وفا ناٿن شاهي : غزل جو بادشاهه شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    وفا ناٿن شاهي : غزل جو بادشاهه شاعر

    رضوان گل

    شاعر پنهنجي حساسيت سبب پنهنجي آس پاس ٿيندڙ وارتائن جو وڌيڪ گهرائيءَ سان مشاهدو ڪري منَ اندر جي ڪيفيتن کي لفظن جي رنگن سان پينٽ ڪري ٿو، اهي رنگ دردن جي علامت به هجن ٿا ته خوشيءَ جا نغما به، شاعر وٽ مختلف ڪيفيتن ۾ مختلف احساس جنم وٺن ٿا پر هو بنيادي طور پيار جو پوڄاري ٿئي ٿو جو هن جو محّور ئي عشق آهي:

    منهنجو مذهب پيار محبت
    ڏسجو مان گمراهه ته ناهيان
    نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان
    آدم هان الله ته ناهيان

    مٿيون سٽون ان شاعر جون آهن جنهن کي ”غزل جو بادشاهه“ جو خطاب مليو، جنهن چار هزار کان مٿي سنڌي غزل لکيا، سندس اصل نالو ته مشتاق علي هو پر سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ وفا ناٿن شاهيءَ طور آهي، وفا 15 مئي 1934 تي خيرات علي قريشي جي گهر، انڊيا جي شهر امرتسر جي ننڍڙي ڳوٺ ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾ جنم ورتو، ورهاڱي بعد 1947 ۾ خيرات علي قريشي پنهنجي ڪٽنب سان گڏجي پاڪستان آيو ۽ سڌو اچي سيتا ڳوٺ ۾ هڪ خاص ٽرين ذريعي پهتو، جنهن ۾ کوڙ سارا ٻيا پناهه گير پڻ شامل هئا، سيتا ڳوٺ کان خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ گوزي ۾ اچي مستقل طور رهيو ۽ چئن سالن جو مشتاق علي قريشي (وفا ناٿن شاهي) ان ڏينهن کان وٺي سنڌ جو بڻجي ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ سان شناسا ٿيڻ شروع ٿيو، نه ڄاڻ ته اهو مشتاق قريشي اڳتي هلي وفا ناٿن شاهي بڻجي غزل جي صنف ۾ مقبوليت ماڻي پاڻ مڃرائيندو جو کيس غير سرڪاري طور ماڻهن پاران ”غزل جو بادشاهه شاعر“ جو خطاب به ملندو. وفا جا هيل تائين ٽي شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن جن ۾: ”اکين ۾ الماس“، ”وفا“ ۽ ”اوجاڳن جو انت“ شامل آهن.
    وفا جو ڪٽنب جهڙو ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾ هو تهڙو ئي گوزي ۾ مفلسيءَ جي ور چڙهيل ! ۽ انهيءَ مفلسيءَ واري ماحول مان وفا ٻال وهيءَ کان ئي محرومين ۽ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ لڳو، سندس سڳي ۽ ماٽيلي ماءُ ننڍي هوندي ئي هڪ ٻئي پويان فقط هڪ ڏينهن جي وٿيءَ سان گذاري ويون ۽ ائين مٿاهنس ماءُ جو ڇانورو هميشه لاءِ کسجي ويو، جنهن ڪري هن سنڌ جي ڌرتيءَ کي ئي پنهنجي ماءُ جيان ٿي ڀانيون، جنهن ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ به سنڌ لاءِ تمام گھڻي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو، جيتوڻيڪ وفا جي مادري ٻولي پنجابي هئي پر هن پنهنجي شاعري جي زبان سنڌي ئي اختيار ڪئي، کيس سڃاڻپ جو اهو ئي حوالو گهربل هو ته: ”مان سنڌي آهيان ۽ سنڌ منهنجي آهي“ کيس سنڌي سڏرائڻ لاءِ هي به چوڻو پيو ته:

    بدن مهراڻ آهي، دل ڦليلي
    اڃا سنڌي نه آهيان! سوچ ٻيلي

    هي سٽون هڪ سوال آهن، ته هڪ دعوى به آهن، جڏهن وفا کي غير سنڌي هئڻ واري حوالي سان نظر انداز ڪيو ويو ته سندس دل مان بيساخته دانهن نڪتي جنهن ۾ هن مٿيون سٽون سرجي سنڌ سان محبت ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪيو. لفظ ڪنهن به تخليقڪار جي لهوءَ مان جڙندا آهن جن جو تاثير صدين پڄاڻان به تازو ئي رهي ٿو، سنڌ سان وفا جي عشق جو اظهار ڏسو:

    ڪو نه ڇڏيندو سنڌ وفا
    ڪاڙهيو ڀلي ڪڙاهيءَ ڙي

    وفا ناٿن شاهي سنڌ جي ٺيٺ ٻهراڙي واري ماحول ۾ نپنيو ۽ سندس دوستن جو حلقو به سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ پڙهندڙ هو، هن سنڌي ٻوليءَ کي ايترو ته هينئين سان هنڊايو جو اڄ ڪيترن ئي سنڌي شاعرن جي وچ ۾ ويٺل وفا جو قد کانئن گھڻو مٿاهون نظر اچي رهيو آهي. ننڍي لاءِ کيس راڳ سان تمام گھڻي دلچسپي هئي جيڪا سندس والد کان کيس ورثي ۾ ملي هئي، هو سُريلو به هو جنهن ڪري هن کي نشتر ناٿن شاهي هڪ مشاعري ۾ وٺي آيو ۽ انهيءَ ڏينهن هن پهريون غزل به لکيو هو جيڪو هن خيرپور ناٿن شاهه ۾ ان وقت جي هڪ مختيارڪار جي صدارت ۾ ٿيل مشاعري ۾ پڙهيو، ائين هن شاعري جي شروعات ڪئي اتي ئي هن جي ملاقات محسن ڪڪڙائي سان پڻ ٿي جنهن کان هِن ابتدائي ڏينهن ۾ اصلاح پڻ ورتي ۽ محسن ڪڪڙائي جيڪو خود سنڌي شاعري جو اهم نالو آهي پنهنجي شاگرد وفا ناٿن شاهيءَ لاءِ لکيو: ”وفا پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهي، ان بلنديءَ تي پهتو آهي، جتي هر ڪنهن جي جاءِ نه آهي. فني توڙي فڪري لحاظ کان وفا جو ڪلام پنهنجو مٽ پاڻ آهي عام طور تي ادبي حلقا وفا کي (غزل جو بادشاهه) سڏيندا آهن. مان ڀانيان ٿو ته ان کان وڌيڪ، غير سرڪاري سطح تي ٻيو ڪهڙو اعزاز،انعام ٿي سگهي ٿو“.
    وفا جي شاعريءَ جا ٻه اهم ۽ مختلف دور آهن هڪڙو ابتدائي خيرپور ناٿن وارو ۽ ٻيو جڏهن هن ساحر لڌيانوي، فيض ۽ جوش کان علاوه شيخ اياز کي پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي فڪر، سوچ ۽ انداز ۾ تبديلي آندي. هاڻي کيس جديد ۽ روشن خيال سنڌي شاعريءَ کي اصل معنى ۾ سمجهڻ جو موقعو فراهم ٿيو، جنهن کان پوءِ هن ”روح رهاڻ“ جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي جتي ترقي پسند ادبي لڏي سان پڻ سندس شناسائي ٿي ۽ ائين هو هڪ مخصوص گروهه کان ٻاهر اچي ٻين ليکڪن سان به مليو. وفا هاڻي سنڌي شاعرن جي شاعريءَ جو مطالعو به ڪرڻ لڳو جنهن سبب سندس شاعريءَ جي موضوعن ۾ ڪافي تبديلي به آئي، ائين هن ڪيترن ئي ماڳن تي وڃي زندگيءَ جو ويجهڙائيءَ سان مشاهدو به ڪيو جيئن هن پنهنجي ئي شعر ۾ چيو:

    هر طرح جو مشاهدو ٿي ويو،
    منهنجي آوارگي فضول نه وئي.

    وفا ناٿن شاهي سڄي حياتي غربت ۾ گذاري پر بيماريءَ جي بستري تائين به شاعريءَ سان ناتو نڀائيندو رهيو، سنڌ جو هي خوبصورت غزل گو شاعر 10 جنوري 2005ع تي سنڌي ادب ۾ هزارين خوبصورت غزلن جو اضافو ڪري اسان کان وڇڙي ويو.
    _____
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    غزل

    وفا ناٿن شاهي

    دل جو دلبر ٿا بي مثال رکون،
    پنهنجو معيار ٿا بحال رکون.

    بُت ڪدي ۾ هجون يا ڪعبي ۾،
    صرف تنهنجو ئي ٿا خيال رکون.

    باقي سڀ ڪجهه خدا ڏنو آهي،
    نفرتن جو ٿا صرف ڪال رکون.

    هر ذهين ۽ حسين جي آڏو،
    صرف تنهنجو ئي ٿا سوال رکون.

    باغ در باغ گُل ٽڙيل آهن،
    تنهنجي عظمت جو ٿا خيال رکون.

    سچ آهي کلڻ نٿا ڄاڻون،
    پر روئڻ ۾ نٿا مثال رکون.

    هر تمنا ٿا پائمال رکون.
    ڪيئن طبيعت ۾ اعتدال رکون.

    مقتلن ۾ به نينهن جا نعرا،
    سچ چوڻ ۾ وڏو ڪمال رکون.

    هجر ۾ ئي ملي وڃي ٿو جڏهن،
    ڇو وفا! حسرتِ وصال رکون.​
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    دل جو دلبر ٿا بي مثال رکون،
    پنهنجو معيار ٿا بحال رکون.
    وفا ناٿن شاهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تارن جو قسم آھي,
    هڪ چنڊ ۾ ڪم آھي.

    ڳولا آ سهائي جي,
    اوندھ ڏي قدم آھي.

    دشمن نه رهيا دشمن,
    يارن جو ڪرم آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو