ماءُ جهڙي دل رکندڙ پيءُ انور پيرزادو امر پيرزادو انور پيرزادي جو اولاد هُجڻ، هن جو سڪيلڌو پٽ رهڻ ۽ هن سان زندگيءَجا پهريان ستاويهه سال گذارڻ مون لاء زندگي جو سڀ کان وڏو ۽ واحد فخر آهي. بابا جي پيار ۽ شفقت اسان کي اهو احساس ڏياريو ته هڪ پيءُ به اولاد سان ماءَ جيترو پيارڪري سگهي ٿو ان لاءِ اسان وٽ ماءُ ۽ پيءُ جي ساڳي حيثيت رهي. جڏهن اسان بيمارٿيندا هُئاسين، پريشان رهندا هُئا سين، گهر واپس پهچڻ ۾ دير ڪندا هُئاسي ته هو به امان وانگراسان لاء پريشان ٿيندو هو پر هو تمام بهارد شخص هُيو، ماڻهن کي پريشانين مان ڪڊ ڻ جو هُنر ڄاڻيندو هُيو. جڏهن مان بيمار ٿيندو هوس ۽ بابا گهر ۾ نه هوندوهو تڏهن بخار لهڻ کان وڌيڪ بابا جي گهر اچڻ جو انتظار ڪندو هوس ڇو ته هن جي اچڻ سان جيڪو آٿت ملندو هُيو ان سان ڄڻ ته بُخار جو خوف ختم ٿي ويندو هو، جڏهن هو گهرايندو هو ۽ بخار جي خبر پوڻ تي منهنجي ويجهو اڇي پنهنجو ڪُشادو هٿ منهنجي ٻرندڙپيشاني تي رکندو هو ته ته ڏاڊو سڪون ملندو هو. اس ني جلتي هوئي پيشاني په جب هاٿ رکا روح تڪ آگئي تاسير مسيحائي ڪي هوئين ته هو سدائين اسان جوخيال رکندو هو پر بيماري دوران اسان کي چاڪ ڪرڻ لاءَ هو جيڏي پيار جا جتن ڪندو هوانهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ناهي. فيض پيرزادو ٻڌائيندو آهي ته هڪڙي ڀيري امر کيبُ خار هُيو ۽ مامو انور شهر ۾ ڪو نه هو، ٻي ڏينهن گهر اچڻ تي هن زبير ۽ مونکي دڙڪاڏنا ته اوهان ڪراچي ۾ رهي به امر جو بخار لاهي نه سگهيا آهيو ! هن جو اهڙ رويو صرف پنهنجي اولاد تائين محدود نه هو پر هوبيماري ۽ پريشانين ۾ ٻين مائٽن ۽ دوستن جو به اوتروئي خيال رکندو هو. ماڻهن کي پريشانين مان ڪڊڻ،ٻين جي خوشين کي پنهنجي خوشين کان وڌيڪ ترجيح ڏيڻ ۽ ٻين جي حقن لاءِ وڙهڻ هن جون انوکيون خوبيون هيون. بابا کي سال 2002 ۾ امريڪا ۾ ٿيندڙسانا ڪانفرنس ۾ مقرر جي حيثيت ۾ شرڪت ڪرڻ لاءَگهرايو ويو ، پاڪستان مان کيس ڇهن مهينن جھي ويزا ملي هئي، امريڪا ۾ رهڻ دوران اتي جي سنڌي دوستن کيس امريڪا مان نڪرندڙ انگريزي ميگزين سنڌ واچ جو ايڊيٽر مقررڪيو هو، بابا جي دوستن جو خيال هو ته اسان کي هتي تنهنجي تمام گهڻي ضرورت آهي سو بهتر آهي ته تون هتي ئي رهي پئه ۽ سنڌ واپس موٽي نه وڃ.اسان جي گهر جون حالتون به اهڙيون هيون جو زبير به بابا کي اهو مشورو ڏئي رهيو هوته اوهان اُتي رهو ته بهتر رهندو ان سان گهر جون حالتون به ٺيڪ ٿي وينديون. امان جو خيال هو ته انور ڪجهه عرصو ڀلي اُتي رهي پر سدائين لاءَ نه ! پر مون لاءَ اهوڏاڊو ڏکيو هيو ته مان بابا کان سوا هتي رهان، مون کي هن جي ڏاڊي سڪ لڳندي هُئي. ان خوف وچان ته ڪٿي بابا واقعي به امريڪا نه رهي پوي مون بابا کي هڪڙو خط لکيو هيو جنهن جو هڪڙو مقصد اهو به هيو ته ڪٿي بابا ايئن نه سمجهي تي رُڳو پيسن جي ڪري اسان پنهنجي سون جهڙي پي ءَ کي پاڻ کان پري رهڻ لاء چوندا هجون . انهن ڏينهن ۾ شاههمحمد امريڪا وڃي رهيو هو مون بابا لاءَ اهو خط شاهه محمد کي ڏنو هيو. اهو خط پڙهي بابا مون کيهڪ اي ميل ڪئي هُئي جنهن ۾ هن لڳيو هيو ته It is the master piece literatureof my personal life بابا لکيو ته خط پڙهندي مونسان مارئي واري اها ڪيفيت هُئي ته لڙڪ نه لکڻ ڏين ، ڪريو پون قلم تي بابا وڌيڪ لکيو ته مون کي فخر آهي ته منهنجو ننڊي ۾ ننڊو پٽ به مون کي سنڌ واپس اچڻ جي صلاح ڏئي رهيو آهي ،مان سنڌ ضرور موٽندس اهو طي آهي . پوءِ امريڪا ۾ چار مهينا گذاري بابا سنڌ واپس آيو هو. انور ابڙي کي هڪڙي ڀيري منهنجي سامهون بابا چوي پيو ته امريڪا مان ٻن شينمون کي واپس ڪيو هڪ امر جي خط ۽ ٻيو زبير جي ٻارن جي سڪَ ! هو آئيڊيل پي وانگر آئيڊيل ڏاڏو به هيو ! هڪڙي ڀيري بابا ٻلهڙيجي ۾پنهنجو ڪتاب اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان پنهنجي ايم آرڊي واري دور جي جيل جي ساٿي ۽دوست اختيار ڀٽي کي ڀٽائي صاحب جي هيءَ سٽ لکي ڏنو ته بندي ٻيا قرار، اسين لوچيون لوهه ۾ بابا مون کي ڏسندي اختيار ڀٽي کي چيو ابا ! سکر جيل ۾ مون سان سڀ ان وڏو مسئلو امر هوندو هُيو، هي تڏهن ٽن سالن جو هُيو ۽ سکر جيل ۾ گهر وارن سان گڏ مون سان ملڻ ايندو هُيو پوءَ مان وري هن کي جيل واري گراونڊ ۾ چڪر ڏياريندو هوس ته هي ضد ڪري چوندو هيو ته مون کي جيل کان ٻاهر وٺي هل ۽ شي وٺي ڏي، مان ان وقت تمام گهڻي بي وسي محسوس ڪندو هوس ! مائٽن ۾ هڪ ڇوڪري سان دل لڳي وئي، امان کي وڃي پنهنجي پسند ٻڌايم ، امان کي ڳاله وڻي ڄڻ مون امان جي دل جي ڳالهه ڪئي هُئي پر امان اوچتو هرٽ اٽيڪ ۾ اسان کان جُدا ٿي وئي. امان کان پوء مون بابا کي چيو مونکي باک سان محبت آهي اسان هڪٻئي کي چاهيندا آهيون، مڳڻي ڪرڻ ٿاچاهيون. بابا بنا دير جي چيو ٺيڪ آهي ،اهو ته مسئلو ئي ناهي اهو ڪم ڪري ٿا وٺون. بابا چيو اها ڳاله مان پاڻ به شاهه محمدسان ڪري ٿو سگهان پر امام بخش (بابا جو وڏو ڀاءَ ۽ شاهه محمد جو والد) ۽ ڀاڄائي گذاري ويا آهن سو بهتر ٿيندو ته مان فيض پيرزادي زريعي اها ڳاله شاهه محمد تائين پهچايان. فيض اهو پيغام شاهه محمد تائين پهچايو، شاهه محمد جو خيال هو ته اسان وقت اچڻ تي امر ۽ باک جي شادي ڪرايون ته بهتر رهندو ڇو ته مڳڻي اسان جي خاندان ۾ هڪ مسئلو ٿي وڃي ٿو ، جنهن کي اختلافن هوندي به ڪڏهن ڪڏهن ٽوڙڻ مشڪل ٿي ويندو آهي. بابا اها ڳاله ٻڌي ڪجهه اُداس ٿيو . شاهه محمد پنهنجي جاءَ تي درست هُيو، هن اها ڳاله مون کي به سمجهائي پر تڏهن اسان ۾ جواني جو جوش، عشق جو جنون هُيو ٻيو وري مون سان منهنجي شڪتي بابا هُيو، بابا منهنجيون سموريون بي چينيون سمجهي رهيو هو هن مون کي چيو هنن جا سڀ انديشا ختم ڪنداسي تون فڪر نه ڪر اهو ڪم ٿي ويندو ۽ پوء نيٺ بابا باک ۽ منهنجي مڳڻي ڪرائي مون سان هٿ ملائي مون کي مڳڻي جي مبارڪ ڏني. هن اها زميواري ماءُ بڻجي پوري ڪئي. شادي کان پوء هن جي وڏي خواهش منهنجي شادي ڪرائڻ هُئي. هو جڏهن به سنڌ جي سير تي نڪرندو هو ته سنڌي ثقافت سان تعلق رکندڙ ڪا شي منهنجي شادي لال وٺي ايندو هو، هو ٿر ويو ته منهنجي لاءِ شادي جاموڙ وٺي آيو ، ڀٽ شاه تان وڄڻو وٺي آيو، جڏهن بابا سفما وارن سان پنجن ڏينهن جي دوري تي ممنئي ويو هو ته باک جي شادي لاءِ گُلابي رنگ جي خوبصورت ساڙهي وٺي آيوجيڪا باک شادي واري ڏينهن پاتي هئي. ان ساڙهي جو زڪر بابا پنهنجي سفر نامي ممبئي ياترا ۾ به ڪيو آهي. بابا جو دوست ذاهد مخدوم امريڪا مان پاڪستان گهمڻ آيو ته بابالاء پرفيوم وٺي آيو بابا چيو هي ولائتي پرفيوم آهي تون پنهنجي شادي لاءِ رک. اسان سنڌين ۾ ڪنوارجي ڀوڇڻيءَ تي کڻ هڻڻ جو رواج هوندو آهي، اهازميواري به بابا ماءَ بڻجي پوري ڪئي هُئي . ٻلهڙيجي ۾ ٿيندڙ ان رسم ۾ مون کي گهوٽ ڪري ويهاريو ويو هو، ڀرسان بابا ويٺو هو، هن جون اکيون مُسلسل آليون هيون ڇوته ان موقعي تي هو امان ۽ پنهنجي وڏي پٽ زبير جي ڪمي کي شدت سان محسوس ڪري رهيو هو. ان وقت هو پنهنجي پٽ زيد کي به ياد ڪري اُداس هُيو جيڪو تن ڏينهن ۾ آسٽريا پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويل هو ۽ ان موقعي تي موجود ڪونه هو. بابا جي اهڙي حساس طبعيت ڏسي ٻين جي به اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هُئا. بابا لُڙڪ به پئي اُگهيا ته وڏا ٽهڪ به ٿي ڏنا، جنهن وقت ڳوٺ جي مايون ڀوڇڻي کي کڻ هڻي رهيونهيون ته هو پهنجي مخصوص انداز ۾ ڀٽائي جي اها سٽ پڙهي رهيو هو ته سنهي سئي سبيو مون مارن سين من. افسوس ته منهنجي نصيب ۾ايترو ئي هيو، امان ۽ زبير کان پوءَ بابا به اسان کان وڇڙي ويو، عشق واري اها شادي ڏسڻ جو سندس خواب پورو ٿي نه سگهيو. شادي واري ڏينهن جڏهن سرگس ڪرڻ اسان سکي شاهه جمال تي پهتاسين ته مان بابا ، امان ۽ زبير جون قبرون ڏسي اوڇنگارون ڏئي رُنوهُيس. شادي کان پوءَ جڏهن اسان کي ساز ڄائوته ساز ۽ بابا جي محبت واري رشتي کي تصور ڪري مون هڪ نظم ڏاڏي ۽ پوٽي جي جوڙي لکيو هيو. هو ساز کي ڪيترو پيار ڪري هانان جي انور پيرزادي جي ئي لفظن ۾ ڪا ڀيڻي ناهي ! بابا ڪڏهن به اسان تي پنهنجا خيال نه مڙهيا پر اسان سدائين هن جي منفرد خيالن جا عاشق رهياسين، هڪڙي گهر۾ چوويهه ڪلاڪ گڏ رهندي به هو نئون نئون لڳندو هُيو . گهر ۾ جڏهن به بابا جا دوست ايندا هُئا اسان ٻار سندن ڪچهري ۾ ضرور ويهندا هُئا سي، هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ اسان کان نه لڪايو، بابا جا گهڻا دوست اسان جا به دوست آهن ! بابا تمام گهڻو حسين هوندوهيو ۽ منهنجي هن سان بي تڪلفي به گهڻي هوندي هُئي سو مان بابا کي اڪثر چميون ڏيندورهندوهوس، امان چوندي هُئي هاڻي وڏو ٿي ويو آن پڻهين کي چميون نه ڏيندو ڪر (ها ها ها)،پوءَ جڏهن امان وڇڙي وئي هئي ته مان بابا کي ڀاڪر پائي رُنو هيس، بابا به سڏڪوڀريندي چيو هو جوان آهيو پٽ همٿ ڪيو ! بابا پنهنجي ٻارن سان ڪيتري محبت ڪندو هُيو ان جو اڃا به شدت سان اندازو اسان کي زبير جي اوچتي دکدائڪ موت تي ٿيو، اسان بابا جهڙي اڏول ۽ بهادر