شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن
12 جنوري تي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. سنگت سنڌ
حيدرآباد ( پ ر)
سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي پريس ترجمان زاهد راڄپر پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين پاران سنڌ کي ٽوڙڻ واري ڏنل بيان خلاف سڀاڻي 12 جنوري آچر ڏينهن تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. احتجاجي مظاهرن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. جنهن مطابق سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ملير ڪراچي ۽ مرڪزي عورت جوائنٽ سيڪريٽري مهرالنساءِ لاڙڪ ۽ يوسف سنڌي حيدرآباد ۾ رٿيل مظاهري جي اڳواڻي ڪندا. جڏهن ته مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ملهار سنڌي لاڙڪاڻي، مرڪزي خزانچي نبي بخش ناز بدين، رضا ڏاهري شاهپور شاڪر ۽ زاهد راڄپر نوشهروفيروز ۾ ٿيندڙ مظاهرن ۾ شرڪت ڪندا. اهڙيءَ طرح سنگت جا ضلعي رابطه سيڪريٽري ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ٿيندڙ مظاهرن ۾ شرڪت ڪندا. جڏهن ته مظاهرن ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي قلمڪارن، ساڃاهه وندن، صحافين، دانشورن، شاعرن، فنڪارن کي سنڌ جي وحدت بچائڻ لاءِ رٿيل مظاهرن ۾ شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاران سنڌ جي وحدت کي ٽوڙڻ واري بيان تي معافي نه وٺڻ ۽ بار بار ان کي ورجائڻ مان ايم ڪيو ايم سنڌ جي عوام وٽ وڌيڪ مشڪوڪ بڻجي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ جا قلمڪار ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو ورهاڱو قبول نه ڪندا. ان ڪري ايم ڪيو ايم سربراهه کي سنڌين جي دل آزاري ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي، اديبن، دانشورن ۽ شاعرن کي پڻ الطاف حسين جي اهڙي تعصب پرست بيان جو نوٽيس وٺي سنڌ جي ماڻهن سان بيهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هاڻي هجرت کانپوءِ انهن جا مستقل مفاد سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان واڳيل آهن. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت جو احتجاج فقط 12 جنوري تائين محدود نه رهندو پر جيڪڏهن ايم ڪيو ايم اهڙي بيان تي سنڌ جي عوام کان معافي نه ورتي ته پوءِ 19 جنوري تي سڏايل سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي ۾ وڌيڪ احتجاج لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو.