اسلام عليڪم............. اميد ڪيان ٿو ته سڀ ڀاءُ خيريت سان هوندا ڀائرو سنڌ سلامت ۾ هي منهنجو پهريون ٽيوٽر آهي اميد ڪيان ٿو ته اوهان کي پسند ايندو. انگريزي سکڻ تمام ضروري آهي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ هر سهولت موجود آهي، انهن سهولتن کي ڏسي سوچيم ته ڀائرن سان ڪجھ سائيٽس شيئر ڪيان اميد ڪيان ٿو ته اوهان فائدو حاصل ڪندا. اچو ته سائيٽ تي وڃو۔ http://learnpk.com/ http://www.hugosite.com/ نوٽ .............. جيڪڌهن سائيٽ ڪلڪ ڪرڻ سان نه کلي ته پوء ڪاپي ڪري ايڊريس بار ۾ پيسٽ ڪري انٽر جو بٽڻ پريس ڪيو.
جواب: انگريزي سکڻ لاء بهترين سائيٽس ادا مظهر! ٿورا اوهانجا، انتهائي معلوماتي، آسان ۽ انگريزي ٻولي سکڻ لئه ڪارائتيون سائيٽس آهن ۔۔۔ انکي چوندا آهن سهڻو ونڊ ۔۔۔ اميد ته مون سميت ڪئي ٻيا دوست ان مان فائدو حاصل ڪندا ۔۔۔ ۽ پنهنجي گهر ۾ موجود اولاد کي پڻ انجو ڏس ڏيندا ۔۔۔ جيئن مون ڪيو آهي ۔۔۔ شال جڙيو هجين ۔۔۔ دوست
جواب: انگريزي سکڻ لاء بهترين سائيٽس وڊيو ۽ ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود بهترين مواد آهي ۔۔۔۔ ادا مظهر علي توهان جي پهرين تحرير ئي لاجواب آهي۔۔۔ اهڙي ڪم کي جاري رکجو۔۔۔
جواب: انگريزي سکڻ لاء بهترين سائيٽس ادا رشيد اوهان جي مهرباني............... انشا الله ڪوشش ڪندس ته اڃا بهتر لکان، بس اوهان ڀاءٌ جي دعا رهي ته.................
جواب: انگريزي سکڻ لاء بهترين سائيٽس مظهر توهان هي الفاظ ( لکها، ) غلط لکيو آهي۔ جڏهن ته صحيح الفاظ هيئين ٿيندو لکان
جواب: انگريزي سکڻ لاء بهترين سائيٽس ادا مظهر علي توهان انگريزي ٻولي سکڻ لاءِ هڪڙو زبردست سُونهون ٿي اسان کي ماڳ جو ڏس ڏنو آهي، اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي پڻ سمجهائينداسين، دنيا جي هرڪا ٻولي لکڻ ، ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ گهرجي، انگلش ٻولي ته هوننءَ به بين الاقوامي ٻولي آهي۔ جيترو جلد اها ٻولي سکبي اوترو جلدي ان ٻوليءَ مان سکڻ جو لاڀ حاصل ڪري سگهبو۔ لک لائق ادا مظهر۔
جواب: انگريزي سکڻ لاء بهترين سائيٽس پر سائين سمون صاحب مون اها ڳاله نوٽ ڪئي آهي ته انگريزي يا ٻئي ڪا ٻولي اسڪول ڪاليج يا ڪنهن سينٽر ۾ سکڻ سان ايترو فائدو نه ٿو ٿئي جيترو ماحول ۾ رهي سکجي ڇا خيال آهي؟