منهنجو تعارف

'تعارف' فورم ۾ مظهرعلي طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2010۔

  1. مظهرعلي

    مظهرعلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2010
    تحريرون:
    206
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Dadu
    [​IMG]

    سلام عرض قبول پوي تمام سنڌي ساٿين، ڀائرن، ڀينرن کي ۔

    جنين ڏاند نه ٻج تنين تنهنجو آسرو
    اول ڏين انهن کي پوء اڀارين سج

    ڌڻي تنهنجي ڏسجي ٿي جت ڪٿ خدائي،
    ڪرم ساڻ ڪر تون اسان تي ڀلائي.

    مان مظهر علي وگهيو ولد سعيد خان وگهيو
    مان دادو شهر ۾ رهندو آهيان، پاڙو مزدورا آباد محلا
    ويجھو النور ڪلينڪ ڪاليج روڊ دادو.
    منهنجي عمر 21 سال آهي.

    ACADEMIC QUALIFICATION
    مئٽرڪ ؛ ............... گورنمينٽ پرمانند هرداس پائليٽ اسڪول دادو سنڌ
    انٽر ؛ ............... استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو سنڌ
    ڊي آئي ٽي (ڊپلوما انفارميشن ٽيڪنالاجي) ڪمپيوٽر ۾ ؛ ...................... گورک ڪمپيوٽر سينٽر دادو سنڌ


    منهنجي وندر آهي
    ڪتاب ، ڪهاڻيون ، اخبارون پڙهڻ ، ۽ نيوز چينل ڏسڻ.

    چڱن کان چڱائي ٿي حاصل ٿئي، چڱن ۾ رهي مرد ڪامل ٿئي.


    شاعر ۽ يار پينٽر
    هڪ ڪشتيءَ جا ٻه مسافر
    هڪ تلاش لفظن جي
    ته ٻئي کي تلاش چهرن جي
    کڻي مڃو ٿا رستا الڳ الڳ
    پر منزل آ ساڳي هڪ ئي دڳ
    قلم آ ٻنهي لاء وڏو اهم
    جنهن کان سواء ٿين اڻپورا ڪم
    خوب آ ٻنهي جو پيشو پيارو
    حقيقت ٿا آڻڻ ڏسي لوڪ سارو
    سوچ ويچار سان ڪم ٻنهي جو آ
    بيوس هجن آباد اهيائي دعا.





    مظهر علي وگھيو دادو سنڌ
    mazharvighio@yahoo.com
    mazharvighio@hotmail.com
    موبائيل نمبر
    03003256520

    [​IMG]
    [​IMG]


    مون کي سنڌ سلامت جي باري ۾ ادا ممتاز علي وگهيو ٻڌايو، ادا ممتاز علي وگهيو منهنجي مامي جو پٽ آهي، ۽ ادا ممتاز جا مون تي ڪافي ٿورا آهن، تمام گهڻي منهنجي هيلپ ڪئي اٿئي زندگي ۾۔
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سلام

    ادا مظهر علي ڀلي ڪري آيا دادو ۾ آهي جادو ڪافي دوست دادو جا جيڪي هن اوطاق جي رونق آهن انهن مان هڪ اوهان به آهيو ادا بهتر ٿيندو ته اوهان ڪجهه پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرايو۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سلام

    ادا مظهر ڀلي ڪري آيا

    bhali kareaya
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سلام

    ادا ويلڪم

    ادا توهان کي اسان سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا

    فورم جوائن ڪرڻ تي توهان کي مبارڪو هجن ادا

    ادا سنڌ سلامت فورم تي توهان جي شيئرنگ جو انتظار رهندو
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سلام

    ادا مظهر علي وگهيو صاحب۔۔ اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا۔۔ اميد ته فورم جي لاءِ سٺو اضافو ثابت ٿيندا۔۔۔۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سلام

    منهنجا ڀاء مظهر علي وگهيو
    توهان کي اوهان جي ڀاء ممتاز علي وگهيو طرفا ن دل جي گهراين سان ڀلي ڪار قبول پوي۔۔
    اميد ته سنڌ سلامت تي اچڻ ۽ ان ۾ شامل ٿيڻ جو طريقو اوهان کي سمجهه اچي ويو هوندو
    باقي انشاء الله سنڌ سلامت جون ٻيون ڳالهيون ۽ طور طريقا ياهو مسينجر تي ڳالهائڻ وقت توهان کي سمجهائيندس۔
    ڀاء مظهر علي توهان ڌٺو ته توهان صرف پنهنجو نالو سنڌ سلامت تي مس ڏنو آهي ۽ اوهان کي اسان جي ڪيترين سنڌين ڀليڪار ڪيو آهي، اهيا اسان جي سنڌين جي محبت، آهي، شابس هجي سنڌ سلامت جي ٽوٽل ٽيم کي جنهن هئڙو فورم ميسر ڪيو۔ ۽ جسماني طرح هڪٻئي کان پري هوندي هڪٻئي سان گڏ ويٺا آهيون۔ دعا آهي ته سنڌ سلامت جي فورم کي الله تعاله گهڻي مان گهڻي ترقي ڏئي ۽ پنهنجي سنڌين ۽ سنڌ لاء ؓگهڻي مان گهڻي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطاء ڪري آمين۔


    [​IMG]
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سلام

    جڏهن مظهر هجي ممتاز جو ڀاءُ ۔۔۔ ته اي دوست! توکي ايندو ڪهڙو تاءُ۔

    ڀائڙا مظهر ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ جڏهن اوهان تعرف موڪليو ته ان وقت ئي اوهانجي اشارن مان خبر پئي هئي ته پڪ ادي ممتاز سان اوهانجو ڪو رشتو آهي ۔۔۔ هاڻ جڏهن ادي ممتاز جي ڀليڪار پڙهي ته سرهائي ٿي ته بيشڪ ٻئي ڪنهن هڪ ئي خاندان جا گلڙا آهن ۔۔

    ممتاز ته سنڌ سلامت جو اهڙو دوست آهي جنهن سنڌ سلامت جي زمين تي سهڻن گلن جون پوکون پوکي پوري اوطاق کي واسي ڇڏيو آهي ۔۔۔ اميد آهي ته مظهر به اسانجي سنگت ۾ پاڻ به ّّخوشبؤ جو مزو وٺندو ۽ مٿان وري ان جي آبياري ڪري، اڱڻ کي وڌيڪ رنگين ٺاهيندو رهندو ۔۔۔

    سڄڻ آيا ۔۔۔ ڀلي آيا ۔۔۔ سهڻن جو سلامي ٿيان ۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سلام

    اد ا نثار ابڙا صاحب
    بيشڪ منهنجو ۽ مظهري علي وگهيو جو مٽي مائٽي جو دوستي، جو محبت جو استاد شاگردي جو هڪ مضبوط رشتو آهي،،
    مظهر منهنجي مامي جو پٽ آهي۔ سندس عمر تقريبن 21، 22 سال مس ٿيندي، هڪ حساب سان مظهر منهنجو شاگرد پڻ آهي۔ مان ڪڏهن ڪڏجن ، ( جڏهن به موقعو مناسب ۽ ٽائيم ملندو آهي )ته مان کيس هتان ڪراچيء مان ئي کيس ياهو ميسينجر تي ڪجهه نه ڪجهه پيو سيکاريندو آهيان
    مان هن سنڌ سلامت جي فورم رستي ٻين سنڌي ڀائرن کي پڻ اهيا درخوست ڪندس ته ڀائرو توهان کي جيترو ڪجهه اچي ٿو اهو ٻين سنڌي دوستن تائين پهچايو۔
    ادا ابڙا صاحب اوهان جي مهرباني جو اوهان مون ''کي سٺن الفاظن سان ياد ڪيو آهي۔ الله توهان کي توهان جي دوستن، عزيزن، ۽ گهر جي تمام ڀاتين کي هميشه خوش رکي آمين۔
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهنجو تعارف

    ڀاء توهان جو وضاحت سان سنڌ سلامت تي تعرف ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو