عوامي راڳي جلال چانڊيو .....

'سنڌي موسيقي' فورم ۾ شاهين لطيف ، سنڌي ، طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2014۔

  1. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    ﺟﻼﻝ ﺧﺎﻥ ﻭﻟﺪ ﺣﺎﺟﻲ ﻓﻴﺾ ﻣﺤﻤﺪ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ
    1948 ﻉ ﮄﺍﺭﻱ ﺿﻠﻌﻲ ﻧﻮﺷﻬﺮﻱ ﻓﻴﺮﻭﺯ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﭰﻞ
    ﭜﺮﺳﺎﻥ ﮘﻮﭞ ﻫڙﭘﺎﻝ ﺟﻲ ﻫٽ ۾ ﭴﺎﺋﻮ. ﭘﺎﮠ ﻣﺸﻬﻮﺭ
    ﻋﻮﺍﻣﻲ ﺭﺍﮘﻲ ﻫﻮ. - ﺟﻼﻝ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ- ﻧﺼﺎﺑﻲ -ﺗﻌﻠﻴﻢ - ﺣﺎﺻﻞ
    ﻧﻪ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻴﻮ. ﺳﻨﺪﺱ ﻣﺎﺋٽ ﻣﺎﻟﻮﻧﺪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺌﺎ، ﺟﻨﻬﻦ
    ڪﺮﻱ ﻫﻦ ﻧﻨﮃﻱ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﻣﺎﻝ ﭼﺎﺭﻳﻮ. ﺷﺮﻭﻉ ﮐﺎﻥ ﺋﻲ
    ﮐﻴﺲ ﮘﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﺷﻮﻕ ﻫﻮ ۽ ﻣﺎﻝ ﭼﺎﺭﻳﻨﺪﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻦ
    ﭘﻴﻮ ﺟﻬﻮﻧﮕﺎﺭﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺟڏﻫﻦ - ﭤﻮﺭﻭ- ﻭڏﻭ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﺎﺋٽﻦ
    ﮐﻴﺲ ﻧﻮﺍﻥ ﺟﺘﻮﺋﻲ ۾ ﺩﺭﺯڪﻮ ڪﻢ ﺳيکرائيڻ لا ويهاريو
    ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﮐﻴﺲ ﺍﻭﭼﺘﻮ ﻋﺸﻖ ﺟﻲ ﭼﻮٽ ﻟﮙﻲ ﻭﻳﺌﻲ
    ۽ ﻫﻦ ﺩﺭﺯڪﻮ ﮄﻧﮅﻭ ﮀڏﻱ ﮘﺎﺋﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ.
    ﺭﺍﮖ ﺟﻲ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﻱ ﺳﮑﻴﺎ ﻣﻴﺮﭘﻮﺭ ﻣﺎﭤﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮﺭ
    ﺭﺍﮘﻲ ﻓﻘﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﮔﻞ ﻣﻬﺮ ﮐﺎﻥ ﻭﺭﺗﺎﺋﻴﻦ . ﭘﻬﺮﻳﺎﻥ ﭘﺎﮠ
    ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ -ﺍﺳﺘﺎﺩ - ﺳﺎﻥ ﮔڏﺟﻲ ﮘﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ ۽ ﭘﻮﺀِ -ﺍﺳﺘﺎﺩ-
    ﺟﻲ ﺍﺟﺎﺯﺕ ﺳﺎﻥ 1973 ﻉ ﮐﺎﻥ ﻫﻦ ﺟﺪﺍ ﮘﺎﺋﮡ ﺷﺮﻭﻉ
    ڪﻴﻮ . ﻳڪﺘﺎﺭﻱ ۽ ﭼﭙڙﻱﺀَ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﮘﺎﺋﮡ ﻭﺍﺭﻱ ﻧﺮﺍﻟﻲ
    ﺍﻧﺪﺍﺯ ﭔﮅﻧﺪڙﻥ ﮐﻲ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺘﺎﺛﺮ ڪﻴﻮ. - ﺍﻥ- ﻭﻗﺖ
    ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ۾ - ﺍﺭﺩﻭ- ۽ ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ﮘﺎﺋﻴﻨﺪڙﻥ ﮐﻲ ﺗﻤﺎﻡ
    ﮔﻬﮣﻲ ﻣﻘﺒﻮﻟﻴﺖ ﻫﺌﻲ . ﺟﻼﻝ ﺟﻲ ﺍﻧﻮﮐﻲ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﺍﻧﻬﻦ ﻏﻴﺮ
    ﺳﻨﮅﻱ ﻓﻨڪﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﻣﺎﻥ ﭘﭵﺎﮢﻲ ڪﺮﻱ ﮀڏﻱ. ﺟﻨﻬﻦ
    ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﻣﭥﺲ ﺷﻬﺮﺕ، ﻋﺰﺕ ۽ ﺩﻭﻟﺖ ﺟﻲ ﺩﻳﻮﻱ ﻣﻬﺮﺑﺎﻥ
    ﭤﻲ ۽ ﮐﻴﺲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺟﻬﺮﺟﻬﻨﮓ ۾ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻲ ﻣﻘﺒﻮﻟﻴﺖ
    ﻣﻠﻲ ۽ ﮐﻴﺲ ﺳﻨﮅﻱ ﻣﻮﺳﻴﻘﻲ ﺟﻮ ﺑﻲ -ﺗﺎﺝ- -ﺑﺎﺩﺷﺎﻫﻪ-
    ﺳڏﻳﻮ ﻭﻳﻮ . ﻫﻦ ﺳﻨﮅﻱ ﻣﻮﺳﻴﻘﻲﺀَ ۾ ﺍﻧﻮﮐﺎ ﺭڪﺎﺭڊ ﻗﺎﺋﻢ
    ڪﻴﺎ . - ﺟﻼﻝ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ- ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺍﻫﻮ ﻭﺍﺣﺪ ﺳﻨﮅﻱ ﻓﻨڪﺎﺭ
    ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮﻥ ﮘﺎﻳﻞ ﺳﻨﮅﻱ ڪﻴﺴﻴٽﻮﻥ ﺍﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ
    ﺑﻪ ﭔﮅﻥ ﭤﺎ، ﺟﻴڪﻲ ﺳﻨﮅﻱ - ﭔﻮﻟﻲ - ﭘﻮﺭﻱ ﻃﺮﺡ ﺳﻤﺠﻬﻦ
    ﺋﻲ ڪﻮ ﻧﻪ ﭤﺎ، ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﭼﺌﻨﻲ ﺻﻮﺑﻦ ﮐﺎﻧﺴﻮﺍﺀِ ﺩﻧﻴﺎ
    ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﻠڪﻦ ۾ ﺟﺘﻲ ﺟﺘﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺭﻫﻦ ﭤﺎ ﺍﺗﻲ ﮐﻴﺲ
    ﭔﮅﻭ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ .
    ﻭﻳﻬﻴﻦ ﺻﺪﻱﺀَ ۾ ڪﻨﻮﺭ - ﭜﮙﺖ-، ﻣﺎﺳٽﺮ ﭼﻨﺪﺭ ۽ ﺟﻴﻮﮢﻲ
    - ﭔﺎﺋﻲ- ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ - ﺟﻼﻝ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ - ﺳﻨﮅ ۾ ﺍﻫڙﻭ ﻋﻮﺍﻣﻲ
    ﻓﻨڪﺎﺭ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﭔﻬﺮﺍڙﻱﺀَ ﺗﻮڙﻱ ﺷﻬﺮﻥ ۾ ﺳﻨﮅﻱ
    ﺭﺍﮖ ﮐﻲ ﺍﻭﺝ ڏﻳﺎﺭﻳﻮ . ﭘﺎﮠ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﻓﻨڪﺎﺭ ﺁﻫﻲ،
    ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ۾ ﺋﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﺣﻴﺎﺗﻲ ﺗﻲ ﻓﻠﻢ ” -ﺟﻼﻝ
    ﭼﺎﻧڊﻳﻮ- “ ﭠﻬﻲ. - ﺍﻥ - ﻓﻠﻢ ۾ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ڪﺮﺩﺍﺭ ﭘﺎﮠ ﺍﺩﺍ
    ڪﻴﻮ ۽ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻓﻠﻢ ﻻﺀِ ﮐﻴﺲ ﺍﻭﺍﺭڊ ﺑﻪ ﻣﻠﻴﻮ .
    ﺍﭲ ﺟﺎ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﻓﻨڪﺎﺭ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺍﺻﻞ ﻧﺎﻻ ﻣٽﺎﺋﻲ ﺳﻨﺪﺱ
    ﻧﺎﻟﻲ ﭘﭡﻴﺎﻥ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﻧﻨﮃﻭ ﺟﻼﻝ، ﺁﺧﺮﻱ ﺟﻼﻝ، ﮔﺮﻡ
    ﺟﻼﻝ، ﺳﻬﮣﻮ ﺟﻼﻝ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺳڏﺭﺍﺋﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ﺟﻮ ﻧﻘﻞ
    ڪﺮﻱ، ﺳﻨﺪﺱ ﮘﺎﻳﻞ ڪﺎﻓﻴﻮﻥ ڪﻼﻡ ﮘﺎﺋﻲ ﭘﻴٽ ﮔﺬﺭ
    ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ. - ﺟﻼﻝ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ- ﻭﺍﺣﺪ ﺳﻨﮅﻱ ﻓﻨڪﺎﺭ
    ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ 10 ﻫﺰﺍﺭ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ڪﻼﻡ ﮘﺎﻳﺎ. ﻫﻦ ﺟﻲ
    ﻫﺮ ڪﻴﺴﻴٽ ﻫﭥﻮﻫﭣ ﮐﭙﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﻫﺌﻲ. ﮐﻴﺲ ﺟﻴڪڏﻫﻦ
    ڪﻮ ﺷﺎﺩﻱ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺟﻲ ﺗﻘﺮﻳﺐ ۾ ﺭﺍﮖ ﮘﺎﺋﮡ ﻻﺀِ
    ﮔﻬﺮﺍﺋﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﺗﻪ - ﺍﻥ- ﻻﺀِ ﺷﺎﺩﻱ ﺟﻲ - ﺗﺎﺭﻳﺦ - ﺍﮘﻮﺍٽ
    ﺟﻼﻝ ﮐﺎﻥ ﻣﻘﺮﺭ ڪﺮﺍﺋﮣﻲ ﭘﻮﻧﺪﻱ ﻫﺌﻲ. ﺟڏﻫﻦ ﺷﺎﺩﻱ
    ﻣﺮﺍﺩﻱ ﺟﻲ ﺗﻘﺮﻳﺐ ۾ ﮘﺎﺋﮡ ﻻﺀِ ﭘﻬﭽﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺟﻼﻝ ﺟﻮ
    - ﭔﮅﻱ- ﭔﻴﮣﺎ ٽﻴﮣﺎ ﻏﻴﺮ ﺩﻋﻮﺗﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺍﭼﻲ ﻧڪﺮﻧﺪﺍ ﻫﺌﺎ ۽
    ﻣﻴﺰﺑﺎﻥ ﻻﺀِ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺭﺍﺋﮡ ﺑﻪ ڏﮐﻴﻮ ﭤﻲ ﭘﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ. ﺟﻼﻝ
    ﭼﺎﻧڊﻳﻲ ﺟﻮ ﺣﺎﻓﻈﻮ ﺑﻪ ﺗﻤﺎﻡ ﺳﭡﻮ ﻫﻮ . ﺍﮠ ﭘڙﻫﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪﻱ
    ﺑﻪ ﮐﻴﺲ ﻧﻮﻥ ﭘﺮﺍﮢﻦ ﺳﻮﻳﻦ ﺷﺎﻋﺮﻥ ﺟﺎ ﻫﺰﺍﺭﻳﻦ ڪﻼﻡ،
    ڪﺎﻓﻴﻮﻥ، ﮔﻴﺖ، ﻏﺰﻝ، ﻭﺍﻳﻮﻥ، -ﺑﻴﺖ- ، ڏﻭﻫﻴڙﺍ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﻳﺎﺩ
    ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺲ.
    ﺍﭲ ﺟﺎ ﺍڪﺜﺮ ﺭﺍﮘﻲ ﮘﺎﺋﮡ ﻣﻬﻞ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮﻥ
    ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﺟﻮ ڪﻮ ڪﺘﺎﺏ ﻳﺎ ڪﺎﭘﻲ ﮐﻮﻟﻲ ﻭﻳﻬﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ، ﭘﺮ
    ﺟﻼﻝ ﺟڏﻫﻦ ﮘﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺩﻝ ﺟﻮ ﺩﻓﺘﺮ ﮐﻮﻟﻲ ﻭﻳﻬﻨﺪﻭ
    ﻫﻮ ، ڪﻼﻡ ۽ ڏﻭﻫﻴڙﺍ ﭼﻮﻧﺪﻭ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﮘﺎﺋﮡ ۽
    ﻳڪﺘﺎﺭﻱ ﭼﭙڙﻱ ﻭﭴﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﭘﮡ ﻣﻦ ﻣﻮﻫﻴﻨﺪڙ ﻫﻮﻧﺪﻭ
    ﻫﻮ. ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ﻟﭽڪﺪﺍﺭ ۽ ﻭﮢﻨﺪڙ ﻫﻮ. ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ﺟﻮ
    ﺍﻫﻮ ﺟﺎﺩﻭ ﺁﺧﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻗﺎﺋﻢ ﺭ ﻫﻴﻮ .
    ﻗﺪﺍﻭﺭ ﺟﺴﻢ، -ﺑﺖ - ۾ ﭜﺮﻳﻞ ﻭﻳڪﺮﻱ ۽ ﺳﻬﮣﻲ ﭼﻬﺮﻱ ﺗﻲ
    ڪﺎﺭﺍ -ﭜﻨﭝﻮﺭ - ۽ ﻭڏﺍ ﺷﻬﭙﺮ. ﻣﭥﻲ ﺗﻲ ﻫﻴﺮﻥ ﺳﺎﻥ ﺟڙﻳﻞ
    ﺳﻨﮅﻱ -ٽﻮﭘﻲ -، ﮘﭽﻲﺀَ ۾ ﻭڏﻱ ﭘﺘﻠﻲ ﺳﺎﻥ ﺳﻮﻧﻲ
    ﺯﻧﺠﻴﺮ، - ﭔﺎﻧﻬﻦ- ۾ ﮔﻬڙﻱ ﭘﺎﺗﻞ، ﺳﻨﮅﻱ ﭘﻮﺷﺎڪ ۾ ﻣﻠﺒﻮﺱ
    - ﺟﻼﻝ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ- ﺟڏﻫﻦ ﻫڪ ﻫﭣ ۾ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻗﺪﻳﻢ ﺳﺎﺯ
    ﻳڪﺘﺎﺭﻭ ۽ ﭔﺌﻲ ﻫﭣ ۾ ﭼﭙڙﻳﻮﻥ ﮐﮣﻲ ﺍﺳٽﻴﺞ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ
    ﻣﺨﺼﻮﺹ ﺍﻧﺪﺍﺯ ۾ ﮘﺎﺋﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ
    ﺟﻬﻮﻣﻲ ﭘﻮﻧﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻫﻮ -ﭠﻴﭟ - ﺳﻨﮅﻱ ﻣﻮﺳﻴﻘﻲﺀَ ﺟﻮ
    ﺭﺍﮘﻲ ﻫﻮ . ﺟﻼﻝ ﭼﺎﻧڊﻳﻲ ﺟﻲ ﭘﻴﺮﻥ ﻓﻘﻴﺮﻥ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ ﻭڏﻱ
    ﻋﻘﻴﺪﺗﻤﻨﺪﻱ ﻫﺌﻲ. ﺷﺎﻫﭙﻮﺭ ﺟﻬﺎﻧﻴﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﻬﺪﻱ ﺷﺎﻫﻪ
    ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﺮﺷﺪ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . -ﺍﻥ - ﮐﺎﻧﺴﻮﺍﺀِ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮﭞ
    ﺟﻲ ﻭﻳﺠﻬﻮ ﺩﺭﮔﺎﻫﻪ ﻧﻮﺭ ﺷﺎﻫﻪ ﺳﻤﻴﺖ ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ،
    ﻗﻠﻨﺪﺭ ﺷﻬﺒﺎﺯ، ﺳﭽﻞ ﺳﺮﻣﺴﺖ، ﭴﺎﻡ ڏﺍﺗﺎﺭ ۽ ﭔﻴﻦ ﺑﺰﺭﮔﻦ
    ﺟﻲ ﺩﺭﮔﺎﻫﻦ ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮ ﭤﻲ ﻭڏﻱ ﭼﺎﻫﻪ ﺳﺎﻥ ﮘﺎﺋﻴﻨﺪﻭ
    ﻫﻮ. ﭘﺎﮠ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﻳﺎﺭ ﻭﻳﺲ، ﻣﻬﻤﺎﻥ ﻧﻮﺍﺯ، ﺧﻮﺵ ﻣﺰﺍﺝ
    ﺟﻮﺍﻥ ﻫﻮ، ﭜﻼ ﮔﻬﻮڙﺍ ۽ ﻣﻴﻨﻬﻮﻥ ﮄﺍﺭﮠ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﺸﻐﻠﻮ
    ﻫﻮ.
    ﺳﻨﺪﺱ ﻓﻨﻲ ﺧﺪﻣﺘﻦ ﻋﻴﻮﺽ ﮐﻴﺲ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ - ﺍﻧﻌﺎﻡ- ﺍﻋﺰﺍﺯ
    ﭘﮡ ﻣﻠﻴﺎ، ﺟﻦ ۾ ﺳﻨﮅ ﺳﺮڪﺎﺭ ﭘﺎﺭﺍﻥ 1999ﻉ ۾ ﮐﻴﺲ
    ﻣﻠﻴﻞ ’ﻟﻄﻴﻒ ﺍﻭﺍﺭڊ‘ ﺑﻪ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻲ، ﻋﻮﺍﻡ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﺑﻪ
    ﺳﻨﺪﺱ ڪﺎﻓﻲ ﻗﺪﺭﺩﺍﻧﻲ ﭤﻲ ﻫﺌﻲ. ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﮔﻮﭘﺎﻧﮓ
    ﺑﺮﺍﺩﺭﻱﺀَ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﮐﻴﺲ ﺳﻮﻧﻮ -ﺗﺎﺝ- ﭘﺎﺭﺍﻳﻮ ﻭﻳﻮ . ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ
    ﭜﻴﺮﺍ ﺩﺑﺌﻲ، ﻣﺴﻘﻂ ۽ ﻫﺎﻧﮓ ڪﺎﻧﮓ ۾ ﺭﻫﻨﺪڙ ﺳﻨﮅﻱ ﻣﺎﮢﻬﻦ
    ﺧﺎﺹ ﻃﺮﺡ ﺳﺎﻥ ﺍﺗﻲ ﮔﻬﺮﺍﺋﻲ، ﺳﺎﮢﺲ ﻣﺤﻔﻠﻮﻥ ﻣﭽﺎﺋﻲ
    ﮐﻴﺲ ﻭڏﻥ ﺍﻧﻌﺎﻣﻦ ﺍڪﺮﺍﻣﻦ ﺳﺎﻥ ﻧﻮﺍﺯﻳﻮ . ﮔڙﺩﻥ ﺟﻲ
    ﺑﻴﻤﺎﺭﻱﺀَ ﺳﺒﺐ 2001ﻉ ۾ ﻭﻓﺎﺕ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ. ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻫﻲﺀُ
    ﻭﺍﺣﺪ ﻓﻨڪﺎﺭ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺟﻨﺎﺯﻱ ﺗﻲ ﭼﺎﺭ ﻫﺰﺍﺭ -
    ﺍﺟﺮڪ- ﭘﻴﺎ.

    ﻳڪﺘﺎﺭﻱ ۽ ﭼﭙڙﻱ ﺟﻲ ﺑﻲ ﺗﺎﺝ ﺑﺎﺩﺷﺎﻩ ۽ ﻣﻮﺳﻴﻘﻲ ﺟﻲ
    ﺩﻧﻴﺎ ۾ ۾ ﺍﻟﮗ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﻃﻮﺭ ﻣﭹﺘﺎ ﻣﺎﮢﻴﻨﺪڙ ھن ﺳﺮﻳﻠﻲ ﺭﺍﮘﻲ
    ﺟﻼﻝ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ ﮐﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﺎﻥ ﻭﮀڙﻳﺌﻲ 13 ﺳﺎﻝ ﻣڪﻤﻞ
    ﭤﻲ ﻭﻳﺎ، ﺍﭲ ﺳﻨﺪﺱ 13 ﻭﺭﺳﻲ ﻣﻠﻬﺎﺋﻲ ﭘﺌﻲ ﻭﭸﻲ.
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جلال ڪيسٽ جي دنيا ۽ عوامي فنڪارن ۾ اهو راڳي هيو جنهن سالن جي پنجابي راڳين جي راڳ کي سنڌ مان نيڪالي ڏني۔ اها سندس وڏي ڪاميابي هئي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو