منهنجي هڪ دوست سان ڪچهري ٿي، جنهن ۾ هن استاد بخاري کي شيخ اياز کان وڏو شاعر قرار ڏنو۔۔۔۔
دليل هي ڏنائين ته توهان هڪ پاسي ڄٽ اڻ پڙهيل کي ويهاريو، ٻئي پاسي پڙهيل لکيل ادبي ماڻهو کي، هاڻي توهان ٻنهيءَ کي شيخ اياز جا شعر به ٻڌايو ۽ استاد بخاريءَ جا شعر به، اوهان ڏسندو ته شيخ اياز جا شعر اڻ پڙهيل جي مٿي مٿان گذري ويندا ۽ صرف پڙهيل لکيل کي سمجهه ۾ ايندا جڏهن ته استاد بخاريءَ جا شعر پڙهيل لکيل کي به سمجهه ۾ ۾ ايندا ته اڻ پڙهيل ڄٽ کي به ۔ توهان دوست هن باري ۾ ڇا ٿا چئو۔۔؟