يار اهو دماغي ڪم اسان جو دوست ذيشان رشيد گهڻو ڪندو آهي ۔۔۔ کيس بادام، اکڙوٽ ۽ هاڻ ان دوا جي گهرج آهي، اوهان سندس ڪم آسان ڪري ڇڏيو۔
دوستن سان کڻي ڪيتريون ئي ڊاڙون هڻي ٻڌايون ته اسان جو دماغ درست جاءِ تي آهي پر سليمان وساڻ جهڙا ساٿي جلد اسان جي ڳالهائڻ مان سمجهيو وڃن ته گهڻو دماغي ڪم ڪرڻ ڪري اسان کي اهڙين دوائن جي ضرورت آهي۔۔۔ خير دوست دوا ته واقعي خوب ۽ اسان جهڙن لاءِ ئي آهي پر مسئلو اهو آهي ته اها خريد ڪٿان ڪجي۔۔۔ جي ڪو سهنجو طريقو نه ڏنوَ ته پوءِ چانهن ٺاهڻ جي مشق به ڪري وٺو جو دوا به توهان کان وٺبي ۽ دارون (چانهن) به توهان کان۔۔۔
هاهاها ۔۔۔ سائين رشيد صاحب ان کي چوندا آهن ” لڏ به ڏي ۽ لڏاڻي به“ ۔۔۔ خير منهنجي گهر جا دروازا ۽ دل جا دروازا ٻئي توهان جهڙن سڄڻن لا سدائين کليل آهن سائين ۔
دوا ته توهان کي سائين ڊاڪٽر صاحب جن وٽان يا ڪنهن اسٽور تان ملي ويندي پر توهان جي پاران کائيندو ڪير؟ توهان کي فرصت هجي ته دوا کائو نه! ليڪن مذڪوره دوا کائڻ ۾ بالڪل آسان آهي نه پاڻيء جي ضرورت نه وري وڏي وزن جي ڪري پاڻ سان کڻڻ ۾ ڪو مسئلو،نه هارجڻ جو خوف بس پاسي واري کيسي ۾ يا پرس ۾ رکي ڇڏيو جنهن مهل فرصت ملي ٽي چار گوريون چٻاڙي کائي ڇڏيو آهي نه آسان طريقو۔ ليڪن اوهان کي ياد ڏيارڻ لاء به ڪو ٻيو رکڻو پوندو۔ ٻئي ٽئي ڏينهن ته اسان به يادگيري ڏياري سگهنداسين ليڪن روزانو يادگيري اسان کي به ڪونه ٿي بيهي۔
لڳي ٿو ذيشان رشيد کي اها دوا کارئڻ جي چڪر ۾ اسان پاڻ ذهني ٿڪاوٽ جو شڪار ٿي اها دوا کائڻ جهڙا ٿي وينداسين
دوا جي ملڻ جو مسئلو به ٿيو حل۔۔۔ باقي يادگير ڏيارڻ لاءِ دوا پاڻ جو آهي۔۔۔ مٿي ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي نه ته دوا حافظو وڌائي ٿي۔۔۔ ها بس هاڻي رڳو هڪ پريشاني آهي ته دوا ڪوڙي نه هجي۔۔۔ جو اسان پاڻ به مٺا ته مٺين شين کي پسند به خوب ڪيون۔۔۔
سائين مٺا توهان بالڪل پريشان نه ٿيو دوا بالڪل ڪوڙي نه آهي۔ اهو به شڪر جو مٺين شين پسند ڪرڻ وارن جي تعداد ۾ توهان به شامل آهيو ورنه اسان جو دوست ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري صاحب ته رڳو ۔۔۔۔۔ چوي ٿو ته ۔۔۔۔۔ مٺاڻ پسند ڪندا آهن۔حالانڪه مٺي شيء جڏهن آهي ئي مٺي (پياري) ته هر ڪنهن کي پسند ته اچي ٿي ننڍن ٻارن کان وٺي پڪن پوڙهن تائين۔هڪ لطيفو هوندو آهي ته هڪ ماڻهو ماکي پئي کاڌي ڏٺائين دوست پيو اچي سوچيائين ته جيڪڏهن چوندس ته ماکي آهي ته کائڻ شروع ٿي ويندو ان ڪري پڇڻ تي چيائين زهر ٿو کاوان اهو دوست به شروع ٿي ويو ان چيس ته اهو ڇا ٿو ڪرين چيائين ادا توهان کان پوء جيئڻ بيڪار آهي۔ سو ان ڳالهه وانگر سوئيٽ ڊش وڻي سڀن کي ٿي ليڪن متان ڪو ٻيو به شروع ٿئي اڳي ئي طعنو ڏئي ڇڏجي ته من ڪو نه کائي۔