سماج ڇا آهي ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    گذارش: ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي موڪليل هڪ ڪهاڻي ” ڏوهي ڪير؟ “ تي هڪ ڪارائتو بحث ٿيو هو جنهنجي جواب ۾ مون هڪ جواب موڪليو ان جواب جو هڪ حصو هت ٻيهر پيش ڪريانٿو ۔۔ ان اميد سان ته دوست سماج جي تشريح تي وڌيڪ روشني وجهندا ۔۔۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لک ٿورا

    سماج ڇا آهي ؟

    اڄ جي جديد علمن مطابق سماج جي تشريح ڪجهه هن ريت ڪئي ٿي وڃي ۔۔۔

    انساني سماج صرف ڇڙ وڇڙ ماڻهن جي گروهه جو نالو ناهي هوندو ۔۔۔ سماج ڪو ٻيلو ناهي هوندو جنهن ۾ هر جانور پنهنجي جان جي پاڻ حفاظت ڪري يا هر جانور پنهنجو شڪار پاڻ ڪري کائي ته ٺيڪ نه ته بک مري وڃي ۔۔۔ سماج ڪا اهڙي به شئي ناهي جنهن ۾ جي ڪو امير خئير ڪڍي ته ٺيڪ ۽ جي نه ڪڍي ته ٻيا بک تي ئي سمهي رهن ۔۔۔

    سماج هڪ مڪمل نظام جو نالو هوندو آهي جنهن جي پناهه ۾ هر ماڻهون اچي ويندو آهي، جنهنجي قبضي ۾ ان علائقي جا سڀ وسيلا اچي وڃن ٿا ۔۔۔ جنهن جي اندر امن ۽ سڪون سان رهڻ جا قانون هوندا آهن ۔۔۔ جن ۾ حق ۽ سچ جي حمايت ۾ دائرا ٺهيل هوندا آهن، سماج جي اندر انصاف جو حصول آسان هوندو آهي ۔۔۔ جنهن ۾ ڪنهن به هڪ شخص کي اها اجازت ناهي هوندي ته هو ڪنهن ٻي انسان جو حق غضب ڪري، مال کائي وڃي يا جان وٺي ڇڏي يا سندس عزت تي حملو ڪري ۔۔۔

    سماج جون ٻه اهم سگهاريون ڌريون هونديون آهن،
    1۔سماج جا رهواسي
    2۔ سماجي انتظاميه

    سماج کي ٻين لفظن ۾ قوم چئجي ٿو ۔۔۔ هڪ زمين جو اهڙو ٽڪڙو جنهن ۾ هڪ مناسب انگ ماڻهن جو رهندو هجي ۔۔۔ ان زمين جي مٿان پئدا ٿيندڙ اناج نباتات هجي يا انجي اندران نڪرندڙ خزانا، ان زمين جي هوا هجي يا پاڻي، ان قوم جا سڀ رهواسي ان جا مالڪ هوندا آهن ۔۔۔

    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته خلقڻهار هن ڌرتيءَ ۽ هن ڪائنات ۾ ايتريون ته نعمتون سمائي ڇڏيون آهن جو هوند هر انسان کي هڪجيترو به ملي وڃي ته کٽي ڪونه ۔۔۔

    اهڙي نموني هر سماج يا قوم وٽ رب العالمين طرفان ايترو ڪجهه موجود هوندو آهي، جو جيڪڏهن انجو صحيح استعمال ٿئي ته ڪو به انسان ڏکيو يا ضرورت کان وانجهيل زندگي نه گذاري ۔۔۔

    هاڻ سماج جو هڪ جزو ٿيا ماڻهون ۽ انهن ماڻهن جي پيرن هيٺان ڌرتي ۔۔۔سماج جو ٻيو اهم ۽ ڪارائتو حصو هوندو آهي ۔۔۔ سماجي يا قومي انتظاميا ۔۔۔ جنهنکي اسين قومي حڪومت چوندا آهيون ۔۔۔ حڪومت سگهاري ۽ ماهرن سان سنواريل هوندي ته، ماڻهن جي گروهه ۽ ان جي پيرن هيٺان موجود زمين جي خزانن جي وارثي ڪندي هڪ اهڙو ته انتظامي ڍانچو تشڪيل ڏيندي آهي جنهن ۾ ماڻهن جون صلاحيتون ۽ وسائلن جي ورڇ عادلانه هوندي آهي ۔۔۔ جنهن سبب اهي قومون يا سماج دنيا ۾ ڳاٽ اوچو ڪري چوندا آهن ته اسين ترقي يافته آهيون ۽ اسان وٽ انصاف ۽ عدل وارو نظام آهي ۔۔۔
    اتان جو غريب هجي يا امير انکي ترقي ڪرڻ جا موقعا ملندا آهن ۔۔۔ هن وقت دنيا ۾ ڪيترا سماج ۽ اهڙيون قومون آهن جن وٽ حڪومتي نظام جي مّضبوط سرشتي هجڻ سبب، پنهنجن ماڻهن جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لئه هڪ نه بيهندڙ عمل موجود آهي ۔۔۔

    هن وقت آمريڪا ، آسٽريليا ، ايشيا ، آفريڪا ۽ يورپ ۾ ڪيتريون ئي قومون آهن جن وٽ پنهنجي سماج کي اڳ کان اڳري ڪرڻ جا نظام موجود آهن ۔۔۔ انهن وٽ غريب به آهي پر عزت جي زندگي گذاري ٿو، امن جي زندگي گذاري ٿو، ضروريات زندگي کي حاصل ڪرڻ جو پورو حق رکي ٿو ۽ ان جي حاصلات ۾ حڪومتي ۽ سماجي سرشتا ٻانهن ٻيلي ٿين ٿا ۔۔۔ سندس قانوني حق موجود آهن، سندس قومي شناختي ڪارڊ ئي سندس راشن ڪارڊ به آهي ته تعيلم حاصل ڪرڻ جو ذمانتنامو به ته، سندس اهو ڪارڊ بئنڪ مان قرض وٺڻ جو شهادو به ته عدالت ۾ ڇاتي تي مڪ هڻي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو حق به رکيٿو ۔۔۔

    اهڙو انڌير جهڙو پاڪستان يا برصغير جي قومن ۾ آهي، اهو ته نه اسلام آهي، نه سماج آهي، نه ئي واري ڪو سياسي سرشتو ۔۔۔ جيڪو ڏاڍو سو گابو ۔۔۔ جنهنجي هٿ ۾ پئسو ته هر شئي ان لئه ۽ جنهن وٽ پئسو ناهي ته سندس ڪا حيثيت ئي ناهي ۔۔۔
    ادارا جيڪي ڪنهن سماج جي ڀلي لئه ٺاهيا ويندا آهن ۔۔۔ جن ۾ حڪومتي ادارا به اچي وڃنٿا ۔۔۔ اهي سڀ ناڪاره ئي نه پر سماج لئه نقصانڪار ٿيندا پيا وڃن ۔۔۔ سياسي علم حاصل ڪري مان ڪمائڻ ۽ قومي خدمت ڪرڻ جي بجاءِ سياست کي هڪ ڪني گار چيو وڃي ٿو ۔۔۔ ۽ سياست هڪ گورک ڌنڌو سمجهيو وڃي ٿو ۔۔۔

    آخر انجو حل ڇا آهي ۔۔۔؟

    انجو حل به انهن ٻن طاقتن جي گڏجي اصلاح ڪرڻ ۾ سمايل آهي ۔۔۔ سماج جا رهواسي سماجي قدر پئدا ڪري ۔۔۔ منصفاڻي حڪومت قائم ڪن ۔۔۔ مطلب ته سماج ۾ ڀلائيءَ جو تخيل مضبوط ٿيندو ۽ ان تصور جي ماتحت جيڪو نظامي سرشتو ٺهندو ۔۔۔ اهو قومن کي هن جهان ۽ هن جهان ۾ سرخرو ڪندو ۔۔۔

    آخر ۾ آءُ سنڌي قوم کي قرآن شريف جي هن ننڍڙي پر سڀ کان وڏي آيت تي عمل ڪرڻ جي صلاح ڏيندس ۔۔۔

