شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن
شڪارپور(ڊ.ر) ڊسٽرڪٽ جيل شڪارپور ۾ دھشتگردي ٽوڙ جي عدالت جي جج مشتاق احمد لغاري ڪراچي جي سنيئر صحافي مقتول ولي بابر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي مقتول ولي بابر جي ڀاءُ مرتضيٰ بابر، سرڪاري وڪيل عبدالحڪيم بجاراڻي ۽ جوابدارن مان جوابدار محمد شاھ رخ، فيصل محمود، محمد شڪيل، سيد طاھر شاھ ۽ محمد علي شاھ جن عدالت ۾ پيش ٿيا جڏھن ته جوابدارن جو وڪيل پيش نه ٿيو جنھن کان پوءِ دھشتگردي ٽوڙ جي عدالت جي جج مشتاق احمد لغاري جوبدارن جي وڪيل طرفان عدالت ۾ پھرين پيشي دوران داخل ڪرايل درخواست جنھن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيوويو ھو ته ڄاڻيل ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ٻڌڻ جوڳو نه آھي ۽ اھو ڪيس سيشن ڪورٽ جي عدالت ڏانھن منتقل ڪيو وڃي اها داخل ٿيل درخواست جج طرفان وڪيل جي غير حاضر ھئڻ سبب رد ڪئي ۽ ڪيس ٻيھر ايندڙ 13جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ھوڏانھن پيشي دواران جيل انتظاميا طرفان سخت انتظام ڪيا ويا ھئا.
