ڊاڪٽر آصف چارڻ جي حضور سلام بعد سلام عرض ڪجي ٿو ته گرمي هجي يا سردي، ٿوري دزي اٿي يا وري ڪنهن گاڏي جو دونهون ۔۔۔۔۔ سدائين مصيبت، جو مونکي زڪام ۽ فِلو ٿي پوي۔ خاص ڪري سردي جي مند ۾ ته عذاب ٿي پيو آهي۔ ان باري ۾ هوميوپيٿڪ علاج ڇا ٿو چوي ۽ ڪهڙو آهي ۔۔۔۔ ۽ ها ڇو ته پاڻ جگر جي بيماري ۾ به مبتلا آهيون تنهنڪري اهڙي دوا نقصانڪار به نه هجڻ گهرجي۔
وعليڪم السلام سائين سليما صاحب سائين عام طور تي ڪنهن به موسم جي شروعات ۾ انساني جسم ۾ طرح طرح جي مٽاسٽا ٿيندي آهي ۽ دماغ پاڻ کي انهي لاءِ تيار ڪندو آهي سو موسم جي تبديلي جي صورت ۾ زڪام ٿيڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي جو زڪام دماغ جو اهڙو اضافي مواد هوندو آهي جيڪو ڪنهن ڪارج جو ناهي هوندو ان ڪري دماغ ان جو اخراج ڪري ڇڏيندو آهي پر اها حالت هر وقت هي هجي ته اها بيماري آهي جيڪا ڪنهن به شي جي بوءِ يا خوشبو جي ڪري يا وري دز ۽ مٽي جو دماغ جي رڳن ، ڦڦڙن ۽ ساھ واري نالين ۾ وڃڻ ساڻ ٿي سگهي ٿي۔ ان ڪري اهڙي زڪام يا الرجي لاءِ توهان اهو خيال ڪيو ته اها توهان کي ڇاڪاڻ ٿي ٿئي ته ان حساب ساڻ توهان جي دوا تجويز ڪجي۔ باقي ڪراچي شهر جي مٽي ۽ دهونئي واري ماحول جي ڪري جيڪر توهان ساڻ اهو مسئلو آهي ته ان لاءِ هيٺين دوا تجويز ڪجي ٿي۔ 1۔ Dracontium Foetidum 200 هن دوا جو ٻيو نالو Pothos 200 به آهي. چار ڦڙا دوا چمچي پاڻيءَ ۾ روزانو ٽي ڀيرا . جنهن ڏينهن تڪليف وڌيڪ هجي اُن ڏينهن چار ڦڙا دوا چمچي پاڻيءَ ۾ هر ٽن ڪلاڪن ۾ پيئندا. رک (پرهيز) ... تريل شيون، ٿڌو (فرج وارو) پاڻيءَ، ديڳ جو ڀت نه کائيندا.
سائين ترت علاج اهو آهي ته ڪافي ٺاهي پيو ۽ ڇاتي ۽ نڪ تي وڪس ويپراب اڇو بام لڳائي سمهي پئو۔ صبح جو انشا الله مونکي دعا ڪندا
سائين آصف چارڻ صاحب مون سان به ساڳي ويڌن آهي، توهان جي مشوري جو انتظار رهندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا سنڌ سلامت جو هي سيڪشن کلڻ سان اسان جي ڪيترن ئي ساٿين کي فائدو ملندو ۽ مٿان وري توهان جي ڪم جي به مشهوري ٿيندي رهندي، چارڻ صاحب اميد ته اسان جي ماڻهن جي اهڙي خدمت ڪندا رهندا۔
بعد سلام عرض ڪجي ٿو ته گرمي هجي يا سردي، ٿوري دزي اٿي يا وري ڪنهن گاڏي جو دونهون ۔۔۔۔۔ سدائين مصيبت، جو مونکي زڪام ۽ فِلو ٿي پوي۔ خاص ڪري سردي جي مند ۾ ته عذاب ٿي پيو آهي۔
سائين پو توهان به ساڳي دوا ان سلسلي ۾ استعمال ڪري سگهو ٿا جيڪا مون الرجي لا سائين سليمان صاحب کي ٻڌائي آهي
زڪام ڪري ڪيتري الجهن ۽ پريشاني ٿيندي آهي ... ؟ ڪو مون کان پڇي...!! الائي جو ڪهڙو وائرل ٿيو آهي جو ٽي ڏينهن اڳ تائين مان پنهنجي روم ميٽ کان لڪندي ٿي ورتس ۽ اڄ هو مون کا.. ڇا توهان جي نظر ۾ ڪو آن لائين هوميو پيٿڪ اسٽور آهي۔۔ جنهن ذريعي گهر ويٺي دوا گهرائي سگهجي۔۔؟
توهان جي زڪام جي شاهدي مان به ڏيندس جو جڏهن به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته نڇ ضرور ايندي آهي يا آواز ۾ ڳرائي محسوس ٿيندي آهي آنلائين کان بهتر آهي ته ڪراچيء ۾کوڙ سارا هوميو اسٽور آهن توهان کي فرصت نه ملي ته محترم محمد عرس کي عرض ٿا ڪيون ته توهان کي وٺي آڻي ڏيندو۔
سائين رشيد صاحب منهنجي نظر ۾ اول ته اهڙو ڪو اسٽور ڪونهي پر هوندو به ته اُن وسيلي دوا توهان کي اڃا مهانگي ملندي سو منهنجو خيال آهي ته توهان پاڻ اها محنت ڪيو ته بهتر آهي جو ان ساڻ ٿوڙي ورزش به ٿي ويندي ۽ دوا به ملي پوندي۔