    جي مٿي ڏنل آيت سمجهه ۾ اچي وڃي ته سمجهو آخرت به سٺي ته هي جهان به سٺو ۔۔۔ رب العالمين اسان سنڌين کي حق ۽ سچ جي سڃاڻ جي سانڃهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سماج ڇا آهي ؟

    ماشاء الله ۔۔۔۔ جزاڪ الله
    سماج جنهن لاءِ چوندڙ ايتري تائين به چوندا رهندا آهن ۔۔۔ برائين ۽ ڀلائين سکڻ لاءِ ابتدائي ڏاڪو آهي۔۔۔ جيڪڏهن سماج سڌريل نه هوندو ته پنهنجي نئين نسل مان ڪا وڏي اميد نه ٿي رکي سگهجي۔۔۔ جيئن توهان لکيو ته

    توهان جي ڏسيل هن حل ۾ ۔۔
    ان جو مطلب ته سماج کي بهتر بنائڻ به اسان جي ئي ذميداري آهي۔۔۔ ان ڪري ڪنهن معجزي جي انتظار ڪرڻ بجاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي۔۔
    اهڙي بهترين ليک لکڻ تي مهرباني سائين۔۔۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سماج ڇا آهي ؟

    منهنجي خيال ۾
    سائين اسان منجهان هر فرد پنهنجي اصلاح ڪري ته معاشري جي اصلاح ٿي ويندي
    آخر فردن سائين ته معاشرو ٺهندو آهي



    shal judy hujeen
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سماج ڇا آهي ؟

    دوستو، سچ آهي ته ماڻهن سان ئي سماج ٺهندو آهي ۽ جيترا سماج جا ماڻهون ڏاها، سچا ۽ ايمان جي طاقت سان سنواريل هوندا اوترو ئي اهو سماج پنهنجي ترقيءِ جي راه ۾ ڪنهن به شيطاني سگهه کي برداشت ناهي ڪندو ۽ ڪٿي ڪا هلڪي به جنبش معاشري کي لوڏي وجهندي آهي ۽ جهٽ سان اصلاحي پهلو نڪري ايندا آهن ۔۔۔

    ڀلا جي اها ڳالهه آهي ته پوءِ سنڌ ۾ انڌير ڇو؟ ۔۔۔ دنيا جي باقي ملڪن جي ڀيٽ ۾ رشوت ۔۔۔ خونريزي ۔۔۔ بي روزگاري ۔۔۔ بدحالي ۔۔۔ بي علمي ۽ بي ايمانيءَ جو دور ڇو هلي رهيو آهي ؟

    ڇا اسين سماج سڌارڪ نه رهيا آهيون ۽ صرف پاڻ تائين محدود آهيون ۽ هرڪو پنهنجي منهن سان خان آهي؟ يا وري ڪنهن طاقت هٿ وٺي اسانجون واڳون ڪنهن طرف جهڪائي وڌيون آهن يا وري ڌارين جي سازشن جو شڪار آهيون ؟

    ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ان سڄي ماجرا جا سبب ڪهڙا آهن؟ وسيلن جي هوندي سوندي ايئن ڇو آهي؟ يا وري ايئن ته ناهي ته اسين اجتماعي مفادن جي باري ۾ سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي؟
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سماج ڇا آهي ؟

    اجتماعي مفادن ۾ سوچڻ پري
    امير غريب کي ڪٽائڻ لاءِ پنهنجي کيسي مان پيسا ڪڍي پوليس کي کارائي ٿو
    اسان کان بعد واري نسل کي سٺي تاريخ ڏنيون وڃون ٿا
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سماج ڇا آهي ؟

    تاريخ شاهد آهي ته جڏهن معاشرا ۽ سماج اجتماعيت کان وانجهيل ٿي ويندا آهن ته اهي معاشرا يا سماج پنهنجي موت پاڻ مري ويندا آهن ۔۔۔

    تاريخ اها به خبر ڏئي ٿي ته انهن معاشرن جا ڪجهه مرد مجاهد گڏ ٿيندا آهن ۽ پنهنجي فڪر ۽ عمل سان قومن جون تقديرون بدلائي ڇڏيندا آهن ۔۔۔

    هاڻ سنڌ جي تاريخ مستقبل قريب ۾ ڪهڙو رخ اختيار ڪندي ۔۔۔ اهو اسان تي دارومدار رکي ٿو ۔۔۔ يا ته سنڌي سماج کي مرڻ ڏيون يا وري انجي اصلاح ڪري، خالق حقيقيءَ آڏو سرخرو ٿي وڃون ۔۔۔

    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي
    متان ٿئي اونداه، پير نه لهين پرينءَ جو ۔۔۔

    اچو ته هر هنڌ تي، هر پاسي کان ۽ پنهنجي پنهنجي وس آهر اصلاحي عمل شروع ڪريون ۔۔۔ تعليم جي ميدان ۾، واپار ۽ زراعت جي ميدان ۾، پيشه ورانه صلاحيتن کي وڌائڻ ۾، تخليقي عمل ۽ حڪومتي ميدان ۾ سچ ۽ حق جا جهنڊا مٿاهان ٿين ته خبر پوي ۔۔۔ قربانيون ۽ جان نثاريون ٿين ته ڪي نتيجا نڪرن ۔۔۔

    اوهان ڇا ٿا چئو ؟

    sindhsalamatsaathsal
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سماج ڇا آهي ؟

    سائين پنهنجو ۽ ٻچن جو بکيو پيٽ هجي ته ڪنهن کي قرباني ياد ايندي آهي؟
    ادا تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي
    ڇا خيال آهي اوهان جو؟؟
    sindhsalamatsaathsal
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سماج ڇا آهي ؟

    بيشڪ سائين طاهر ۔۔۔ ٻچن جو ۽ پنهنجو پيٽ خالي هوندو ته ماڻهون سڀ کان اڳ پيٽ ڀريندو ۽ اها ڳالهه به صحيح آهي ته تاڙي ٻن هٿن سان وڄندي آهي۔ اوهانجو اشارو آهي سماج جي ٻنهي حصن طرف هڪ پاڻ عوام ۽ ٻي حڪومت۔
    انفرادي طور ماڻهون ڦڙت ٿئي ۽ محنت ڪري پر حڪومت طرفان انجي ڪا مدد نه ٿئي يا وري ان جي محنت کي رائگان ڪيو وڃي ته به معاملو خراب رهندو ۽ جي حڪومت ڦڙتي ڏيکاري ۽ انفرادي طور ماڻهون سست ۽ ڪاهل هجن ته به معاملو خراب رهندو آهي۔ جيئن چائنا ۾ انقلاب آيو ۽ حڪومت چاهيو ٿي ته ترقي ٿئي پر قوم آفيم جي عادت سبب سست ۽ ڪاهل هئي ته مجبورن چائنا وارن کي ثقافتي انقلاب آڻڻو پيو جنهن ۾ لکين آفيمي قتل ڪرايا ويا ۽ آفيم کائڻ کي سڀ کان وڏو ڏوهه قرار ڏنو ويو ۔۔۔ نتيجو آخر اهو نڪتو ته آفيم ختم ٿي ويو ۽ قوم عملي دنيا ۾ اچي وئي ۽ هاڻ ڏسو ته چائنا اقتصادي طور تي دنيا جون واڳون سنڀالڻ جي حالت ۾ اچي ويو آهي۔

    انڪري هٿ جي ٻنهي پاسن کي ملائڻ سان ئي تاڙي وڄندي آهي ۔۔۔ اوهانجي ڳالهه سهي آهي۔
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سماج ڇا آهي ؟

    فرد ۽ معاشري جي اصلاح لاء اسلام جي فڪري ۽ نظرياتي پوائنٽس تي غور ڪبو ته سڄي سماجيات ۽ معاشري جي اصلاح ۽ نظام حيات ان ۾ ملي ويندو
    ان سلسلي ۾‌ شاه ولي الله جي فلسفي جي باري ۾ ڇا ٿا چئو سائين؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو