ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن

جناب محترم علامه آء آء قاضي جي استدعا
ڪرڻو صرف هي آهي ته واندڪائي ۾ قلم کڻي نهايت ئي سچائي سان پنهنجو ٻاروتڻ ياد ڪري ويهي انجو بيان لکون ته اسان ان وقت ڇا هئاسون، اسا جو اٿڻ ويهن ڪهڙي نموني سان هو، اسان کي ڇا وڻندو هو، ۽ ڇا ڇا نه وڻندو هو۔اسان کي ڪنهن سان پيار هو ۽ ڪنهن سان نفرت هئي، مطلب ته بنا ڪنهن اڊڪي جي ته ماڻهو اسان کي ڇا ڪري سمجهندا، اسين نهايت ايمانداري سان ويهي پنهنجي ٻاروتڻ جي ڪهاڻي لکون۔
منهنجي استدعا آهي ته اوهان مان هر هڪ اها ڪوشش ڪري ۔ جي اسان جي سڀني پڙهيلن نهايت سچائي سان پنهنجي سوانح لکڻ شروع ڪئي ته آء اوهان کي خاطري ٿو ڏيان ته اسان مان ڪيترا ئي فقط انهيء سوانح لکڻ سان مصنفن جي صف ۾ شمار ٿيندا ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪن جا قلمي داستان اهڙا ته معياري ڪتاب بنجي پون، جو انهن جهڙا ڪي ورلي لکيا ويا هجن۔
سينٽ آگسٽين ۽ روسو ، گوئٽي ۽ گانڌي مڙني ائين ڪيو ۽ ٻيا به سو اهڙا نڪرندا۔ ڪن مصورن پنهنجون تصويرو ڪديون ۽ سون وري پنهنجون سوانح عمريون لکيون،
علامه آء آء قاضي
بشڪريه ماهوار نئين زندگي