جواب: ٻاهرين دنيا ۾ غير ملڪي ۽ سنڌ
ڀائڙا طاهر، ڪهڙي ڏکندي رڳ تي هٿ رکيو اٿوَ ۔۔۔ اوهان جهڙيءَ طرح سان سوال ڪيا آهن، لڳي ٿو ته ڪيتري عرصي تائين من ئي من ۾ حب الوطنيءَ جي سانڍيل باهه ٻاهر ڪڍي اٿوَ ۔۔۔ ادا سائين سچ انتهائي ڪڙو هوندو آهي ۽ اهو سچ چوندي اسانجا ڪيترائي ڏاها پنهنجون جانيون ڏئي ويا، سور سهي ويا ۽ رباب وڄائيندي وڃي خالق حقيقي سان مليا پر سنڌي قوم آهي جا ٻليءَ جيئان اکيون ٻوٽي ويٺي آهي ۽ انهيءَ فڪر کي پنهنجو ڪرڻ جي بجاءِ، ان مسئلي کي سمجهڻ کان پاڻ لنوائي رهي آهي ۔۔۔
پر ڪيستائين؟ نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي دوکي جي ديوار ۔۔
اوهان لکيو آهي ته؛
سنڌ ۾ ڌارين جي ڪاه اهڙي ته لڳي پئي آهي ڄڻ ڌاريا سنڌ کي پنهنجي جاگير پيا سمجهن
سچ چيو اوهان ۔۔۔ ڪراچي ۔۔۔ حيدرآباد، سکر ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا شهر ڌارين جي ملڪيت ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي مالڪي اسان پنهنجن هٿن مان وڃائي چڪا آهيون ۔۔۔ سنڌ جون سرحدون کليل آهن، ڪير به ايرو غيرو، بغير ڪنهن جهل پل جي سنڌ ۾ نه فقط داخل ٿي سگهي ٿو پر سڀ حق حاصل ڪري سگهي ٿو ۔۔۔ شناختي ڪارڊ کان وٺي ۔۔۔ پاسپورٽ تائين ۔۔۔ نوڪريءَ کان وٺي مال ملڪيت تائين ۔۔۔ سڀ ڪجهه ۔۔۔
دنيا جي ٻين ملڪن جي قانون ۾ ڌارين لاء ايڏي ته سختي آهي جو هو اتان جي گورنمنٽ ۽ عوام جي مرضي کان سواء ساه به نه ٿا کڻي سگھن ۔۔۔
سائين ابڙو صاحب توهان ئي ٻڌايو ته پاڻ سان سعودي عرب جي حڪومت ۽ عوام جو رويو ڪيئن هوندو آهي ۔۔۔
ڪجه وقت اڳ تائين ته ايتري سختي هئي توهان پنهنجي ڪفيل (جنهن سان سمجه نڪاح پئجي ويو هجي) جي مرضي کان سواءِ هڪ شهر کان ٻئي شهر به نه پئي وڃي سگھيا ۔۔۔
دوست سعودي عرب ئي نه پر دنيا جون اڪثر قومون پنهنجي پنهنجي قوم سان وفادار آهن، پنهنجي قومي قانونن جو احترام ڪندي قومي ماڻهن جي زندگي آسان ڪرڻ خاطر اهڙا ته پابند رهندا آهن جو ڌارين کي اهي قانون خراب ضرور لڳندا آهن پر سندن لئه امرت هوندا آهن جنهن جي مدد سان هو پنهنجي سرحد، پنهنجي زمين ۽ پنهنجا سڀ وسيلا پنهنجي هٿن ۾ رکندا آهن ۔۔۔ بيشڪ سعودي عرب ۾ اڄ به اسان ڪفيلن جي هٿ ۾ آهيون، هو جڏهن به چاهي اسانجو خروج هڻي ايئرپورٽ ڇڏي اچي ۔۔۔ ڌارين کي ڪو حق ناهي ته کائنس پڇن ته ڇو؟ سعودائزيشن جي تحت هن وقت هر ڏينهن ڇاپو لڳندو آهي ۽ ڪمپنين کان سوال ڪيو ويندو آهي ته سعودي ڪيترا ۽ ڌاريا ڪيترا ڀرتي ٿيل آهن ۽ جي سعودي ملازمن جو تعداد اطمينان بخش نه هوندو آهي ته لائسنس ئي رد يا وري کيس نوان ملازم ڀرتي ڪرڻ جو حق ختم ۔۔۔ اسين ڀل آفيسن ۾ ڪم ڪندا هجون پر ڪمپينون هتان جي رهائش واري ڪارڊ تي اسانکي مزدور لکرائينديون آهن ۔۔۔ ته جيئن حڪومت کي خبر نه پوي ته ڌاريو آفيسر ڇو؟
آء ڪجه عرصو موڪل گذارڻ سنڌ آيل آهيان
يار هت ته حالت لڳي پئي آهي
توهان اصلوڪا سنڌي افغاني سان ڳالهائي ته ڏسو
ڪنهن بنگالي يا برمي سان؟؟
يا اوزبڪ يا ٻئي ڪنهن غير ملڪي سان
ائين لڳي ٿو ڄڻ اسان غير ملڪي ۽ هو هن ڌرتي جا مالڪ هجن
اڙي يار! مالڪ هجن نه چئو ۔۔۔ چئه ته آهن !! ڇاڪاڻ ته هن وقت سنڌ جا سڀ ڪمائو شهر ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ سکر وغيره جون قيمتي زمينون ۽ انهن جا تعليمي ادارا، انهن جا وسائل ۽ انهن جي حڪومتون ڪنهنجي هٿن ۾ آهي ۔۔۔؟ ڇا اهو پنهنجي قوم کي نظر نٿو اچي ڇا ۔۔۔؟؟
خدارا منهنجا سنڌي ڀائرو هن
ننڊ کان هاڻي ته جاڳو
ڪڏهن جاڳندا سين اسان
جڏهن حيدرآباد به هليو ويندو
۽ اسان پاڻ کي وڌيڪ محدود ڪندي سيهوڻ ۽ سانگھڙ ۾ وڃي پنهنجي لاءِ يونيورسٽيون ٺاهيندا سين؟؟؟
آءُ ادي طاهر جي لفظن سان متفق ٿيندي قوم جي سڀني ماڻهن کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪندس ته رب جي واسطي سوچيو، سمجهو، اکيون کوليو ۽ اهڙو ڪو اپاءُ ڳولهيو جنهن سان اوهين سنڌ جي مالڪي ڪري سگهو ۔۔۔ پاڪستان جي جمهوريت ۾ نه ته اوهانکي اڳ ڪجهه مليو آهي ۽ نه ڪڏهن ملندو ۔۔۔ اها ڳالهه يقيني آهي ۔۔۔ ڪوڙ جا ساٿي نه ٿيو ۔۔۔ سچ کي ڳولهيو ۽ انجو ساٿ ڏيو ۔۔۔ سنڌ کان ٻاهر نڪري ڏسو ته سنڌي قوم ڪهڙي نه گهٽ درجي جي زندگي گذاري رهي آهي ۔۔۔ ڀيٽ ڪريو پاڻ کي ٻين قومن سان ۔۔۔ کير ۽ پاڻي صاف نظر ايندو ۔۔۔
رب العالمين اسان سڀني سنڌين کي هڪ مٺ ڪري وطن کي بچائڻ جو فهم عطا ڪري ۔۔۔ آمين
sindhsalamatsaathsal