاج جوئي ۽ ذوالفقار سيال کي نٿا سڏايون، سنڌي ادبي سنگت جي ٻن ڌرن جي ڄنڊا پٽ اتي به ڪر کڻي بيهي رهندي، سچل ڪانفرنس ۾ ئي نه ٺهيا ته اسان وٽ ڪيئن گوڏا گڏي ويهندا؟وڃون ٿا سائين خليل مورياڻيءَ ڏانهن هو چوي ٿو توهان پنهنجي دستوري ويهڪ کي تعزيتي ويهڪ ۾ تبديل ڪيو سو ٺيڪ ڪيو، توهان دلجاءِ ڪيو، سرڪي صاحب تي ريفرنس شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي جي پليٽ فارم تي ڪوٺائبو، مون کي اچرج ٿو وٺي وڃي، سرڪي صاحب ايڏو تڪڙو تورايخ جو حصو ٿي ويو ڇا؟
نور الدين سرڪي صاحب صاحب جهڙا ئي ماڻهو آهن جن سنڌ لاء پتوڙيو آهي۔ تاج صاحب سنڌ جي هڪ يادگار شخيت بابت لکيو آهي۔