شخص کي سڄي ڳوٺ جي سامهون ٻارن وانگر اوڇنگارون ڏيندي رئندي ڏٺو،هو پنهنجن درد ڀرين پارن ۽ لڙڪن کي روڪڻ جي بلڪل به ڪوشش نه پيو ڪري. اسان بابا کي سندس ڀائرن ۽ ويجهن مائٽن جي موت تي ڳوڙها اُگهندي ضرور ڏٺو هوپر زبير جي موت تي هن جا لونءَڪانڊاريندڙ پارَ ۽ ڳوڙها تمام گهڻا درديلا هئا، هو چئي رهيو هو اڙي ! منهنجو گهرتباهه ٿي ويو! اڙي زبير منهنجو پٽ نه منهنجو دوست هُيو! اڙي ! اسان ته گڏجي پئنداهئاسين هو ته منهنجي دوستن جو به دوست هيو ! زبير تون منهنجو انتظار ڪجان، مان توسان جلدي ملڻ ايندس! هن ڀٽ شاهه تي زبير جي موت جي خلاف درج ڪرايل ايف آئي آر ۾لکيو ته پٽ ان ڪري ڄڻبا آهن ته هو جوان ٿي پنهنجي پي کي ڪلهو ڏين ، هن کي قبر ۾لاهن ،سو جڏهن مون کان ملان زبير جي جنازي نماز پڙهائڻ لاءَ پڇيو ته مون وٽ اوڇنگارون ڏيڻ کان سوا ڪو به جواب نه هُيو! زبير کان پو بابا تمام گهڻو تبديل ٿيويو هو، زبير کان پوءِ بابا پيئڻ ڇڏي ڏنوهو چوندو هيو زبير کان پو پيئڻ ۾ مزو نٿواچي،. حسن مجتبي صحيح لکيو هو ته انور کي نشي نه پر جوان پٽ ۽ زال جي موت ماري ڇڏيو ! امان به زبير کان پو گهڻو وقت نه جي سگهي. اولاد ٿيڻ کان پو امان ۽ بابا جودرد هاڻي مان به محسوس ڪري ٿو سگهان. پنهنجي زنگي جي آخري ڏينهن۾ جڏهن بابا ڪراچي جي لياقت اسپتال ۾ داخل هيو تڏهن سخت تڪليف ۾ به اسان هن جي بهادري ۽ مهانتا کي سدائين وانگر اوچو ئي ڏٺو، هوان حال ۾به پاڻ کان وڌيڪ ٻين جوخيال رکندو هيو، هو اسان پٽن کي واري واري سان سڏ ڪري چوندو هيو ته مون کي زورَڏيو ۽ اسان خوشي سان هن کي ذور ڏيندا هُئاسي. پوٰءِ جڏهن بابا آئي سي يو ۾ هئو ۽هن جي بچڻ جا امڪان تمام ٿورا وڃي بچيا هئا ته اسان جي سوٽ ڊاڪٽر فياض پيرزادي جيڪو اسپتال ۾ اسان سان گڏ بابا جي ان جي پٽن وانگر خدمت ڪندو هيو، اسان کي ٻڌايو ته هڪڙي رات اسپتال ۾ مامو انورمون کي پيو چوي ته منهنجي ٻارن جي ماءَ هرٽ اٽيڪ ۾ اوچتو گزاري وئي هئي ۽ هن جي ٻارن کي هن جي خدمت ڪرڻ جو ڄڻ ته موقعو ئي نه مليو هو،هاڻي مان هنن کي چوندو آهيانته مون کي اچي زور ڏيو ته جيئن هنن کي اهو احساس نه ٿئي ته هنن آخري وقت ۾ پنهنجي پيءَ جي خدمت نه ڪئي. هڪ عظيم پي جو اهڙو حساس جملو ٻڌي اسان سڀ گڏجي رُنا هئاسين! بابا کان پو اسان سندس پٽن هن جي ڪجهه ويجهن دوستن سان ملي انور پيرزادو اڪيڊمي ٺاهي ۽ ان جي پليٽ فارم تانهن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا، اهو سلسلو اڃا هلندڙ آهي، ماڻهو اسان جي تعريف ڪنداآهن، صالح اولاد هجڻ جا لقب ڏيندا آهن پر اسان کي بابا جيترو پيار ڏنو، هن جا اسان تي جيترا احسان آهن ،ان جي آڏو اهو ڪم انتهائي معمولي آهي ۽ هن جا ڪم ڪندي اسان کي ڪڏهن به ٿڪ جو احساس ناهي ٿيندو. هن جي وڇوڙي کي ڪيترائي سال گزري ويا پر گهر ۾ اهڙو ڪو ڏينهن ناهي گزرندو جڏهن گهر ۾ هن جو زڪر نه ٿيندو هجي، هو پنهنجي شخصي سحر ۽ شفقت واري ساٿ سان اڄ به اسان سان هر وقت گڏرهندو آهي.