ڏکي ڏمر ناه بکي کل نه اجهي، اگهاڙي وهان ويو ويچاري وسري۔شاه دنيا ۾ جنهن به نالو ڪڍيو آهي پوء چاهي اهو مذهب ۾ هجي، يا سياست ۾، سائنس ۾ هجي يا علم ادب ۾، ان جو تعلق گهڻو تر ٻهراڙي سان تعلق رکي ٿو، ڪنهن جا نالا کڻي ڪنهن جا کڻجن۔ اسان جي ٻاهراڙي جو شاگر جيڪو سنڌ جو مستقبل آهي ڪيڏو مشڪل ۾ آهي اهو هن فوٽو مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو۔ بس وارا هنن کي شاگرد سمجهي بس جي اندر بہ نٿا چڙهڻ ڏين۔ ڪيڏي به گرمي سردي يا بارش هجي هي ڳوٺاڻا ٻار اين ئي سفر ڪندا آهن ۽ شهر جي ٻار لائي محفوظ سواري هوندي آهي۔ هڪ يا ٻن ٻارن لائي، رڪشو جيڪو 3000 هزار کان 4000 هزار وٺندو آهي يا وين ۾ سفر ڪندا آهن۔ منهنجو سوال آهي اُنهن سفيد پوش سنڌين کان جيڪو چوندا آهن ٻاهراڙي ۾ ڪو مسئلو ڪونهي ۽ هنن کي سڀ بنيادي حق مليل آهن۔ توهان ٻڌايو ٻاهراڙي جي ٻار جو ڪهڙو ڏوه آهي؟ ڇا توهان جا ٻار اين سفر ڪري پڙهن ٿا؟
ادا سچ ڳالهه ڪئي اٿو اسانجي ٻهراڙين جي شاگردن جو حال هر لحاظ کان ڳڻتيء جوڳيو آهي سفر جي سهولت کان وٺي تعليم جي حصول تائين بلڪل نڌڻڪي وارو ماحول آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مائٽ اسڪول موڪلي ذميواري پوري ڪري ڇا ڇڏين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ استاد بوڪ پورو ڪرائي پوء ٽائيم پورو ڪري ۽ چون ٿا وڃي ياد ڪريو سمجهه ۾ اچي نه اچي ۔۔۔۔۔۔۔ هنن جي ذميواري به پوري۔۔۔ اڄ جي مقابلي واري دور ۾ جي اسان جو اهو ئي حال رهيو ته ٻهراڙي سان لاڳاپيل شاگرد تمام پوئتي ڌڪجي ويندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آخر ان ماحول کي ڪير تبديل ڪندو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
آئون اوهان جي ڳالھ سان بلڪل متفق آهيان۔ اسان جي ٻهراڙي جا ٻار ڪيئن به ڪري ڀلي مئٽرڪ تائين تعليم پوري به ڪري وٺن، پر اڳتي وڌڻ لا انهن کي رهائش، کاڌي پيتي، لٽي ڪپڙي سميت مڙني مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ اهو ئي سبب آهي جو سرهندي واري جو ٻار اڳتي نڪري وڃي ٿو ۽ غريب ويتر غريب ٿيندو ٿو وڃي، جنهن ڪري هو پنهنجي گذر سفر لا غلط طريقا اختيار ڪري ٿو ۽ نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪيتريون ئي سماجي برايون جنم وٺن ٿيون۔
مونکي چٽي طرح ياد آهي ته ڪجهه اهڙي ئي قسم جو سفر منهنجو به رهيو آهي ۔۔۔۔ پرائمري اسڪول ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر پري هيو، وچان ڍنڍ هئي ۽ ان منجهان رستو هيو، سياري ۾ اهو رستو پاڻي گهڻي هجڻ سبب بند ٿي ويندو هو ۽ نتيجي ۾ ٻه ڪلوميٽر جو وڪڙ ڪري وڃڻو پوندو هو يا جي دير ٿيندي هئي ته سخت سيء باوجود وچان پاڻيء مان گذري اسڪول پهچبو هو۔ مڊل اسڪول عارب سولنگي 7 کان 8 ڪلوميٽر پري هيو، ٽي ڪلوميٽر وچان ٻنين مان گذري مين روڊ تي اچبو هو جتان بسين جي ڇت تي چڙهي اسڪول پهچبو هو۔ اهو اونهارو هجي يا سيارو ڪرڻو ئي پوندو هو۔ هاء اسڪول ڪوٽڏجي به ايترو ئي پري هو ۽ ساڳيو ڪم ڪرڻو پوندو هو۔ ڪاليج خيرپور شهر ۾ هو جيڪو ڳوٺ کان 20 ڪلوميٽر پري هو۔ يعني ٽي ڪلوميٽر پيدل مين روڊ تائين ۽ اتان بسين ذريعي، ساڳيي ڪار يونيورسٽي تائين هئي ۔۔۔ ڪڏهن ٽرڪن ته ڪڏهن بسين ۾ ، انهن جي ڇتين تي ۽ ڪڏهن جي رستا بند هجن يا ٽريفڪ جام هجي ته پيدل پڻ پر پوء به مئٽرڪ اسڪول ۾ پهرين نمبر يعني فرسٽ ڪلاس، انٽر فرسٽ ڪلاس، بي ايس سي فرسٽ ڪلاس ۽ وري سخت محنت سان ايم بي اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي ۔۔۔۔ سوچيندو آهيان ته ايڏو وڏو سفر ۔۔۔ سو به ايڏو ڏکيو ڪيئن ڪٽي اڄ ڪراچي جهڙي شهر ۾ 10 منزله بلڊنگ جي سينٽرل ايئر ڪنڊيشنڊ آفيس ۽ آرامده بنگلي ۽ آرامده گاڏي ۾ پيو گهمان۔ اهو سڀ محنت، سچائي سبب ئي حاصل ڪري سگهياسين۔
منهنجا پيارا ڀاء سو سيڪڙو توهان جي ڳالهه درست آهي۔بس الله اسان جن ماڻهن کي عقل ڏئي ته غريب ٻارن جي تعليم جي سلسلي ۾ مدد ڪن، ۽ هرو ڀرو جون شوقيه دعوتون ڪري پاڻ نه وڻائن۔
سائين توهان جي محنت جو پڙهي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي، الله توهان کي اڃان به نوازيدو، ۽ الله توهان کي ايتري طاقت ڏيندو جو توهان اهڙي سفر مان گذرندڙ شاگرد جي مدد ڪندا۔ انشاءالله۔
ادا الائي ڇو سنڌ جي تعليم تباهي ڏانهن پئي وڃي، ۽ اسان جي سرندي وارن ماڻهن ۾ ان جو ڪو به فڪر نظر ڪو نه ٿو اچي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الائي ڪڏهن سنڌ سک جو ساهه کڻنــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــدي