انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اڄڪلھ جي دور ۾ جتي سنڌي ٻولي انٽرنيٽ تي ترقي جي اوج تي پهتل آهي۔ اتي سنڌ جي ماڻهن جي مڪمل سهڪار لا سنڌ سرڪار پاران جاري ڪاوشن جو هڪ ٻيو تحفو انسائڪلوپيڊيا سنڌيانه جي صورت ۾ دستياب آهي۔ جتي سنڌ جي تاريخ سان متعلق هر قسم جي معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا۔ جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي ته ڪنهن به قوم جي تاريخ قوم جي تهذيب تمدن ۽ ثقافت جي عڪاسي ڪري ٿي۔ ان ڪري اسين هتي موجود تاريخ جا ورق پڙهي پنهنجي علم ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ پنهنجي قوم جو ماضي پڻ ٻين سان شيئر ڪري سگهون ٿا۔ اهو اسان جي لا به بيحد ضروري آهي ته اسانکي پنهنجي ديس بابت خاصي ڄاڻ هجي ته جيئن اها نسل در نسل منتقل ٿيندي رهي۔ ويبسائيٽ لا هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪريو۔ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه جڏهن ته هي سائيٽ آن لائن سنڌي لغت جو هڪ اهم وسيلو پڻ پيش ڪري ٿي جتي توهان ڪو به سنڌي لفظ ڳولي سگهو ٿا۔ سنڌي لغت لا ڪلڪ ڪريو۔ آن لائن سنڌي لغت ڄمڻ ، مرڻ جي تاريخ ۽ ٻيو ڪيترو ئي تاريخي مواد ڳولڻ لا ڪلڪ ڪريو۔ تاريخ بابت ڳولا ۽ ڄاڻ ان کان علاوه هن سائيٽ تان تصويرون ۽ لغت جا ڪتاب به ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا۔ لنڪيون ڏنل آهن۔ 1۔ لغت جو ڪتاب ڊائون لوڊ ڪرڻ لا 2۔ تاريخي تصويرون ڊائونلوڊ ڪرڻ لا اميد ته سائيٽ ضرور وزٽ ڪندا۔ سائيٽ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندا۔ هميشه دعائن ۾ ياد رکندا۔ تجويزن کان ضرور آگاھ ڪندا۔ سنڌ سلامت ، ساٿ سلامت