ڪراچي ۾ ملهايل انور پيرزادي جي ستين ورسي تقريب جو احوال محمد سليمان وساڻ ناليواري ليکڪ، صحافي، محقق، شاعر ۽ لطيف شناس انور پيرزادي جي ستين ورسي انور پيرزادو اڪيڊمي پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي سياستدان ۽ ڏاهي رسول بخش پليجي، امداد حسيني، مهتاب اڪبر راشدي، ادل سومري، مظهر عباس، بيدل مسرور، جاويد قاضي، لطف پيرزادي، زرار پيرزادي ۽ امر پيرزادي جن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ انور پيرزادي جيعلمي، ادبي، تحقيقي ۽ سماجي سرگرمين تي روشني وڌي. هنن چيو ته انور پيرزادو ترقي پسند ۽ سنڌ ۽ لطيف سرڪار سان عشق ڪندڙ شخص هيو، جنهن قلم ذريعي جنگ جوٽي سنڌ ڌرتي کي ظلم مان نجات ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيل تقريب ۾ سندس انگريزي زبان ۾ لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جي ڪتاب سنڌ سيناريو جي مهورت به ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي سربراهه، معروف قانوندان ۽ ليکڪ رسول بخش پليجي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو ته انور پيرزادو هر فن مولا هو، هڪ ترقي پسند انسان هو جنهن سنڌ سان عشق ڪيو. هن چيو ته انور زنده انسان هو ۽ مري وڃڻ کانپوءِ به زنده آهي جو هن جون لکڻيون ذهن کي جنجهوڙين ٿيون، پر اڄ اسان کي سنڌ جي معاشري ۾ ڪوبه زنده ۽ متحرڪ شخص نظر نه ٿو اچي سڀ اسان لاء زندهه لاشن وانگر آهن. پليجي صاحب چيو ته انور خوشنصيب آهي جو سندس پٽ کيس ياد ڪري ڏينهن ملهائي رهيا آهن، نه ته اڄڪلهه پٽ پنهنجي پيءُ کي جيئري ئي کپائي ڇڏين ٿا. هن جذباتي تقرير ڪندي چيو ته اسان ڀٽائي جا فوجي، جوڳي ۽ جوڌا آهيون، ماروي جي ديس کي هڪ ڏينهن قيد مان آزاد ڪرائي وٺنداسين، اهو اسان جو ايمان آهي. رسول بخش پليجي چيو ته انور پيرزادي پنهنجي قلمي پورهئي واري جدوجهد ۾ سنڌ کي ظلم کان نجات ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ مسلسل جدوجهد ڪندو رهيو، ثابت قدم رهيو، جيڪا ڳالهه اڄ جي ماڻهن ۾ ناهي، هو ٿڪجي ٿا پون، وڪامجي ٿا وڃن. هن چيو ته انور پيرزادو هن جهان مان اڃايل ئي هليو ويو، هن جي علمي، ادبي ۽ جدوجهد واري اڃ ڪانه اجهامي، جيڪڏهن هو اڄ زنده هجي ها ته آمريڪا طرفان ٿيندڙ ظلم خلاف اڃا گهڻو ڪجهه لکي ها. سينيئر صحافي مظهر عباس چيو ته انور پيرزادو هڪ بي ڊپو ماڻهو هو جيڪو سچ چوڻ ۽ لکڻ خوب ڄاڻندو هو ڀلي ان جي ڪهڙي به سزا ملي. اهوئي سبب آهي جو هو جيل ۾ به ويو. هن چيو ته جڏهن ون يونٽ ختم ٿيو ۽ 1986ع ۾ بينظير ڀٽو ڏيهه واپس آئي ته ٻنهي موقعن تي انور پيرزادي کي تمام گهڻو خوش ٿيندي ڏٺو. هن چيو ته انور ۽ اسان جنهن موضوع تي ڳالهيون ڪندا هئاسين ان کي خبر جي شڪل ڏئي اخبار ۾ ڇاپيندا هئاسين ۽ هو خبر جي پسمنظر ۽ تاريخ کان پاڻ کي واقف رکندو هو، هو تاريخ ۽ اهم واقعن بابت با خبر هوندو هو، جيڪا ڳالهه اڄوڪي صحافين ۾ ناهي، اهوئي سبب آهي جو صحافت مان پوليٽيڪل رومانس پڻ ختم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته انور پيرزادي جا ڪتاب نوجوان طبقي کي ضرور پڙهڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته انهن ۾ وڏي ڄاڻ آهي، انهن ۾ تاريخ آهي ته ثقافت به، انهن ۾ سياست به آهي ته صحافت به، انهن ۾ سفرناما به آهن ته لطيف شناسي به. هن چيو ته سنڌ سان اها سڀ کان وڏي زيادتي آهي جو سنڌ جا تعليمي ادارا دنيا ۾ رڪگنائيز ناهن. ان موقعي تي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته انور جي سوچ سنڌ کان شروع ٿي سنڌ تي ئي ختم ٿئي ٿي. هن جيڪو ڪجهه سنڌ لاءِ لکيو اهو شاگرد جي حيثيت ۾ لکيو آهي. هن کي ڪنهن مڃتا يا تعريف جي بک ڪانه هئي. هن چيو ته ڪتاب سنڌ سيناريو ۾ لکيل مضمون ڪيڏا پراڻا آهن پر اڄ به پڙهي ائين لڳي رهيو آهي ته ان ۾ شامل لکڻيون ڄڻ اڄ جون ئي آهن ۽ موجوده حالتن جي نشاندهي پيون ڪن. هن چيو ته انور هڪ آدرشي انسان هيو ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن کان مدد ڪونه گهري. اسان کي گهرجي ته اهڙن جوڌن کي ياد ڪيون جن جو جيئڻ ۽ مرڻ سنڌ سان آهي. هن سندس سنڌو درياء ۾ ٻيڙي ۾ ڪيل سفر ۽ سنڌ اپڊيٽ تي ڪيل ڪم جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهو هڪ عاشق سنڌ ئي ڪري سگهي ٿو. ادل سومري چيو ته انور جو سنڌي ادب ۾ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ هن شاهه لطيف جي شاعريء تي روايتن کان هٽي ڪم ڪيو. هن چيو ته انور جو پورهيو ۽ سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، انور هن ميدان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي متعارف ڪيو ۽ انهن جي رهبري ڪئي. ان موقعي تي جاويد قاضي چيو ته انور سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ وڏو نالو آهي ۽ نوجوانن کي سياسي، سماجي ۽ ادبي شعور ڏيڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته انور پيرزادي کي لطيف تي مهارت حاصل هئي ۽ سڄي سڄي رات لطيف جي فقيرن جو راڳ ٻڌندو هو. امداد حسيني پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته انور ۾ چاهه هيو، جستجو هئي ۽ سچائي هئي. اهوئي سبب هيو جو هو مسلسل لکندو رهيو. هن چيو ته انور پيرزادو ڇا هيو اهو وڏو سوال آهي، ڇو ته هن جي شخصيت گهڻ رخي هئي. هن چيو ته اڄڪلهه ورسيون ملهائڻ صرف اولاد جو فرض وڃي بڇيو آهي جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ادارا ۽ سنڌي ادبي سنگت ان سلسلي ۾ ڇو خاموش آهي؟ بيدل مسرور چيو ته انور جهڙا ماڻهو ئي معاشري کي سلجهائيندا آهن. هن چيو ته انور پيرزادي جي ڪري ئي ٻلهڙيجي مان ادب، علم ۽ صحافت جي وڏي کيپ پيدا ٿي آهي. بيدل مسرور وڌيڪ چيو ته انور صرف ليکڪ نه هو پر هو تحقيق ڪري، ڪشالا ڪري ڄاڻ حاصل ڪندو هو ۽ پوء ئي لکندو هو. تقريب ۾ بيدل مسرور شيخ اياز جو انقلابي گيت سچ وڏو ڏوهاري آهي ڳائي ماڻهن ۾ جذبو پيدا ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي انور پيرزادو اڪيڊمي جي سرواڻ ۽ انور پيرزادي جي پٽ زرار پيرزادي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ انور پيرزادو اڪيڊمي جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته جي ايم سيد، رسول بخش پليجي ۽ انور پيرزادي جهڙن ماڻهن ئي لطيف جو فڪر پڙن مان ميدان تي آندو. ان موقعي تي لطف پيرزادي شاهه لطيف جا بيت ۽ انور جون يادون ٻڌايون، جڏهن ته سندس فرزند امر پيرزادي پنهنجي پيء بابت مقالي ذريعي ساروڻيون بيان ڪيون. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض زيد پيرزادي ادا ڪيا. هن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ صحافين، اديبن ۽ ساڃاهه وندن شرڪت ڪري انور پيرزادي کي ڀيٽا پيش ڪئي. وڌيڪ تصويرن لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو
ادا پيرائتي ونڊ ڪرڻ لاءِ ٿورا۔۔۔ پر يار جي هڪ ٻه دفعو مون ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ان جو اهو به مقصد ناهي ته ٻيهر ڪنهن پروگرام تي هلڻ لاءِ آڇ ئي نه ڪرين
انور پيرزادو : شاعر، محقق، صحافي ۽ لطيف شناس اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان! اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان! جنهن رات ۾ تو ٿي بيت چيا سا رات اڃا به جاري آ ۽ سج ڏنگايون ڪو نه ڇڏيون هي پنڌ پري جو واري آ مان ڪنهن سان پنهنجا سور سليان اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان! اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان! اڄ رات رُنو آ رت ڦڙو ۽ تارا سور پيئن ٿا پيا هوءَ سانجهي سُڏڪي روئي ٿي ۽ سوريءَ گيت چڙهن ٿا پيا توکي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان! اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان! مون تنهنجي راڳن جي سر ۾ جان سنهڙي سينڍ وڃائي آ هر ماڻهوءَ ڀينڊ هنئي آهي هر گهر گهٽي ڄڻ ڦاهي آ اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان! اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان! مون تنهنجي ڏات ڏيا مان اڄ جان هڪڙو چڪڙو چاهه چکيو ويڙهاند سندو آ راڳ ڪيو هر ماڻهوءَ کي آ مون ڀاءُ ڪيو ٿي تنهنجيون وايون آءٌ وڙهان اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان! اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان! هي ماڻهو تنهنجن بيتن کي ڌرتي کان ڌار ڇني ٿا ڪن ٿيون تنهنجيون وايون وار پٽن ۽ سرڙا تنهنجا اوسارن هي ارهي سرهي دانهن ڏجان اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان! اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان! ڪنهن انڌوڪار انڌا ڪيا هن ٿا ماڻهو توکي شاهه چون ۽ تنهنجي راڳ رسالن کي ٿا آيت سمجهي ڪنڌ هڻن تون ڪيڏو ڏور هليو ويو آن اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان! **** سنڌ ڌرتي جت سونهن جا شاعر ۽ عظيم فنڪار پيدا ڪيا آهن اتي بيباڪ ۽ بهادر انسان به پيدا ڪيا آهن، جن هميشه سچ جو ساٿ ڏنو ۽ ڪڏهن به ظالم اڳيان نه جهڪيا۔ عزيتون ۽ تڪليفون ته برداشت ڪيون بلڪه پنهنجو سر به ڪپائي ڇڏيائون پر ڪڏهن هار نه مڃيائون، انهن بيباڪ ۽ اڏول انسانن مان سنڌ ڌرتي جو سچو سپوت محترم جناب انور پيرزادو صاحب پڻ هڪ هو۔ سليمان وساڻ صاحب تفصيل سان پوري گڏجاڻي جي رپورٽ پيش ڪرڻ مٿان وري يادگار فوٽو گرافي وارو ڪم ساره جوڳو ڪم آهي، اميد ته اهڙين علمي ادبي سرگرمين بابت اهڙيون معلومات ڏيندڙ رپورٽون پيش ڪندا رهندا۔
هاهاهاها ۔۔۔ ها خبر اٿم ان جو مقصد ڪهڙو آهي۔ اسان سائين قائم علي شاهه سان سولا ملندا آهيون پر اوهان سان ملڻ اوکو آهي پيارا ۔۔۔