منهنجو نالو اطهر حسين ڀٽو آهي۔ آئون سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي جو شاگرد آهيان۔ رهائش ٽنڊوڄام ۾آهي۔ پنهنجي هڪ عزيز کي هي سائيٽ استعمال ڪندي ڏٺي۔ تمام پياري سائيٽ آهي۔ خوشي سان گڏ حيرت پڻ ٿي ته سنڌي ۾ ايتريون ڪارائتيون سائيٽون پڻ آهن۔ بهرحال سکيا جي اميد سان پنهنجو اڪائونٽ کوليو اٿم۔ اميد آهي ته دوست منهنجي مدد ضرور ڪندا۔
جواب: جيئي سنڌ سدا جيئي سنڌ سائين ڀٽا صاحب ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ اوهانجي مهرباني جو اوهانکي هيءَ اوطاق پسند آئي، مٺڙا دوست هي اوطاق سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ۽ واڌاري لئه ٺاهي وئي آهي ۔۔۔ ۽ هن اوطاق جا سڀ دوست سلڇڻا، محنتي، وفا شعار ۽ وطن جي حب واري جذبي سان سرشار آهن ۔۔۔ اوهانکي به اميد ته هن اڱڻ تي مزو ايندو ۽ ڪجهه سکڻ ۽ ڪجهه سيکارڻ جي بنياد تي ساٿ سلامت رهندو ۔۔۔ اوهانکي جي ڪو مسئلو هجي ته سنڌ سلامت جي سکيا واري خاني ۾ ويندا ته ڪافي معلومات ملي ويندي ۔۔۔ مطلب ته هن اڱڻ تي گهمندا ته اوهانکي گهڻو ڪجهه ملي ويندو ۽ جيڪا شئي نه ملي ته اوهين دوستن کان سوال ڪري سگهو ٿا ۽ جي اوهانجي علم ۾ ڪا شئي هجي ته اسان سان ونڊ ضرور ڪندا رب العالمين اوهانکي ڪوسي واءُ کان بچائي shal judy hujeen
جواب: جيئي سنڌ اطهر حسين ڀٽو سائين۔۔۔ اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ ۾ آمد تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: جيئي سنڌ ادا اظهر ڀٽو صاحب فورم تي ڀليڪار اميد ته فورم جو فعال حصو بڻجندي بحثن ۾ حصو اٽڪائيندا۔۔۔ ۽ پنهنجي پسند جي هن سائيٽ کي ٻين دوستن تائين به آگهي ڏيندا۔۔۔