شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن
سلام ڪوٽ (رپورٽ : غازي بجير) : اسلام ڪوٽ ۾ سرڪاري زمين والارجي وئي. هندو مسلم قبرستان سميت چوپائي مال جي لاءِ ڇڏيل گئوچر واري زمينن، وڏي مڙهي، وڏي ترائي، ڪاري ڏاهري، سميت چراگاهن واري جي ايريا تي بااثرن قبضا ڪري ورتا آهن. جنهن سبب زمين جو هڪ انچ به خالي ناهي بچيو. ڪالهه سرڪاري زمين تي ٿيل قبضن خلاف مالوند ماروئڙن سميت مختلف برادرين بجير، ڪنڀار، ٺڪر، مکي، ميگهواڙ، جا ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. بعد ۾ بچل ڪنڀار، جلال بجير، ڪامريڊ نواز بجير، محبت، سوائي ٺڪر، لڌو سنگهه، دلو ڪنڀار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾سوين ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي ننگر پارڪر روڊ ۽ مٺي روڊ تي ٽائون موڙ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏيئي الڳ الڳ ڌرڻا هنيا. جنهن سبب مسلسل ڇهه ڪلاڪ ڌرڻا لڳل رهيا. ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪيا ويا. جنهن سبب سموري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. گاڏين جون قطارون لڳل نظر آيون. مظاهرين قبضا گيرن خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته چراگاهن جي زمينن سميت هندو، مسلم قبرستانن توڙي سرڪاري زمينن تي زبردستي قبضا ڪيا ويا آهن. قبضا گير ٽولا سرڪاري زمين تي قبضا ڪرڻ بعد زمينون ڀڳڙن مٺ عيوض ڌارين ماڻهن کي ڏيئي رهيا آهن. قبرستانن تي قبضا ڪري مري ويل مردن جي قبرن مٿي عمارتون ٺاهيون ويون آهن. روينيو وارا ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هنن چيو ته چوپائي مال لاءِ ڇڏيل گئوچر زمينن تي ٿيل قبضن بعد چوپايو مال گهرن تائين محدود آهي. قبضا ڪندڙ ڌرين
قبضا ڪري جهوپڙيون ٺاهي ورتيون آهن. شهر جي چئوطرف سرڪاريزمين جو هڪ انچ به خالي ناهي بچيو. ترت قبضا خالي ڪرائي ملوث ڌرين خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته اڻ اعلانيل مڌي تائين شٽربند هڙتال ڪري ڊي سي آفيس آڏو تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو. ٻئي طرف مختيارڪار جي حڪم تي تپيدار جهامن داس قبضن واري هنڌ پهتو. جتي قبضا خالي ڪرائڻ جو يقين ڏياريو آهي. جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو. انهي سلسلي ۾مختيارڪار اسلام ڪوٽ عبدالحق درس چيوته مون تپيدار کي جاچ جو حڪم ڏيندي قبضا گيرن جي لسٽ طلب ڪئي آهي.احتجاج ڪندڙن کي اين سي داخل ڪرائڻ جو چيو آهي. جنهن بعد پوليس سان گڏجي ڪارروائي ڪئي ويندي. اسان قبضا وارو ڪم بند ڪرايو آهي. جلد قبضا ختم ڪرايا ويندا. ڪنهن کي به بخش نه ڪبو. تپيدار جهامن داس چيو ته قبضا واقعي ٿيا آهن رپورٽ ٺاهي مختيارڪار حوالي ڪئي آهي.
