دوستو اڄ پاڻي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي ۔۔۔ اڄ جي ڏينهن دنيا ۾ پاڻي جي قدروقيمت بابت آگاهي ڏني ويندي۔۔۔۔ اسان جي درياءِ سنڌ جي موجوده حالت ڇا آهي۔۔۔ ؟ ۽ سنڌي پاڻي لاءِ ڪهڙي طرح تڙپي ۽ ٻاڏائي رهيا آهن۔۔۔؟ ان کان ڌاريو به واقف آهي پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ موجوده حڪومت کي سنڌي حڪومت چيو پيو وڃي۔۔۔ جي سنڌين جي هن حڪومت ۽ پنهنجن لاءِ ڪجهه نه ڪيو ته ڌاريا ڇا ڪندا۔۔۔ ڇا صرف سنڌي ٽوپي ۽ لباس پائي سنڌين جي حمايت ورتي ويندي۔۔۔ ڇا اڃان ٿر جا سنڌي ڀٽو جو نالو جپيندي 20 ڪلوميٽر طئي ڪندي انهن ماڻهن کي ووٽ ڏيندي جيڪي صرف هڪ دفعو اليڪشن جي دوران پنهنجي گاڏين تي چڙهي ووٽ وٺڻ ايندا آهن۔۔؟ اسان جا ٿري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن۔۔۔ پر انهن علائقن جا وزير ٻاهران گهرايل امپورٽيڊ پاڻي جون بوتلون پي به رهيا آهن ۽ انهن سان وهنجي به رهيا آهن۔۔۔ ڪالهه ايڪسپريس ٽي وي جي پروگرام فرنٽ لائين ڏسڻ جو اتفاق ٿيو ۔۔۔ ميزبان شاهد ملڪ تپائيندڙ گرمي ۾ ٿر جو ڦيرو ڀري پنهنجي اٻوجهه ماروئڙن جو اکين ڏٺو احوال معلوم ڪيو ۽ هن وڊيو ۾ ڏيکاريو۔۔۔ توهان به هڪ چڪر ڏسو ۽ معلوم ڪريو ته ڇا پنهنجن جي حڪومت ۾ مارون ڪهڙي طرح سکيا آهن۔۔۔؟ [m]http://www.zshare.net/video/73961268e26d60d8/[/m]
جواب: ڪلهه جو ٿر اڄ جو صحراء۔۔۔۔۔۔۔ ادا سائين اسانجو هڪ شاعر هوندو هو مجيدي صاحب، جنهنجي هڪ نظم جون ڪجهه سٽون هنطرح سان هنيون پاڻيءَ تي پاڻي ٿيندو توسان اڄ پاڻي ٿيندو ۔۔۔ سو ڀائڙا ، ڪهڙا ڪهڙا سور سلجن، هن خبر ۾ جتي پاڻيءَ جي ڳالهه ٿيل آهي انجاءِ تي تعليم جي بجليءَ جي ۽ مارون ماڻهن جي زندگي ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ جي خبر پڻ آهي ۔۔۔ بک ۽ بيروزگاريءِ جي ڳالهه آهي ۔۔۔ مطلب ته کوڙيءَ کي ئي گهمرو آهي ۔۔۔ هاڻ ڪينسر واري مريض کان ڇا پڇبو ته ڪٿي ڪٿي سور اٿس ۔۔۔؟؟؟ مصيبت اها آهي ته پنهنجي ڪيل آهي؟ دانهن ڪنهنکي ڏجي ؟ پنهنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب ۔۔۔ ووٽ به انهنکي ڏيڻا آهن ۽ غلامي به انهنجي ئي ڪرڻي آهي جيڪي چورن جا يار آهن ۔۔۔ بس ڙي ادا رشيد ۔۔۔ واڪا ڪندو رهجي من ڪا رڙ ڪنهن ڪن تائين پهتي ٿئي۔۔۔!!! هميشه جيئان آءُ اها ڳالهه ڪندس ۽ مونکي يقين آهي ته جيستائين پيارو پاڪستان آهي اها حالت ڪونه سڌرندي ڪونه سڌريندي ۽ ڪونه سڌرندي ۔۔۔ شال جڙيل هجين، جو اهڙيون اکين مان نير وهائڻ جهڙيون ڳالهيون ٻڌائي قوم کي چهنڊڙيون هڻي رهيا آهيو ۔۔۔
جواب: ڪلهه جو ٿر اڄ جو صحراء۔۔۔۔۔۔۔ ادا سنڌ جو ڪهڙو به حصو هجي۔۔ اسٽيبلشمنٽ طرفان ان کي هاڻي صحرا بڻائڻ جي ڪوشش جاري آهي۔۔۔ ٿر ته ٺهيو پر هاڻي حيدرآباد به صحرا ٿيندي نظر ٿو اچي۔۔
جواب: ڪلهه جو ٿر اڄ جو صحراء۔۔۔۔۔۔۔ دوست طاهر جو سوال پنهنجي جاٌءِ تي انتهائي اهم ۽ فڪري آهي ۔۔۔ آهي ڪو دوست جواب ڏي ۽ ان مسئلي جو حل ڳولهي ۔۔۔ سڀني سنڌ دوستن کان اهو سوال آهي ۔۔۔؟؟؟؟ دوست سڏائي سڀ ڪو، جاني زباني، ٿئي آساني، ڪم پوي ته ڪل پوي۔ sindhsalamatsaathsal