شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن

غزل
لفظن منجهه جُهڙالا آهن
ڪاغذ آلا آلا آهن
خاموشيءَ جو صحرا آهي
سرگوشين جا ڇالا آهن
الزامن جي رش ۾ رقصان
پنهنجا عشق! حوالا آهن
ڪنهن لئه ڳاٽ جُهڪائي بيٺا
مقتل ۾ سڀ ڀالا آهن
دردن جا ئي خوابَ ڏسن ٿا
دل جا نيڻ نرالا آهن