• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت تي يو ٽيوب جو نه هلڻ

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت تي يو ٽيوب جو نه هلڻ​

ادا تقريبن ٻن ڏينهن کان سنڌ سلامت تي رکيل ِيو ٽيوب وڊيو نه ٿا هلن ان جو ڪهڙو سبب آهي، اگر ان طرف ڌيان ڏيندا ته مهرباني
 
جواب: سنڌ سلامت تي يو ٽيوب جو نه هلڻ

محترم دوست اوهانجي چوڻ مطابق مون تجرباتي طور مٿين وڊيو هاڻ لڳائي آهي ۔۔۔ اها ته ڪم ڪري پئي ۔۔۔ ممڪن اوهان ڪٿي ڪا غلطي ڪندا هجو ۔۔۔ وڌيڪ شايد ڪجهه ڄاڻو دوست ڪا رهبري ڪري سگهن ۔۔۔
دعائن ۾ گڏ
 
جواب: سنڌ سلامت تي يو ٽيوب جو نه هلڻ

ادا ممتاز توهان جي ڪمپيوٽر ۾ جاوا اسڪرپٽ وغيره جو مسئلو ٿي سگهي ٿو۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت تي يو ٽيوب جو نه هلڻ

منهنجو خيال آهي توهان غلطي سان ”جواب ڏيو“ يا وري ”نئون موضوع موڪليو “ پني تي وڌيڪ اختيار ۾ موجود ”وڊيو کي سڌو سئون ڏيکارڻ لاءِ چيڪ لڳايو.“ کي ان چيڪ ڪري ڇڏيو آهي ۔۔ جنهن کي چيڪ لڳايو ۽ وڊيو موڪلي ڇڏيو ۔۔۔

14178664.jpg

باقي وڊيو ڏسڻ لاءِ توهان وٽ ڪمپيوٽر ۾ فليش پليئر جو انسٽال هجڻ ضروري آهي۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت تي يو ٽيوب جو نه هلڻ

منهنجو خيال آهي توهان غلطي سان ”جواب ڏيو“ يا وري ”نئون موضوع موڪليو “ پني تي وڌيڪ اختيار ۾ موجود ”وڊيو کي سڌو سئون ڏيکارڻ لاءِ چيڪ لڳايو.“ کي ان چيڪ ڪري ڇڏيو آهي ۔۔ جنهن کي چيڪ لڳايو ۽ وڊيو موڪلي ڇڏيو ۔۔۔

14178664.jpg

باقي وڊيو ڏسڻ لاءِ توهان وٽ ڪمپيوٽر ۾ فليش پليئر جو انسٽال هجڻ ضروري آهي۔۔۔

ادا مون وٽ ته هلي پيو
 
جواب: سنڌ سلامت تي يو ٽيوب جو نه هلڻ

ادا سنڌ سلامت تي پڻ مان ڪيتري عرصي کان يوٽيوب لڳائيندو ۽ ڏسندو پيو اچان ڪا نئين ڳالهه ڪانهي ان کان علاوه مان ڪيترن سالن کان يو ٽيوب ڏسندو پيو اچان مگر اهيو مسئلو ڪجهه ڏينهن کان پيش پيو اچي۔ ورنه مون سنڌ سلامت پڻ وڊيو لڳايا آهن توهان حالات حاضرا واري سيڪشن ۾ پڻ ڏسي سگهو ٿا۔
سنڌ سلامت تي صرف منهنجا لڳايل وڊيو نه پر ٻين دوستن جا لڳايل وڊيو پڻ ڪو نه ٿا هلن جڏهن ته ابڙي صاحب پڻ هڪ نئون وڊيو لڳايو آهي پر اهو به بقول ابڙي صاحب ته مون وٽ هلي ٿو مگر اهو نئون وڊيو به مون وٽ ڪو نه ٿو هلي
 
جواب: سنڌ سلامت تي يو ٽيوب جو نه هلڻ

جيڪڏهن توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز ٻيهر ڪئي آهي ته هتي ڪلڪ فليش جو تازه ترين فليش پليئر ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔۔
محترم ادا رشيد فليش پليئر ڊائون لوڊ ڪرڻ جي باوجود به يوٽيوب وارا وڊيوز ڪونه پيا هلن اِرر پيا ٻُڌائن پليز اهو مسئلو حل ڪيو وڃي
 
جواب: سنڌ سلامت تي يو ٽيوب جو نه هلڻ

سائين هونء ته منهنجا يو ٽيوب جا وڊيو هلن پيا ۽ ونڊوز به مون نئين ڪئي آهي۔ ۽ فليشپليئر به مون ڪيو آهي پر شڪايت صرف سنڌ سلامت ۾ لڳايل وڊيو جي آهي۔
اگر سسٽم جو مسئلو هجي هان ته منهنجي سسٽم ۾ ئي يو ٽيوب نه هلي هان۔ باقي اوهان ڄاڻون ماڻهون آهيو اسان کي ته ايتري معلومات ڪانهي
 
جواب: سنڌ سلامت تي يو ٽيوب جو نه هلڻ

سائين اهو مسئلو مون وٽ به نظر اچي ٿو باقي ڊبل ڪلڪ سان ڊائريڪٽ يوٽيوب تان هلي ٿو۔
 
جواب: سنڌ سلامت تي يو ٽيوب جو نه هلڻ

ادا مست صاحب ان جو ڪو حل ٻڌايو پهرين ته هلي پيو هاڻ نه ٿو هلي

سائين اوهان موزلا فائرفاڪس برائوزر انسٽال ڪيو۔۔۔ مان هن ڀيري جڏهن ونڊوز انسٽال ڪئي ته منهنجي ڪمپيوٽر ۾ پڻ يوٽيوب نه پئي هلي۔۔۔ جاوا اسڪرپٽ، فليش وغيره جا آپشن وغيره سڀ ڪجهه صحيح هو پر وري يوٽيوب مسئلو پئي ڪيو تنهن ڪري مان فائر فاڪس برائوزر انسٽال ڪيو ۽ هاڻي ڪو به مسئلو نه آهي۔۔ يوٽيوب صحيح ٿي هلي۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت تي يو ٽيوب جو نه هلڻ

منهنجا ڀاء مون فائر فاڪس برائوزر به انسٽال ڪري ڏٺو آهي، ادا منهنجي سسٽم ۾ ته يو ٽيوب هلي ٿو مگر سنڌ سلامت تي ڪو نه ٿو هلي اگر سنڌ سلامت جي وڊيو تي ڊبل ڪلڪ ٿا ڪريون ته ڊاريڪٽ يو ٽيوب کلي ٿو۔ مسئلو يوٽيوب جو ناهي پر سنڌ سلامت جي وڊيو جو آهي۔
 
جواب: سنڌ سلامت تي يو ٽيوب جو نه هلڻ

مون وٽ پڻ سنڌ سلامت تي لڳايل يو ٽيوب جا ويڊيوز نٿا هلن. هي ايرر پيو اچي:

An error occurred, please try again later.

جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ تائين سڀ ڪجهه ٺيڪ هيو. مون اوپيرا کان سواءِ انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۾ پڻ ويڊيو هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، ناڪامي ٿي.
 
جواب: سنڌ سلامت تي يو ٽيوب جو نه هلڻ

ادا پوءِ ته اهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ادا رشيد کي عرض آهي۔۔۔
 
Back
Top