سنڌيڪا اڪيڊمي جو نوجوانن جي شعور ۽ ترقي جي واڌاري لاء ڇاپيل ڪتاب ڪاميابيءَ جا سونهري اصول اوهان اڳيان پيش آهي۔ هن ڪتاب جو ليکڪ جيڪ ڪئن فيلڊ آهي جڏهن ته سنڌيڪار وقار احمد راهمون آهي۔ هي ڪتاب سنڌيڪا جي ويب سائيٽ تان ڊائونلوڊ ڪري اوهان سان شيئر ڪري رهيا آهيون۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو __
وقار راهمون اسان جي پياري دوست علي حسن چانڊيو جي صحبت ۾ رهيو آهي۔ سنڌ سلامت تي به ميمبر آهي۔ علي حسن سدائين ڪوشش ڪئي آهي ته اهڙن دوستن کان اهي ڪم وٺجن جيڪي هو ڪري سگهن ٿا پر کانئن ڪو ڪم وٺڻ وارو ڪونهي، بهترين اضافو
سندس نمبر هجي ته ڏيو ۔۔۔ اهڙن دوستن کي گهرجي ته پنهنجي پاران لکڻيون ۽ پرڏيهي ادب مان چونڊ ٽڪرا سنڌ سلامت تي به پيش ڪن۔
سائين وساڻ صاحب سنڌيڪا جيڪي ڪتاب فري ڊائونلوڊجا رکياآهن انهن ۾ ورڊ فارميٽ ۾ ڊائونلوڊ به ٿين ٿا ليڪن اسان جي سنڌيڪا وارن انهن ۾ هڪ فونٽ فهيم خوبرو استعمال ڪيو آهي جنهن لا پڇڻا نه منجهڻا ۾ به مون عرض رکيو هو اهو فونٽ اگر ڪنهن دوست وٽ هجي ته عنايت ٿيندي اگر سائين نور احمد يا سندس لائق فرزند فضل صاحب به پڙهي ته اهو فونٽ دوستن ۾ شيئر ڪري جيئن اهي ڪتاب ورڊ ۾ به سٺي نموني پڙهجي سگهجن۔ سائين نور احمد جي اها تمام بهترين مهرباني آهي جو پنهنجا قيمتي ڪتاب فري ڊائونلوڊ لا رکي ٿو سائين کي جس هجي
ڪالهه ئي ان سلسلي ۾ دوست فضل الرحمان سان ڳالهه ٿي هئي۔ هن وٽ به شايد فونٽ موجود ناهي، اهو فونٽ سنڌ سلامت جي ميمبر، پياري دوست ۽ رسالي سوجهري جي سب ايڊيٽر فهيم سولنگي جو تيار ڪيل آهي يا ان وٽ آهي۔ ڪالهه فهيم سان به رابطو ٿيو آهي۔ پاڻ چيائون ته هو فونٽ اي ميل ڪندو۔ اي ميل جو انتظار آهي۔ جيئن ئي فونٽ مليو ته اوهان سان ان ئي وقت شيئر ڪبو۔ سدا خوش هجو سائين