السلام عليڪم دوستو۔ جيئن ته دوستو مون وٽ ڊي ڊي روم خراب هجڻ جي ڪري يو ايس بي ذريعي ونڊوز ڪندو هئس۔ پر هاڻي هڪ اهڙو پرابلم پيش اچي ٿو ۔جيڪو گهڻو ئي مٿو هنيو آهي پر حل نه ٿو ٿئي۔ مون وٽ ٻه يو ايس بي آهن،تمام سافٽوير سان بوٽ ڪيون آهن ۔ونڊوز سيون۔ونڊوز ايڪس پي۔گولڊ تمام بوٽ ڪيون آهن ايتري قدر جو نيون سي ڊيز ورتيون آهن پر مسئلو ساڳيو ٿو اچي۔ هيٺون مسئلو پيش اچي ٿو۔ ذيشان رشيد کي عرض آهي ته مسئلو حل ڪري۔اسڪرين شاٽ سان گڏ۔
ڀا فاروق! منهنجي ناقص معلومات مطابق اهو مسئلو تڏهن درپيش ايندو آهي، جڏهن ونڊوز جا ڪجهه فائل ”ڪَرپٽ“ ٿيندا آهن۔ اوهان يا ته يو ايس بي کي ٻيهر بوٽ ايبل بنائي ڏسو، يا وري سي ڊي مان هي فائل ڪاپي ڪري ڏسو: ntldr ntdetect وڌيڪ سائين رشيد صاحب ئي اوهان جي رهنمائي ڪري سگهن ٿا۔
سائين واصف توهان جي مهرباني۔ مون هڪ سافٽوير ڳوليو جنهن جو نالو ntldrusb.zip۔پر توهان جا ڏسيل مٿي فائيل نه ٿا لڀن۔جيئن ڪاپي ڪري سگهان۔سائين ذيشان رشيد جي جواب جو انتّظار آهي۔
توهان جو اسڪرين شاٽ ڏسيل مسئلو تڏهن سامهون ايندو آهي جڏهن ڪمپيوٽر ڪنهن نان بوٽ ايبل ڊيوائيس ذريعي بوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔۔۔ يقينن توهان ڪمپيوٽر کي يو ايس بي (فليش ڊرائيو) ذريعي بوٽ ڪرڻ چاهيو ٿا۔۔۔ پر ڇا توهان جي فيلش ڊرائيو بوٽ ايبل طور تيار آهي۔۔۔؟ اهو ئي سوال آهي جنهن جو درست جواب معلوم ڪرڻ سان ئي توهان جو مسئلو حل ٿيندو۔۔۔! ان سلسلي ۾ توهان طرفان آندل پنهنجي موضوع تي عمل ڪندي هڪ دفعو ٻيهر عمل ڪريو يا وري ان موضوع ۾ ئي منهنجي جواب ۾ ڏنل سافٽويئر آزمائي ڏسو۔۔۔
ها منهنجي فليش ڊرائيو بوٽ ايبل لا تيار آهي پر مسئلو پيش اچي ٿو۔ مان ٻئي ڪميپوٽر تان بوٽ ڪري پو پنهنجي پي سي تي ڪيان ٿو۔ وڌيڪ توهان جا ڏسيل ڪجھ نوان سافٽوير آزمايا ٿو۔متان ٿي وڃي۔ مهرباني۔
ادا فاروق توهان هڪ دفعو پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ان پارٽيشن کي فارميٽ ڪري ڏسو جنهن ۾ ونڊو ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ پو يو ايس بي جي ذريعي ونڊو انسٽال ڪيو ممڪن آ توهان جو مسئلو حل ٿي وڃي
ڪوشش ڪاميابي جي ڪونجي آهي۔ ونڊوز ٿي وئي يو ايس بي ذريعي۔،ڪميپوٽر جي سي پيو جا سڀ پرزا تارون وغيره ڪڍي ٻيهر لڳائي پو ونڊوز انسٽال ٿي وئي۔