هڪ يورپي ملڪ جي ٽپال کاتي جي هڪ ملازم معمول مطابق ويٺي خطن کي ترتيبوار ڪيو ته جيئن اهي خط اصل ماڳ تي آسانيءَ سان پهچائي سگهجن ... ان ڪم دوران کيس هڪ خط مليو جنهن تي ائڊريس ڪجهه هن طرح سان لکيل هئي ... ٽپاليءَ کي حيرانگي ٿي ۽ پريشانيءَ ورتو ته هو ڇا ڪري؟ ... آخر هن اهو خط پنهنجن ساٿي ملازمن کي ڏيکاريو ته هن خط جو ڇا ڪجي؟ سڀني ملازمن خط کي کولي پڙهڻ جي صلاح ڪئي ته خط ڪجهه هن طرح سان لکيل هو؛ ________________________________________ ٽپال کاتي جي ملازمن کي ڏاڍو رحم آيو ۽ هر هڪ پنهنجي کيسي مان ڪجهه پئسا ڪڍيا ۽ گڏ ڪيا ان خيال کان ته کيس موڪليا وڃن ... ڪوشش کانپوءِ 96 ڊالر گڏ ڪيا ويا ۽ کيس موڪليا ويا ... لفافي تي پاران ”خدا“ لکيو ويو ... ٽپال کاتي جا ملازم ڏاڍا خوش ٿيا ته هنن ڪنهن جي مدد ڪئي آهي ۽ عورت کي خدا ۾ يقين ۽ ڀروسي اچڻ سبب ثواب پڻ حاصل ڪندا ... عيد آئي ۽ هلي وئي ... ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري ساڳئي هٿ اکري ساڳئي خدا جي ائڊريس سان هڪ ٻيو خط آيو ... سڀ ٽپالي گڏ ٿيا ۽ خط کولي پڙهيائون جو ڪجهه هن طرح سان هو؛
جواب: هڪ خط ادا ابڙا صاحب ٻاهرين ملڪن جي پوسٽ آفيس لاء ته مان نه چوندس۔ باقي پاڪستان جي پوسٽ آفيس جي ته هر ڪنهن کي خبر آهي۔ هڪ دفعه مون علامه ڊاڪٽر دائود پوٽه جي گهر واري بيگم خانم خديجه دائودپوٽه کي خط لکيو هو ( جيڪا ان وقت اسلام آباد ۾ رهندي هئي، الله کيس جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطاء فرمائي آمين ) ته مون کي علامه ڊاڪٽر دائودپوٽه صاحب جي پنهنجي لکيل آتم ڪهاڻي گهرجي جيڪا مارڪيٽ م ڪو نه ٿي ملي۔ ۽ محترمه خانم خديجه صاحبه مهرباني ۽ احسان ڪري مون ڏانهن علامه صاحب جي لکيل آتم ڪهاڻي (جيڪا بقول محترمه جي ته اسان وٽ پنهنجي آخري ڪاپي هئي ) پوسٽ ڪري موڪلي مگر اها پوسٽ آفيس ۾ ئي گم ٿئي وئي۔ ۽ مون تائين ڪانه پهتي۔ جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ڏک آهي۔ اهڙا ڪيترائي واقعه صرف مون سان ٿيا آهن
جواب: هڪ خط دوستو! هن قصي ۾ ڪا خاص ڳالهه ناهي، پر ڪئي سبق اسان لا ضرور آهن ۔۔۔۔ هڪ ته؛ ڪنهنجي مدد ڪريو بغير ڪنهن موٽ جي، بلڪه ممڪن چڱائي ڪندي اوهانکي نقصان به ٿئي ۔۔۔ جئين؛ هڪ ڏينهن هڪ وڏو ماڻهون ڪنهن وڇون کي پاڻي مان ڪڍي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو ته وڇون کيس ڏنگ هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۔۔۔ پر اهو ڏاهو ماڻهون ان وڇون کي بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيو هو ۔۔۔ ڀرسان هڪ همراهَ اهو لڪا بيٺي ڏٺو ۽ ڏاهي ماڻهون کي چيائين ته ” سائين! ڇڏيو وڇون کي هو توهانکي ڏنگي ٿو ۽ اوهان کيس بچائڻ جي جتن ۾ لڳا پيا آهيو ۔۔۔“ ڏاهي ماڻهون جواب ڏنو ته ادا سائين، بيشڪ اوهان صحيح ٿا چئو پر ” وڇون جي فطرت آهي ڏنگ هڻڻ ۽ منهنجي فطرت آهي جانور جي جان بچائڻ، سو هو پنهنجي فطرت پيو ڏيکاري، آ پنهنجي فطرت“ سو دوستو، چڱا ڪن چڱايون ۔۔۔ انسان جو ڪم آهي چڱائي ڪرڻ جي هو پنهنجو مقام سڃاڻي ته ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: هڪ خط سائين نثار صاحب مان ته سڄي ڪهاڻي سيريس مونڊ ۾ ويهي پڙهي پر جڏهن ان عورت جي موٽ وارو جواب پڙهيو ته کل نڪري وئي مٿي مان۔۔۔تمام بهترين سمجهاڻي پئي ملي اوهانجي ونڊ ڪيل ڪهاڻي مان۔