ادا آصف چارڻ صاحب اسلام عليڪم ، ھن فقير جو ب مرض ٻُڌو ۽ مھرباني ڪير ڪو علاج ٻڌايو ؟ مون کي معدي جي تڪليف آھي جيڪڏھن ڪو گرم کاڌو کاوان ٿو مثلا مڇي، ڪڪڙ کاوان ٿو ت گيس ، بدھضمي ۽ الٽي ٿئي ٿي ۔ توھان مھرباني ڪا دوا تجويز ڪيو
مون کي وري تيزابيت (Acidity) ٿئي۔۔ ڪڏهن ته شدت سان ڳلو ورتل لڳي ۔۔۔ هڪ دوست جي مشوري سان هجمولا (ڪينڊي) کائڻ لڳس ته ڪجهه فرق محسوس ٿيو۔۔۔ پر هڪ دفعي دوست منظور ڪلهوڙو جي مشوري تي Gaviscon سرپ وٺي پيڻ لڳس ته ڪجهه عرصي تائين شڪايت ختم ٿيندي رهي۔۔۔ وڌيڪ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جي مشوري جو انتظار رهندو۔۔۔
تيزابيت اڄ ڪلهه هر ٻئي ماڻهو کي آهي جو اسان جا کاڌا ڪجهه اهڙي قسم جا ٿي ويا آهن۔ ان لاء ڪافي دوائون آهن ليڪن ڊاڪٽر صاحب جن جيڪو مشورا ڏيندا اهو ئي بهتر رهندو۔
سائين غفور رند صاحب معدي جي تڪليف لا ڪجھ سوال موڪلي رهيو آهيان ۔ انهن جا جواب موڪليو ته جيئن صحيح دوا تجويز ڪري سگهجي۔ 1۔ اها تڪليف ڪڏهن کان وٺي آهي ؟ 2۔ ڇا توهان کي قبضي جي به شڪايت آهي ؟ جي ها ته سدائين رهي ٿي يا وقتي طور تي ؟ 3۔ پنهنجي ماني کائڻ جا وقت ٻڌايو 4۔ معدي ۾ ڦٽ ته ڪڏهن نه رهيو آهي نه منهنجو مطلب ڪڏهن السر جي تڪليف ته نه رهي آهي نه ؟ 5۔ ڇا هن وقت ڪنهن ڊاڪٽر جي دوا استعمال ڪري رهيا آهيو ؟ 6۔ اُلٽي ڪڏهن ڪڏهن اچي ٿي ادا ؟ سائين انهن سوالن جا جواب موڪليو ته علاج ڪريون۔۔۔
ڪجهه ڏينهن لاڳيتو مذهبي بحث مباحثن ۾ مصروف رهڻ جي ڪري صحت بابت ڪا نئين ڄاڻ ڏئي نه سگهيو آهيان۔ اڄ معدي جي تڪليف بابت پڙهي خيال آيو آهي ته معدي جي تيزابيت تي به ڄاڻ ڏيڻ گهرجي۔ هوميو پيٿڪ جي علاج سان گڏوگڏ اها معلومات به مفيد رهندي۔
سائين معاف ڪجو ڪجهه ڏينهن لاڳيتو مذهبي بحث مباحثن ورا مضمون پڙهندي معدي جي تڪليف ٿي پئي آهي ۔۔۔۔ انڪري اوهان جي مضمون جو شدت سان انتظار آهي۔
ادا سائين اسلام عليڪم اميد ت خيريت سان ھوندو عرض ت مان توھان کي تفصيل سان ٻڌايان ٿو اٽڪل سال پھرين سياري جي موسم جي ڪري مون ( آنا ) ناشتي ۾ استعمال ڪيا ، ڪو ٽي چار ڏينھن ،ھڪ ڏينھن مون صبح جو گيھ کاڌو ۽ ڏينھن جو ھوٽل جي ڪڪڙ کاڌي ، ان کان پو مون کي چڪر اچڻ لڳا مٿي ۾ سور مون مٿي جو سور سمٍجھي گوري ورتي ۽ شام ڌاري الٽي آئي تنھن کان پو سڪون مليو تنھن کان پو مون ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ان دوا لکي 1 ليووپريڊ 2 نيبل 3 اسٽروجن 4 اينٽاميزول تنھن کان پو طبيعت بھتر ٿي ان کان پو مان کاڌي ۾ احتياط ڪندو آھيان خاص ڪري آنو ، مڇي ، ڪڪڙ ،گيھ وغيره باقي قبضي مون کي ڪڏھن ڪڏھن ٿئي ٿي ۔ ماني جا وقت صبح جو ناشتو چانھ ماني ،ماني اڻمکيل ،ڏينھن جو 2 بجي ۽ رات جو 8 بجي ۔ھيئنر ھمدرد جي سيرپ ( تن سک ) پيان ٿو سا ب ڪڏھن ڪڏھن ۔توھان ڪا دوا تجويز ۽ مشورو ڏيو جئين مستقل فائدو ٿئي ۔۔۔۔۔۔
ھوالشافي۔۔۔ سائين منهنجا توها ن لاءِ هيٺيون دوائون تجويز ڪيان ٿو. 1. CARBO VEGETABILIS 30 چار ڦڙا دوا اڌ ڪوپ پاڻيءَ ۾ هر مانيءَ کان 15 منٽ پهريان 2. NUX VOMICA 30 چار ڦڙا دوا اڌ ڪوپ پاڻيءَ ۾ هر مانيءَ کان 15 منٽ پوءِ رک (پرهيز) تريل شيون، ديڳ جو ڀت، آچار، بادي ڀاڄيون وغيره توهان پاڻي تمام گهڻو استعمال ڪيو ادا. ادا هي دوا DR.WILLMAR SCHWABE CO GERMANY وارن جون وٺجو مهرباني ڪري. ياد رهي ته هي دوا بنا ڪنهن وقفي ساڻ کائجو. متان هڪ ڏينهن کائو ۽ ٻه ڏينهن نه کائو پوءِ معيار ڏيو. دوا 20 ڏينهن تائين کائي مونکي آگاهي ڏيندا.
ادا سائين ٺيڪ آھي انشاالله دوا وٺي کائيندس ۔ مير پورخاص ۾ ڪو اسٽور ٻڌائجو جي ڄاڻ ۾ ھجي ت ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لک قرب توھان جا