شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن
لاڙڪاڻو/ڳيريلو (رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو+قربان گاڏهي) بلوچستان مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ نڪتل پيادل مارچ قافلي پ پ سربراهه بلاول ڀٽو زرداريءَ جي هدايتن تي پ پ پ پاران ڪيل استقبال کي رد ڪري ڇڏيو، گل ۽ گرم ڪپڙا وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ماما قدير بلوچ جو چوڻ آهي ته پ پ قاتل آهي. ان جي ماني ڪيئن کائي سگهجي ٿي. ڪراچي کان 13 ڊسمبر تي پنهنجن پيارن جي آزاديءَ لاءِ ماما قدير جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل پيادل مارچ قافلو جڏهن لاڙڪاڻي ٻاهران فريد آباد ڳوٺ سامهون پهتو ته اتي پ پ جي سرپرست اعليٰ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي هدايتن تي پ پ لاڙڪاڻي پاران قافلي ۾ شامل ماڻهن لاءِ ڪيل ماني ۽ گرم ڪپڙا ڏيڻ لاءِ ڪئمپ قائم ڪري اهتمام ڪيو ويو هو. ڪئمپ تي موجود پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ايم اين اي محمد اياز سومرو ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح ڀٽو، پ پ سٽي جو صدر آفتاب احمد ڀٽو، جنرل سيڪريٽري محمد اسلم شيخ ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ ۽ سپاف جي اڳواڻن ڳوٺ فريد آباد سامهون قائم ڪيل ڪئمپ تي ماما قدير بلوچ جي اڳواڻيءَ ۾ پهتل قافلي جي آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ قافلي کي چيو ويو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ پاران ماني جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي قافلي ۾ شامل ماڻهن پ پ جي ماني کائڻ ۽ گرم ڪپڙا وٺڻ کان انڪار ڪندي گلن جي ورکا کان پڻ پ پ پ جي ڪارڪنن کي روڪي ڇڏيو. ان موقعي تي قافلي ۾ شامل عورتون ۽نوجوان جذباتي ٿي ويا ۽ پ پ جي اڳواڻن۽ ڪارڪنن سان منهن ماري ٿي ۽ چيو ته اسان هتي هڪ سيڪنڊ به نه بيهنداسين ۽ اسان جي آڏو رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن. ان موقعي تي پ پ جي ضلعي صدر محمد اياز سومرو کين چيو ته اسان پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي توهان کي ماني کارائڻ جو بندوبست ڪيو آهي ۽ قافلي ۾ نياڻيون شامل آهن ۽ سنڌ جي روايت موجب مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي قيادت توڙي ڪارڪن موجود آهن. پر قافلي ۾ شامل ماڻهن بلوچ عورتن ۽ نوجوانن محمد اياز سومرو کي ماني کائڻ کان کتو جواب ڏئي اڳتي وڌڻ شروع ڪري ڏنو. جنهن کانپوءِ پ پ جا ماڻهو واپس لاڙڪاڻي روانا ٿي ويا. جڏهن ته اوٺا چوڪ تي پيادل مارچ جو قافلو پهتو ته مختلف قومپرست ڌرين ۽ علائقي جي ماڻهن سندن جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ۽ گلن جي ورکا ڪئي. ان موقعي تي بلوچ اڳواڻ ماما قدير بلوچ چيو ته پ پ پاران اسان جي پيادل مارچ جي آجيان ۽
ماني کارائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. انهن اسان جي عورتن سان بدتميزي ڪئي. هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي دور حڪومت ۾ بلوچستان ۾بلوچ نوجوانن کي کنڀي مارڻ جو سلسلو وڏي پئماني تي شروع ڪيو ويو ۽ ان دور ۾ اسان جا ماڻهو کنڀي ماري ڦٽو ڪيا پيا وڃن ۽ هن چيو ته مشرف جي دور ۾ به ماڻهو کنڀيا ويا هئا پر ان وقت جي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ايجنسين کي حڪم ڪيو هو ته بلوچن مٿان ڏنڊو وسايو وڃي، جيڪو هن وقت به هلي پيو. هن چيو ته پ پ قاتل جماعت آهي ۽ اسان قاتلن سان ڪيئن گڏ ويهي ماني کائي سگهون ۽ دشمنن سان ويهڻ سٺو نه لڳندو. هن چيو ته اسان جي 15 سو ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ هن وقت 18 هزار 2 سو ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا آهن. جن مٿان بدترين ٽارچر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته 2 ڏينهن اڳ تربت ڪاليج مان اسان جا ٻه ماڻهو کنڀي اغوا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پنجاب حڪومت سنڌ جي گورنر کي 3 ڪروڙ ڏنا آهن ته بلوچن جي قافلي کي پنجاب اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي، جڏهن ته اسان کي ٺٽي کان لاڙڪاڻي تائين سيڪيورٽي نه ڏني وئي آهي ۽ مختلف هنڌن تي سادن ڪپڙن ۾ ڳجھن ادارن جا اهلڪار اڳيان ۽ پويان پيڇو ڪري ڌمڪائي رهيا آهن پر اسان کي سنڌ جي ماڻهن ۽ قوم پرستن وڌ ۾ وڌ محبتون ۽ سهارو ڏنو آهي. حڪومت ڀل اسان کي سيڪيورٽي نه ڏي پر سنڌي ڀائر، قوم پرست هر هنڌ اسان کي سيڪيورٽي ڏئي رهيا آهن، اميد ته پنجاب ۾ داخل ٿيڻ تائين گڏ هوندا ڇو ته سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن توڙي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ کانپوءِ گوليون هڻي ڦٽو ڪيو وڃي ٿو ۽ چچريل لاش ملڻ جو به سلسلو جاري آهي، بلوچ ۽ سنڌين سان ساڳيون ئي زيادتيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته زيادتيون ڳجھا ادارا، پ پ ۽ نواز ليگ وارا ڪري رهيا آهن، انهن مان ڪا به اميد نٿي رکي سگهجي. هنن چيو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو ته سنڌ ۽ پنجاب جي بارڊر تي ڌرڻو هنيو ويندو. ان کان اڳ لاڙڪاڻو خيرپور پل وٽ پهچڻ وقت جسقم، جسمم، ايس اين پي، پ پ شهيد ڀٽو، جسقم آريسر، جماعت اسلامي ۽ ٻين گلن جي ورکا ڪري قافلي جي آڌرڀاءُ ڪئي. جسقم ۽ جسمم وفد خيرپور پل کان لاڙڪاڻي تائين جٿي جي صورت ۾ قافلي سان گڏ هو ۽ اوٺا چوڪ تي قافلي کي چانهه پارٽي ڏني وئي. آڌرڀاءُ ڪندڙن ۾ مختلف تنظيمن جا اڳواڻ ڊاڪٽر ممتاز شيخ، جميل گاد، محمد علي، شير محمد سومرو، بشير جتوئي، اسلم تنيو، زاهد ميراڻي، شفيق آريجو، علي ديشي، آڪاش سنڌي، نصرالله ابڙو ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته بلوچستان جي نوجوانن جي آزادي لاءِ نڪتل پيادل قافلو 55 ڏينهن جو فاصلو طئي ڪرڻ کانپوءِ گذريل رات خيرپور ضلعي جي راضي ديرو ۾ ترسڻ بعد رات دير سان لاڙڪاڻي پهتو، اڄ منزل طرف روانو ٿيندو.کنڀي گم ڪيل بلوچن جي آزادي لاءِ ڪوئيٽا کان 55 ڏينهن اڳ نڪتل پيادل قافلو جنهن ۾ عورتون پڻ شامل آهن جيڪو 10 ڏينهن ڪراچي ۾ ترسڻ بعد ڪراچي کان لاڙڪاڻي تائين 29 ڏينهن پنڌ ڪندا لاڙڪاڻو پهتا. ان کان اڳ خيرپور لاڙڪاڻو پل مڏ فريد آباد، اوٺا چوڪ، الله آباد محلو سميت مختلف هنڌن تي گلن جي ورکا، سنڌ ٽوپي، اجرڪ پارايا ويا. ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي پهتل قافلي ۾ شامل فرزانه مجيد بلوچ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايجنسين منهنجي ڀاءُ ذاڪر مجيد بلوچ کي کنڀي کڻي ويون آهن ۽ چئن سالن کان ان مٿان بدترين تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ خبر نه آهي ته منهنجو ڀاءُ ڪهڙي حالت ۾ هوندو. هن چيو ته اسان جو بلوچستان مان نڪتل قافلو بلوچستان جي حقن جي حاصلات ۽ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ آهي. منهنجو ڀاءُ شاگرد ليڊر آهي. هن چيو ته منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر ذاڪر مجيد بلوچ سميت کنڀي گم ڪيل بلوچن مٿان ڪي به ڪرمنل ڪيس آهن يا رياست انهن کي مجرم سمجهي ٿي ته انهن کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. پر سالن جا سال انهن کي کنڀي اغوا ڪري ٽارچر سيل ۾ رکيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان جي امڙ پٽ جي جدائي ۾ تڙپي رهي آهي. حڪومت جو عجيب رويو آهي ۽ بلوچن سان غيرانساني سلوڪ ڪري انهن جا حق غصب ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته اسان جا حوصلا بلند آهن ۽ احتجاج ڪرڻ اسان جو حق آهي. هن چيو ته هي پيادل مارچ سموريون رڪاوٽون ٽوڙي پنهنجي منزل تي پهچندو.
