ٽن بهترين تخليقڪارن سان ادبي ڪچهري......

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ شاهين لطيف ، سنڌي ، طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2014۔

  1. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    رضوان گل

    عبدالغفار تبسم، ڊاڪٽر اسحاق انصاري ۽ انور موج
    سچل ادبي مرڪز طرفان ٽن بهترين تخليقڪارن سان ادبي ڪچهري۔۔۔

    سچل ادبي مرڪز طرفان سنڌي ٻوليءَ جي ٽن بهترين تخليقڪارن عبدالغفار تبسم، ڊاڪٽر اسحاق انصاري ۽ انور موج سان ادبي ڪچهري رکي وئي. جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن ۽ شاعرن سندن ادبي خدمتن تي روشني وڌي. هن سرهي سانجھ کي ناليواري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد شاد خطاب ڪندي چيو ته تبسم، اسحاق ۽ موج سنڌي ادب جو سرمايو آهن. هنن ٽنهي پنهنجي ادبي لياقت سبب سنڌي ادب ۾ وڏو مقام ماڻيو آهي. ڊاڪٽر اسحاق جيڏو بهترين فڪشن رائيٽر آهي اوڏو ئي ادبي ميڙاڪا مچائڻ ۾ متحرڪ. غفار تبسم جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ روشن نانءُ آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ هڪ الڳ واس ۽ ون آهي ۽ انور موج گھڻ رخي سڃاڻپ رکندڙ هڪ آرٽسٽ آهي. هن نه رڳو هڪ اديب، ايڊيٽر ۽ براڊڪاسٽر طور مڃتا ماڻي آهي پر کيس هڪ بهترين ڊراما آرٽسٽ طور به سڃاتو وڃي ٿو. خوبصورت شاعر ۽ ليکڪ مختيار سمون چيو ته هن ادبي ڪچهري جي ٽنهي خاص مهمانن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو آهي ۽ سماج جي فڪري اڏاوت ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. عبدالغفار تبسم هڪ سگھارو شاعر ۽ ملنسار ماڻهو آهي. ڊاڪٽر اسحاق کي مان ان وقت کان سڃاڻان جڏهن هو ڪرڪيٽ جي ميدان تي هڪ نوجوان کلاڙي طور ايندو هيو. يونيورسٽيءَ ۾ هو مونکان سينئر هيو ۽ منهنجون اتي ساڻس ملاقاتون ٿينديون هيون، هو سدائين پيار ۽ پاٻوهه سان ملندو هو. هن جو والد انيس انصاري ادب جي دنيا جي هڪ وڏي شخصيت آهي، جنهن جي تربيت جو ئي نتيجو آهي جو اڄ ڊاڪٽر اسحاق پنهنجي شعبي ۾ هڪ نمايان مقام رکي ٿو. سگھاري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اخلاق انصاري چيو ته تبسم، اسحاق ۽ موج سنڌي ٻوليءَ کي زندگي بخشڻ لاءِ قلم جي سگھ کي ڀرپور نموني استعمال ڪيو آهي. هو ٽئي نه رڳو آرٽسٽ پر ڏاڍا محبوب ماڻهو آهن. اسحاق منهنجو ڀاءُ ئي نه پر هڪ ويجھو دوست به آهي، تنهن ڪري هو منهنجي زندگيءَ جو هم راز به آهي.
    شاعر ۽ مترجم فياض لطيف چيو ته اسحاق سنڌي ادب جو هڪ يگانو ڪردار آهي، جنهن سدائين محنتن ۽ محبتن تي ئي يقين رکيو آهي. هن جو خيرپور يونيورسٽي ۾ گذريل وقت نه رڳو سندس لاءِ يادگار آهي، پر مان به انهن خوبصورت يادن جو حصو آهيان. هن جو ناول ”خالي بينچ“ سنڌي ادب جو شاندار ناول آهي، جنهن تي هن وقت تائين ايترو نه ڳالهايو ويو آهي جيترو ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. شاعر ۽ محقق احسان دانش چيو ته عبدالغفار تبسم سنڌي شاعريءَ ۾ ڌار لهجو رکندڙ هڪ خوبصورت شاعر آهي. هن جا ڪومل لفظ سڌو دل تي اثر ڪندڙ آهن. غنايت جي خوبي سندس شاعريءَ کي هڪ الڳ سڃاڻپ بخشي آهي. لاڙڪاڻي ۾ انصاري فيملي هڪ اهڙي ادبي فيملي آهي، جنهن جا پنج ڇهه فرد سنڌي ادب ۾ پنهنجي ڌار مقام رکن ٿا. انهن ۾ خاص طور اشتياق انصاري، اخلاق انصاري، ڊاڪٽر اسحاق انصاري، مشتاق انصاري ۽ اشفاق انصاري اهم آهن. اهي سڀ سائين انيس انصاري جي باغ جا گل آهن. جن مان اڄوڪي هن ڪچهري جو خاص مهمان ڊاڪٽر اسحاق سنڌي ادب ۾ ناول نگار، سفرنامه نگار ۽ منتظم طور وڏي مڃتا ماڻي آهي. نه رڳو سندس لفظن پر سندس هر عمل ۾ هڪ تخليقي جوهر نظر ايندو آهي. انور موج لڳ ڀڳ اڌ صديءَ کان نه رڳو قلم سان ناتو نڀايو آهي پر براڊڪاسٽنگ کان ٽي وي ڊراما تائين پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. هو هڪ ورسٽائيل آرٽسٽ آهي.
    شاعر ۽ نثر نگار رياضت ٻرڙو چيو ته ادبي ڪچهري جا ٽئي مور پنهنجو مٽ پاڻ آهن. هنن پنهنجي سڄي ڄمار ادب ۽ آرٽ کي ارپي ڇڏي آهي. انور موج رسالي نئين سوچ لاءِ جيڪو ڪم ڪيو اهو سندس ادبي ڪيريئر ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. اسحاق انصاري سنڌي ڪهاڻي، ناول ۽ سفرنامي جي صنفن ۾ پنهنجي قلم جي رواني سان تخليق جو روح ڦوڪيو آهي ۽ تبسم ڪيسيٽي شاعريءَ واري نه وڻندڙ اصطلاح ۾ پنهنجي شاعريءَ جي جادوءَ سان جيڪي خوبصورتيون پيدا ڪيون آهن، اهي کيس هڪ معتبر شاعر جو درجو ڏين ٿيون. خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار محمد هاشم حامي چيو ته اڄوڪي شام جن ٽن شخصيتن جي نانءُ ڪئي وئي آهي اهي ٽئي شخصيتون شعبا جدا جدا هجڻ باوجود فنونِ لطيفه سان تعلق رکن ٿيون. يعني اهي ٽئي آرٽسٽ شخص آهن. غفار تبسم هڪ اهڙو شاعر، جنهن جي رومانوي نغمن هڪ نسل کي متاثر ڪيو آهي. ڊاڪٽر اسحاق نه رڳو افسانوي ادب تخليق ڪندڙ آهي پر هو سنڌي ڪهاڻي جي بچاءَ لاءِ ڪهاڻي ڪانفرسون ڪوٺائي هڪ اهڙو ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. اهڙي طرح انور موج هڪ اهڙي ڪردار جو نالو آهي، جنهن پنهنجي سفر جو آغاز ته آواز جي دنيا کان ڪيو پر هن قلم ۽ قرطاس جو ساٿ به ڪڏهن نه ڇڏيو. هاڻي هو ٽي. وي اسڪرين تي به پنهنجون صلاحيتون مڃائي رهيو آهي. نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار رضوان گل چيو ته عبدالغفار تبسم هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن جي شاعري موسيقيت سان ڀرپور آهي ۽ انهيءَ ڪري هو عوام جي دلين ۾ ڌڙڪي رهيو آهي، جڏهن ته اسحاق انصاري پنهنجي محنتن جي ٻَل تي سنڌي ادب ۾ نالو ڪمايو آهي. هو پنهنجي ڪٽنب ۾ سڀني کان وڌيڪ ايڪٽو آهي، ادبي ميڙاڪا هجن يا سالياني ڪهاڻي ڪانفرنس هو سدائين ڪجھ نه ڪجھ نئون ڪرڻ لاءِ سوچيندو رهندو آهي. انور موج سنڌي شاعريءَ ۾ مزاح جي رنگ کي نهايت خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي. هن جون مختصر ترين ڪهاڻيون سندس مخصوص پيشڪش ۽ تجسس سبب پنهنجي ڌار سڃاڻ رکن ٿيون.
    انور موج خطاب ڪندي چيو ته سچل ادبي مرڪز هميشه انوکين ادبي روايتن جو بنياد وڌو آهي. ادبي ڪچهري جو اصطلاح به اهڙو ئي انوکو اصطلاح آهي. لاڙڪاڻي ۾ گذريل ٽيهه سالن کان هن اداري تاريخي ڪم ڪيو آهي. مان جڏهن به لاڙڪاڻي آيو آهيان ته هتي ڪا نه ڪا ادبي سرگرمي ضرور ڏٺي آهي. مان پنهنجي ڪيريئر جو آغاز 1960 واري ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ مقامي براڊڪاسٽنگ هائوس ۾ ڪمپيئر جي حيثيت سان ڪيو. زندگيءَ ۾ ڪيئي تلخيون ڏٺيون آهن پر انهن تلخين جي به سدائين مرڪي آجيان ڪئي آهي. مون پنهنجي سڄي حياتي ادب ۽ آرٽ جي خدمت ڪندي گذاري آهي ۽ هن وقت تائين ريڊيو، ٽي. وي ۽ قلم ئي منهنجي جياپي جو جواز آهن. ڊاڪٽر اسحاق انصاري چيو ته اڄوڪي هي ادبي ڪچهري ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس کان وڌيڪ اهم آهي. هن ڪچهريءَ ۾ محبت ۽ پنهنجائپ آهي، جنهن ڪري هن ڪچهريءَ کي مان اهميت ڏيان ٿو. مونکي پنهنجي گھر جو ادبي ماحول ۽ لاڙڪاڻي جا انوکا ڪردار فڪشن ڏانهن وٺي آيا. مون پنهنجو پهريون ناول ”خالي بينج“ 1986 ۾ لکيو ۽ 2000 ۾ جڏهن ڇپايو ته ان جو هڪ لفظ به تبديل نه ڪيو. اهو ناول ٻن مهينن اندر وڪرو ٿي ويو، جنهن جو هاڻي ٻيو ڇاپو آيو آهي. مون هن وقت تائين جيڪو به لفظ لکيو آهي سو سچائي سان لکيو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪن مجبورين سبب اڌ سچ به لکڻو پوندو آهي. جيئن مون پنهنجي سفرنامي ”پرين هُن پار“ ۾ اڌ سچ لکيو آهي. جيڪڏهن سڄو سچ لکان ها ته ڏاڍو ڏکيو ٿي پوي ها. شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ کان پوءِ مان پنهنجي سبجيڪٽ اسٽيٽسٽڪس ۾ چيڪوسلواڪيا مان پي ايڇ. ڊي ڪرڻ بعد اسٽيٽ بينڪ جوائن ڪئي ۽ هن وقت مان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو رهيو آهيان. منهنجو محنت ۾ ايمان آهي ۽ انهي جي سهاري مون زندگيءَ ۾ ڪاميابيون ماڻيون آهن. عبدالغفار تبسم چيو ته منهنجي شاعري منهنجي اندر جو آواز آهي. رومانس ۽ موسيقي منهنجي شاعريءَ جو روح آهن. شاعريءَ سان گڏ آلاپ به منهنجي اندر کي سُڪون ڏيندا آهن. مان سڄي حياتي ان چاهه کي چپن تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن جو اظهار ڪندي ڪندي شاعريءَ جا کوڙ سارا ڪتاب لکي ويٺو آهيان. اڄوڪي هي ادبي ڪچهري مونکي سدا ياد رهندي ڇوت هن ڪچهريءَ ۾ اڻ ميو پيار ۽ خلوص شامل آهي. شال سچل ادبي مرڪز جون هي خوبصورت روايتون سدائين قائم رهن.
    ادبي ڪچهري ۾ ناليوارن شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن شهمير سومرو، استاد انور علي سانگي، گوهر شيخ، ڪوڙل قربدار، ڀائو درمحمد ٻرڙو، سرفراز سخي، نثار شيخ، فقير اختيار سيال، انصاف ساهڙ، ڪاشف قريشي، منصور پنهور ۽ ٻين ليکڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٽئي موتيء داڻا ۔۔۔۔ ڊاڪٽر اسحاق ۽ عبدالغفار تبسم سان اڪثر رهاڻيون ٿينديون آهن ۽ پاڻ سچل ڳوٺ جي هر پروگرام ۾ شرڪت ڪندا آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو