• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊرائيور دوستن کي صلاح

نثارابڙو

نائب منتظم
[FONT="Al_Mushaf"]بسم الله الرحمن الرحيم
السلام عليكڪم ورحمة الله وبرڪكاته

الحمد لله رب العالمين و الصلاة و السلام على اشرف الأنبياء و المرسلين[/FONT]
گهر پهچڻ جي جلدي نه ڪريو ..... پر خئير سان پهچو اوهانجي اولاد کي اوهانجي ضرورت آهي
اوهين پنهنجي ڪار کي آرام ۽ سڪون سان هلايو

ڀلا جلدي ڪرڻ سان صرف چند گهڙين جو ئي فائدو آهي نه ڪيترو وقت بچندو؟
جيڪڏهن اوهان 120 ڪلوميٽر جي رفتار سان گاڏي هلايو يا وري 160 ڪلوميٽر جي رفتار سان گاڏي هلايو ته ڪيترو فرق ٿيندو صرف 13 منٽ جو ...!!!
هيٺ ڏسو
1
جيڪڏهن 160 ڪلوميٽر هڪ ڪلاڪ جي رفتار سان هلندا ته
هڪ ڪلوميٽر توهان 2.66 منٽن ۾ طع ڪندا
100/2.66برابر ٿيو 37.5 منٽ
160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ويندا ته 100 ڪلوميٽر طع ٿيندا 37.5 منٽن ۾
2
جيڪڏهن 120 ڪلوميٽر هڪ ڪلاڪ جي رفتار سان هلندا ته
هڪ ڪلوميٽر توهان 2 منٽن ۾ طع ڪندا
100/2 برابر ٿيو 50 منٽ
120 ڪلوميٽر في ڪلاج جي رفتار سان ويندا ته 100 ڪلوميٽر طع ٿيندا 50 منٽن ۾
فرق ڇا ٿيو ؟ 50-37.5 برابر 12.5 منٽ
اوهين ڇو صرف 13 منٽن لئه پنهنجي جان وڃايو، اوهانجي جان انهن لمحن کان گهڻو قيمتي آهي ...
 
جواب: ڊرائيور دوستن کي صلاح

سائين ميٿ ۾ اونئن ته صفا جڏا آهيون۔۔ پر هتي مڙئي ڳالهه ڪجهه سمجهه ۾ اچي پئي۔۔۔ اسان جا ڊرائيور حضرات جيڪڏهن تڪڙ کان ڪم نه وٺن ته روزانه ٿيندڙ حادثن جي شرح ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي۔۔
ٻه ڏينهن اڳ لڪي شاهه صدر وٽ وين ۽ ٽرڪ منجهه ٿيل حادثي ۾ 16 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا، جن ۾ اسان جي پاڙي جو هڪ نوجوان ڇوڪرو پڻ هو ۽ ٻيو وري ڦاٽڪ جو هڪ سيد جيڪو اسان جي ٽيچر جو ڀاءُ پڻ هو موت جي منهن ۾ هليا ويا۔۔
حياتي تي ته ڪو ڀروسو نه آهي پر ڪم از ڪم بي احتياطي جي نتيجي ۾ ته نه وڃي۔۔۔۔
It is better to reach late , than never
 
جواب: ڊرائيور دوستن کي صلاح

سائين تڪڙ ائين به چڱي ڪانهي پر ماڻهو گاڏي ۾ ويهي ٿا ته ان وقت دماغ ۾ هوا ڪجهه وڌيڪ ڀرجيو وڃي هڪ ٻئي جي ريِس تي رَيس ۾ ويندا وڌندا تانجو خبر پوي ته گاڏي مٿي نموني سان بيهي ٿي رهي انسان جي زندگي جي گاڏي به ان گاڏي سان ئي بيهي ٿي رهي اهڙي تڪڙ کان الله بچائي ۔ الله پنهنجي امان ۾ رکي۔ سائين اوهان جي مهرباني جو اوهان سهڻي نصيحت ڪئي هاڻي انشآء الله گاڏي آهستي هلائبي ۔
 
Back
Top