دوستو اسلام عليڪم سنڌي ٻولي سنڌي ادب سدا آباد رھن مڻھجو تعلق ضلعي سانگھڙ سان آھي سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪيل آھي ادب سان بي انتھا محبت آھي انٽرنيٽ تي سنڌي ڪتابن جي ويب سائيٽن جي ڳولا ڪندي سنڌ سلامت تي اچي نڪتس سچ پڇو ت بيحد خوشي ٿي ۽دل مان اھا دعا نڪتي ت جن دوستن ھن سٿ ۾ حصو ورتو تن کي ۽ خاص ڪري سائين سليمان وساڻ صاحب جن کي ڌڻي سائين ٻئي جھان خوش رکي آمين
اديب دوست عبدالغفور رند کي سنڌ سلامت اچن تي دل سان ڀليڪار ڪجي ٿو اميد ته سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو
ادا ڀلي ڪري آيا جي ڪري آيا اسان جي اڱين تي سائين اوهان علم جا ڊاڪٽر آهيو اسان بي ادبي جي مريضن کي برداشت ڪجو ۔ وسلام
ڀلي ڪري آيا۔ سنڌ ۾ مهمانن کي ڀليڪار چئبي آهي۔ جي ۾ جايون ڏبيون آهن۔ برداشت جي وري ڪهڙي ڳالهه آهي۔ اُميد اٿئون ته پنهنجا ويچار ونڊيندؤ ۽ بين جي خيلان تي رايا ڏيندوؤ
سنڌ ادب جي پارکو سائين غفور رند صاحب کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته اسان جا سٻاجهڙا سنڌي هاڻ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي به سهيڙي رهيا آهن۔ منهنجو ايمان آهي ته اهي قومون ۽ ٻوليون سدائين بقاء رکنديون جيڪي وقت سان گڏ ترقي ڪن ٿيون۔ ٿورائتا آهيون سائين ماجد ڀرڳڙي ۽ اياز شاهه صاحب جا جنهن سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي آڻي اسان لاء سهوليتون پيدا ڪيون۔ هاڻ اسان جو اهو فرض آهي ته ٻولي لاء ڪجهه ڪيون۔ ڪوشش آهي ته سنڌي اي بوڪ لائبرري جو خزانو سنڌ سلامت تي گڏ ڪجي ۽ هن وقت منهنجون سموريون ڪاوشون ان طرف ئي آهن۔ هي فورم اسان سڀني سنڌين جو فورم آهي جيڪو سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاء ڪوشان آهي۔ اميد ته اسان سڀ گڏجي سنڌي ٻولي جو انٽرنيٽ تي وڏو ذخيرو گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب وينداسين۔