• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رڳو رانديگر ئي نه پر هاڻي گرائونڊ تي ڪريڪٽ ڏسندڙ تماشائي به لکا پتي بڻجي سگهن ٿا

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
هڪ مشهور اردو جو مثال هوندو هو ته ”پڙهو گي لکو گي تو بنو گي نواب ۔۔۔ کيلو گي ڪودو گي تو بنو گي خراب“ ۔۔ پر ڏسندي ئي ڏسندي ان محاوري يا مثال جا لاهه نڪري ويا ۔۔
ڪرڪيٽ جي راند ۾ جيڪڏهن کيڏن سي ته لکا پتي ٿيا ئي پر ڪجهه اهڙا به رانديگر آيا جيڪي ٽيم ۾ چونڊيا ويا ۽ بغير ڪا ميچ کيڏندي لکا پتي ٿي گمنام ٿي ويا۔۔۔ اهڙي طرح ٽي وي تي ميچ ڏسندڙ به يا ته لکا پتي يا وري ڪکا پتي ٿيو وڃن۔۔۔
پر هتي جيڪا ڳالهه مان توهان سان ونڊڻ پيو چاهيا سا آهي هڪ تماشائي جي جنهن گرائونڊ ۾ ان وقت هڪ لک نيوزيلينڊين ڊالر (لڳ ڀڳ 52 لک پاڪستاني روپيه) کٽي ورتا جڏهن ويسٽ انڊيز جي هڪ رانديگر جو لڳايل ڇڪي لڳايل بال ميدان جي ٻاهران ويهي هڪ هٿ سان پڪڙي ورتو۔۔۔
صورتحال مطابق هڪ brewer Tui نالي نيوزيلينڊ جي ڪمپني ان شرط سان هڪ لک ڊالر جو انعام رکيو هو ته ڪو تماشائي بيٽسمين جي لڳايل ڇڪي کي هڪ هٿ سان ڪيچ ڪري وٺي۔۔۔ اها ڪمپني جي بدقسمتي چئبي جو شرط جي پهرين ئي ڏينهن ان وقت جڏهن نيوزيلينڊ جي بالر Mitchell McClenaghan ميچ جي ڇهين اوور ۾ اهڙو بال ڏنو جنهن کي ويسٽ انڊيز جي Kieran Powell زوردار ڇڪي لاءِ اماڻيو ۽ صورتحال حيرت انگيز ٿي وئي جڏهن هڪ Morton stuck نالي تماشائيء پنهنجي هڪ ساڄي هٿ سان اهو بال ڪرڻ کان اڳ ئي ڪيچ ڪري ورتو۔۔۔
مارٽن جي بقول ”مان بابا جي بلڪل اڳيان ئي ويٺو هيس جڏهن ويسٽ جي پائول بال هوا ۾ اماڻيو ته مان اهو سمجهي ته بيٽسمين جي اڇايل بال جي ڪيچ پڪڙي ويندي ۽ آئوٽ ٿيڻ جي خوشي ۾ هٿ مٿي ڪيا ۽ حيران ٿي ويم جڏهن بال منهنجي هٿ ۾ اچي پيو۔۔۔“
BdbS5QsCUAA99pK.jpg


ڇا ايتري تمهيدي بيان کان پوءِ به توهان اها هڪ لک ڊالر واري ڪيچ ڏسڻ چاهيندو۔۔؟:)

 
همراهه ڪيچ به زبردست پڪڙيو آهي ۔۔۔۔ گهٽ ۾ گهٽ اسان جي فيلڊرن کان ته اهو عام تماشائي بهتر فيلڊر ٿو لڳي

سندس قسمت به ڀلي هئي ۔۔۔
 
Back
Top