• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گيهي مل ۽ سندس نوجوان پوٽي ولشي مل جو 72 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو

ٽنڊو محمد خان(رپورٽ: حيدر شورو) ٽنڊي محمد خان لڳ راڄو نظاماڻي مان اغوا ڪيل هندو واپاري گيهي مل ۽ سندس نوجوان پوٽي ولشي مل جو 72 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جڏهن ته ضلعي جي ڪنهن به ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، هوڏانهن مغوين جي گهرن ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل، جڏهن ته علائقي جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي سار نه لڌي آهي، جڏهن ته پوليس پيرا وڃائڻ بعد واپس گهر موٽي آئي، وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي.
 
Back
Top