رياضت ٻرڙو سالُ سَجايو ٿيو... ”زندگيءَ ۽ موت جو لاڳاپو ته اسان جي ڄاڻ سان آهي. ڄاڻ نه هجي ته زندگي ۽ موت هڪجهڙا آهن.“ (امرتا پريتم) زندگيءَ ۽ موت، ڪمال ۽ زوال، بقا ۽ فنا جي سِيما ۽ تفريق جو نانءُ ڄاڻَ آهي. ڄاڻَ صدين جي عرصي تي پکڙيل آهي. ان ۾ وقت جو هر پَل، ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ واڌارو ڪندو رهيو آهي. هڪُ پل جڏهن ٻي پل سان جُڙندو آهي ته، ڀَلي ته اهو مِنٽن، مهينن، سالن يا صدين کي جوڙيندو هجي، پر تحقيق، ته هڪ نينهن ڀرئي ناتي کي به جوڙيندو آهي. ان ناتي کي، جنهن جو سندر نانءُ محبت آهي. محبتَ هڪ انوکي احساس ۽ لطيف ڏيندڙ لمحي مان، اسان جي مَن منجهه زندگي وٺي ٿي، ۽ جيئاپي جي پهرئين پل ئي امرت جو پيالو پيئي ٿي. پَڪا پُـختا سڀئي رشتا ته ٽوڙڻ سان ٽُـٽي پوندا، مگـر نـازڪ تـرين نـاتـو محبت جـو نه ٽـٽـڻـو آهه. (’حامي‘) وقتُ اوندهه ته آهي، پر اهو روشني به آهي. وقت جا ڪِرڻا جڳ کي جرڪائن ٿا، ۽ ماڻهو جي من کي منور ڪن ٿا. وقت کي هٿيڪو ڪرڻ ڪو سهنجو ناهي، ان لاءِ خاص ڪوششن جي گھرج اڻٽر هوندي آهي. لُـڙڪ هجـي ته رکي ڇـڏيان، ٽِـشـو پـيـپـر منـجهـه، مُٺ ۾ ڪيئن پڪڙي سگھان، ڪِرڻي جهڙو پَل. (امداد حسيني) جيئن وقتُ پنهنجي تسلسل سان اڳتي وڌندو رهي ٿو، ويهين صديءَ پوءِ ايڪيهين صدي آجيان ڪري ٿي، لَهندڙ 2013 مان 2014 اُڀري ٿو، ايئن محبت جو سلسلو به زندگيءَ جي آجيان ڪري ٿو ۽ ان منجھان حسناڪيءَ جا نوان چِٽ حاصل ڪري ٿو. ڇا مون پنهنجو پاڻ کي، تو ۾ سڃاتو؟ منهنجو توسان سانورا! ننهن ننهن جو ناتو، مون توکي پاتو، يا مون پاتو پاڻ کي؟ ( شيخ اياز) جيئن وقت ڪڏهن به پُراڻو ناهي ٿيڻو، ايئن محبت به ڪڏهن پراڻِي ناهي ٿيَـڻي. جيئن وقتَ جا انيڪ روپ ۽ رنگ آهن، ايئن محبت جا به انيڪ روپ ۽ رنگ آهن. جيئن وقت جي ڪِن لمحن ۾ خوشيءَ جا آسمان ۽ ڏک جا سمنڊ سمايل آهن، ايئن محبت جي ڪِن لمحن ۾ ٽهڪن جا تارا ۽ چَهڪن جون اونداهيون سانڍيل آهن. سِڪَ منهنجِي ڪَٿيندين ڪيئن، درياءُ مَئيندين ڪيئن؟ نه ئي نينهن جو ڪاٿو آ، نه ئي سونهن جو ڪاٿو آ. (علي دوست عاجز) وقتُ ماڻهوءَ کي وڃائي ٿو، پر وقت ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهو بڻائي به ٿو ۽ هن کي مفهوم ۽ معنى ڏئي ٿو، بلڪل ايئن، جيئن محبت به ڪن حالتن ۾ ماڻهوءَ کي بظاهر وڃائي به ٿي، پر اصل ۾ ماڻهوءَ کي بچائي، هن کي بامقصد ۽ بامعنى بڻائي به ٿي. محبت ئي اها ڄاڻ آهي جيڪا وقت سان گڏوگڏ ماضيءَ کان حال ڏانهن سفر ڪندي آئي آهي، مستقبل کي حال بڻائي محوِ سفر رهي ٿي. ڪيترائي سال تون ڄڻ ته سارنگيءَ منجهه سِرجين پَئي اوچتو اي مَڌ مَئِي سُر جيان سِرجِي پئينءَ گيت ڪوئي ٿِي وئينءَ آنءُ سارنگيءَ ۾ ڳوليان پيو، ان ۾ ڪٿي رهندي هئينءَ؟ سانتِ ايڏا سال ڪئن سَهندِي هئينءَ؟ ڇو نه تون ٻاهر اچي ڪَهنديي هئين؟ سازَ جي سنسار سان اچ ته ڪيڏي پيار سان تون ٻُرين پيئي پرين، ڪيترائي گيت تون ڏيئِي پرين پوءِ ڇو گم ٿي وئينءَ؟ اوچتو گم ٿي وئينءَ! ڄڻ ته تون موٽي وئينءَ سارنگيءَ جي تارَ ۾! آنءُ تنهنجي سارَ ۾ ڪيتري ڳولا ڪئي ساز ۾ ڦولا ڪئي ڏِسُ ته منهنجا حال تون! ڪيترائي سال تون... (شيخ اياز) وقتُ ڳولا ئي ته آهي، حق ۽ سچ جي ڳولا، مقصد ۽ معنى جي ڳولا، ازل ۽ ابد جي ڳولا، پرينءَ ۽ پريت جي ڳولا، سُر ۽ ساز جي ڳولا، مستيءَ ۽ سرمستيءَ جي ڳولا، حسن ۽ حسناڪيءَ جي ڳولا، چنڊ ۽ چانڊوڪيءَ جي ڳولا، اُڌمي ۽ اڪير جي ڳولا، لطف ۽ لطافت جي ڳولا، رياض ۽ رياضت جي ڳولا، سونهن ۽ سرت جي ڳولا، خوشبوءِ ۽ خار جي ڳولا، سپني ۽ ساڀيا جي ڳولا... وقتُ هڪَ سگهه آهي، جنهن کي سمجھڻ ۾ ڏاهَن ماڻهن پنهنجيون حياتيون گذاري ڇڏيون، ڇاڪاڻ ته سگھ جيئاپي جو راز آهي. جن قومن ۽ ماڻهن وقت کي سمجھيو تن جيئاپي جو راز ماڻي ورتو. اهو جيئاپو جيڪو عزت، مانُ، شانُ ۽ مڃتا بخشي ٿو، جيڪو انسانذات جي تنزليءَ کي ترقيءَ جي شاهراهه تي آڻي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهپو ڏئي محبت جي معراج تي رسائي ٿو. وقتُ گذري وڃڻو آهي، پر اهو ايئن نه گذرڻ گھرجي ڄڻ هيو ئي نه. وقت جو پَل پَل پيار، ڄاڻ ۽ سچ چاهي ٿو. وقت جو ڪارج جنهن سال سجايو ٿيو، اهو سال ئي سجايو ٿيو.