• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انڌا اونڌا ويڄ : رسول بخش پليجو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين


jbx8tQe3HakPrD.jpg


ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ پيش آهي۔ هيءُ ڪتاب نامياري نقاد، قانوندان۔ سياستدان ۽ ڏاهي محترم رسول بخش پليجي صاحب جو لکيل آهي. ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ڇپيا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.

ان بابت محترم شمشير الحيدري ٻڌايو ته شيخ اياز خلاف سخت لکيو پئي ويو ۽ خاص ڪري جماعت اسلامي پاران هن خلاف فتوائون صادر ٿي رهيون هيون۔ مان رسول بخش پليجي جي خدمت ۾ حاضر ٿيم۔ چانهه پيارڻ کانپوء چيائين ڪم ٻڌاء، مون عرض ڪيومانس ته شيخ اياز خلاف وڏي واويلا پئي هلي ڪجهه ڪر۔ چيائين ڇا ڪيان۔ مون عرض ڪيومانس ته ڪجهه لک۔ هن هڪ ڪالم لکيو ۽ چيائين هي وٺ۔ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ ڪالم سان ڇا ٿيندو ۽ پوء مان اتي رهي پيس ۽ پوء ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪتاب ڇپجي ويو، جيڪو سڀني جي سوالن ۽ فتوائن جو جواب آهي۔

پليجو صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو:

ڪجهه عرصي کان نام نهاد ”اسلام دوست“ نقادن جي هڪڙيءَ گئنگ، هڪڙي سنڌي اخبار جي شوشي باز ايڊيٽر جي سرڪردگيءَ هيٺ. شيخ اياز، گرامي ۽ ٻين سنڌي اديبن تي ڪريل ۽ ناشائسته حملا شروع ڪيا آهن. جي ڪريل ذهنيت، اٿاهه جهالت ۽ سستي شهرت جي بي انتها بک جو نتيجو آهن. اهي اپاهج ۽ لولن ذهنن ۽ ناڪام هوس جو، ڪال ۽ ڏات کان بدترين ۽ ڪمينو انتقام آهن. هي شخص سکڻيون ڪنيون آهن، جيڪي گهڻو اڀامن ٿيون، ٺلها چڙا آهن جيڪي گهڻو وڄن ٿا. هنن جي لفظ لفظ ۾ حسد، ڪيني ۽ بغض ۽ ساڙ جا ٽانڊا ۽ فتني ۽ تعصب جو زهر آهي. هي جاهل ۽ ڪم ظرف شخص اهل ڪمال ۽ اهل سخن تي ٺٺوليون ڪن ٿا، کين بد شد ڳالهائين ٿا ۽ کين ڌمڪيون ڏين ٿا. هي جهالت جي اونداهن ٻرن ۾ لڙڪيل چمڙا ۽ ويران کنڊرن ۾ ويٺل چٻون ادب ۽ فن جي آسمانن تي پرواز ڪندڙ شهبازن تي ڏند ڪڍي کلن ٿيون، سندن اهلون ڪن ٿيون، ۽ ڪانگن ۽ ڪٻرن جو داد حاصل ڪري، ڦونڊ ۾ ڀرجي نچن ٿيون. هنن تنقيد جي شريفاڻي لباس ۾ مڪريل، گلاخور ۽ چغلباز ڌوتين وانگر، اخلاق ۽ شرافت جا ليڪا لنگهي، سٿڻون گوڏن کان مٿي کڻي، سنڌ ۾ هڪ زناني ويڙهه شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ تاڙ پيئي لڳي، يار چگهه پيا نڪرن ۽ ڪچين گارين جو ڌوڙيو پيو پوي. هنن هڪ اهڙو تماشو شروع ڪيو آهي، جو جيڪڏهن اردو يا ٻين ٻولين وارا سڻي سمجهي سگهن، ته جيڪر سنڌين جا ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃن. دنيا حيران ٿي ويندي ته ڇا هي آهي تنقيد جو معيار ۽ هي آهي فهم ۽ سخن جي پرک ۽ ان جو طريقو! هنن شخصن جيڪو ادبي سانگ رچايو آهي، تنهن ۾ پاڻ کي ادب جا ڪوٽوال مقرر ڪيو اٿن. اديبن جي زبان بند رکڻ لاءِ هو مٿن ڪفر ۽ الحاد، ڪميونزم ۽ بداخلاقيءَ جي الزام جا ڏنڊا-الارين ٿا، سندن ادبي تخليقن کي پنهنجين ٽيڏين اکين سان گهورين ٿا، ته کين اهي ٽيڏيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. افسانه ٽيڏا، شعر ٽيڏا، مضمون ٽيڏا، بلڪ سري کان ئي هڙئي ڪتاب ۽ رسالا به ٽيڏا! جيڪا ڳالهه سندن تنگ ۽ تاريڪ دماغ ۾ ماپي نٿي سگهي، سا ڪفر آهي، الحاد آهي. نه رڳو محب وطن ۽ عوام دوست اديبن ۽ سندن تخليقن تي هي واهيات ۽ شر انگيز حملا ڪن ٿا، ۽ سندن پويان ڀنڊي ٻارين ٿا، بلڪ انگريز پوليس جي چغلخورن ۽ دلالن وانگر سرڪار وٽ به چغليون هڻن ٿا. چي فلاڻو اديب خطرناڪ آهي، ان کي جيل ۾ وجهو، فلاڻو شاعر دهريو آهي، ان کي سنگسار ڪريو، فلاڻي کي نوڪريءَ تان لاهيو، ۽ فلاڻي تي ڪارروائي ڪريو! هنن جو وس پڄي ته هوند سمورا ڪتاب، جي سندن سمجهه کان ٻاهر آهن، سي ساڙائي ڇڏين ۽ سڀني اديبن کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏين. سندن لهجو ادبي سنجيدگيءَ ۽ علمي توازن بدران مڇيءَ مياڻ واريءَ بدزبانيءَ، شودن جي بازار واريءَ داداگيريءَ جو بدترين مثال آهي. جتي ادبي دنيا ۾ ”ادب براءِ ادب“ ۽ ”ادب براءِ زندگي“ جو بحث پيو هلي، اتي هي وري پنهنجي ”يخي براءِ يخي“ ۽ ”فتنو براءِ فتنو“ جا منصبدار بنيا بيٺا آهن.

هي ڪتاب فيسبوڪ جي گروپ آنلائين ڪتاب گهر جي محمد قاسم سومري پاران رياضت ٻرڙي صاحب جي بلاگ تنقيدي مضمون ۽ مقالا ۽ ڪتابن جا مهاڳ ۽ تجزيا تان اي بوڪ جي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي۔


 
Back
Top