هونئن ته پاڻ وٽ حلوي جي فضيلت کان اسان جا مولوي ڀائر خوب واقف۔ ڪنهن محفل ۾ ويهڻ کان پوءِ مختلف موقعن تي ويهي گڏجي کاڌل حلووي جا شان ۽ فضيلتون شد مَد سان پيا بيان ڪندا آهن۔ پر طعام جي محدود ذؤق ۽ وڏيرِي جي هٿ ۾ شيرين جي ڪري اڪثر اهڙا کاڌا پيا کائبا آهن جيڪي مخصوص موقعي مهل ۽ موسم ۾ کائجن۔ سچل ڳوٺ ۾ هئاسون ته برساتي موسمن ۾ پڪوڙن جو شوق ڪبو هو ۽ وري جو سنڌ سلامتي دوست گڏجن ته مُرغي سان تعديون ڪري اُن کي چٽخاريدار بڻايو ويندو هو۔ هن مهل سياري جي موسم ۾ پاڻ وٽ وڌ کان وڌ وڪرو ٿيندڙ ۽ کاڌو ويندڙ حلوو آهي گجرن جو حلوو۔ گجرن جي حلووي جو اصل مزو ته حيدرآباد جي شاهي بازار جي پڪي قلعي واري دنگ وٽ کائڻ جو آهي جتي عام رواجي اگهه کان ٻيڻي اگهه تي حلوو ملي ٿو۔ پر اهو ذائقي ۾ ان اگهه ۾ صفا سستو ٿئي۔ هڪ ته نج گيهه ۾ تيار ٿئي ٻيو وري ڇا ته مٿان ملائي پيل هوندي اٿس، ٻه ڏينهن پهرين هتي تُرڪي ۾ ڀاڄي وٺندي اچانڪ جو گجرن تي اک پئي ته فورن گجرن جي حلوي جو خيال آيو۔ هتي تُرڪي ۾ سبزين جا ريٽ لڳ ڀڳ اسان وارا ساڳيا آهن۔ بس گوبي کي الاهي ڪهڙي ٽانڊي لڳل آهي جو مُرغي جي ريٽ تي ٿي ملي۔ تنهنڪري ڳچ گجرون ورتم۔ ۽ اهو طئي ڪيم ته گجرن جو هيڪاندو حلوو ٺاهي ليب جي ساٿين توڙي ميڊم (منهنجي سُپروائيزر) کي به کارائبو ته ڏِسون ڪهڙي راءِ ٿا ڏين۔ گجرن جي حلووي جو گجرن کان سواءِ ٻيو اهم جُز کير آهي۔ پاڻ وٽ ته دٻي ۾ پيڪ کير ته واپرائڻ کان زور آهي جو هڪ ته ٻيا شڪ شُبها آهن سو آهن۔ پر منجهن مختلف ايٽيبايوٽڪ دوائن جا ذرا ته مون پاڻ چڪاسي ڏِٺا جڏهن پي سي ايس آءِ آر ۾ ڪم ٿي ڪيم۔ اصل ۾ ٿيندو ايئن آهي ته مينهَن کي بيمارين کان بچائڻ توڙي وڌ کان وڌ کير ڏيڻ لاءِ اهي انجيڪشن ڏنا وڃن ٿا جن جا ذرا مينهن جي رت توڙي کير ۾ سڌا سوان توڙي ڀڄي ٽُٽي (Metabolites) طور اچن ٿا۔ جيڪي انساني صحت لاءِ نقصانڪار آهن۔ پر هتي وري هي ماڻهو گورنمنٽ جي سختي تي ايترو اعبار ڪن جو هر ڪو کليو کير وٺڻ کان لهرائي۔ متان به ڪو ڌنار کير ڏُهي وڪري لاءِ آڻڻ تائين ڪا غلطي ڪري جو کير پيڻ جهڙو نه رهي پر ڪمپنين پاران توري تڪي ۽ چڪاسيل کير تي وڌيڪ اعتبار آهي۔ گوشت جو به ساڳيو حال آهي۔ کليو گوشت ملڻ بجاءِ پيڪ ٿيل ملي ٿو سُپر اسٽورز تي۔ ۔ ۔توڙي جو پاڻ تازي شين جي هريل هجڻ ڪري وهم نه ٿو وڃي ته ڪهڙو به هُجي پر تازو نه هوندو۔ پر در حقيقت اهڙو ڪو مسئلو آهي ڪونه۔ خير پيڪٽ واري کير جا چار ليٽر ورتم۔ ۽ گهر اچي وڏيري کي ٽاسڪ ڏِنم ته اڄ پنهنجا سڀ گُر آزمائيندي ڪو ڀلو حلوو تيار ڪر۔ هي کير به تُرڪن جو، گجر به تُرڪن جا ته تيل به هتي جو، بس ٺاهيندڙ سِنڌ وارا آهن۔ ڏِسون ته ڇا ٿو ٺهي۔ حلوو تيار ٿيو ۽ کڻي ليب پهتس ته ميڊم سويٽ ڊش جو ٻُڌندي ئي ٿوري مايوسي ظاهر ڪئي ته اوهان جي مُلڪ جا ماڻهو مِٺاڻ توڙي ڪڙاڻ ۾ انتها ٿا ڪن۔ لاهور جو هڪ همراهه لنڊن (ميڊم جي پي ايڇ ڊي دوران) ساڻس پاڙيسري طور هيو۔ ميڊم ان جو حوالو ڏيندو چيو ته اهي اڪثر اهڙا طعام تيار ڪري ايندا هئا جيڪي يا ته اهڙا کارا جو هڪ گرهه کائي پوءِ سڄو ڏينهن پيو پاڻي پئجي يا وري اهڙا مٺا جو بس هڪ گرهه تي پيٽ ڀرجي وڃي۔ مون کيس تسلي ڏني ته اسان اهاڙو ڪُجهه ناهي ڪيو۔ جو هونئن نه ته به ٻن مهينن ۾ اوهان جا کاڌا کائي خبر پئي آهي ته چانهه ۾ کير ته ڪڏهن ڀُلجي به ڪونه وجهو پر اوهان جي کير کان محروم چانهه کي کنڊ به ڪو ورلي نصيب ٿئي۔ ڪافي ته هونئن دنيا ۾ ڪنهن کاري شئي جو مثال بڻجي وئي آهي۔ ٻوڙ ڀاڄي ۾ لوڻ به بس نالي ماتر۔ مرچ به رڳو خوشبو خاطر۔ منهنجي تسلي (تُرڪ به تسلي ئي چون) تي سڀني پليٽ ۾ ٿورو ٿورو کنيو۔ پر خوشي ٿي جڏهن کين خوب پسند آيو ۽ خوب کاڌائون۔ ۔ ۔ ۔ پر جيئن پاڻ وٽ مشهور قِصو آهي ته ٻاهرين مُلڪ کان آيل همراهه روز ٻه ٽي ڪلو جليبيون وٺي ويندو هو۔ دُڪاندار خوش هو ته منهنجون جليبيون کيس پسند آهن۔ پر جڏهن پُڇيائين ته خبر پيس هُن انهي4 ڪري ٿي ورتيون ته سمجهه ۾ نه پيو اچيس جڏهن سڄي جليبي بند آهي ته منجهس تيل ڪٿان اندر ويو۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ايئن ئي هنن به اها حيرت ظاهر ڪئي ته هن ۾ کير وڌؤ اُهو ڪيڏانهن ويو؟ کين ڇا ٻُڌائجي ته کير کي غائب ڪرڻ لاءِ اسان جي زائفن جي دنيا ۾ ناقابل شڪست ڏوئي هلائڻ جي طاقت ڪافي آهي۔ ۔ ۔ ۔ ميڊم حلوو گجرن جو حلوو کائيندي
هاهاهاها ۔۔۔ واهه جو ڪم ڪيو اٿئي۔۔۔ اها لکڻ واري ڳالهه هاڻ ڏاڍي سٺي ٿي لڳي ۔۔۔ آفيس کان ٻن هفتن جي موڪل باوجود به ڪالهه ۽ اڄ آفيس وڃڻو پيو جو مهيني جا پهريان ڏينهن آهن ۔۔۔ خير دوستن اڄ پروگرام سٽيو ته طارق روڊ تي هلي نهاري کائجي، نهاري کاڌيسون ۽ بل ٻين ڀريو پر وري سڀني جي فرمائش ته قلفي به کائبي سا به اهڙي سيء ۾ ۽ بل به مان ڀريان۔ رحمت شيرين تي وياسين ته قلفي کاڌيسين ۽ اتي گرم گرم گجرن جو حلوو ڏسي، وري سڀني جي صلاح ته حلوو به کائبو، سو اهوبه کاڌوسين، واهه جو حلوو هو ۔۔۔ ۽ هتي پهچي اوهان جو ليک پڙهيم۔ پر ها اها ريشمي ڪباب واري ڳالهه اڃان لکڻي اٿئي۔۔۔