مان توهان سڀني سان پنهنجي هڪ ڳالهه شئر ڪندس،، ڇاوءَن پروجيڪٽ جنهن کي ڊيو ڪان جو نالو ڏنو ويو،، ڊيو ڪان جي طرفان ٻارن جي هڪ تنظيم ٺاهي وئي جنهن ۾ 18 کان گهٽ عمر جا ٻار کنيا ويا،، تقريباَ 30 يا 40 ٻارن جو تعداد هو، ٻار ضلعي سانگهڙ جي مختلف يونيئن ڪائونسل کان ورتا،، جنهن جي پوئين ڊسمبر ۾ 5 ڏينهنن جي ٽرينگ ٿي هوئي،، آئون ان تنظيم جي ميمبر آهيان،تنظيم جو نالو ٻالڪ دوست تنظيم آهي اسان کي مختلف ڳالهيون سيکاريون ويون، جيئن ٻارن کي ننڍي عمر ۾ پورهيو ڪرائڻ، ٻارن کي ان جا حق نه ڏيڻ،، ڇوڪري جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ،، ٻارن کي اسڪول نه موڪلڻ،، ٻارن تي تشدد ڪرڻ، ان جون ضرورتون پوريون نه ڪرڻ، اسان هن سڀني مسئلن جو حل ڪڍڻ لاءِ ڊسٽرڪ سانگهڙ جي مختلف ڳوٺن ۾ اسان هڪ درامو پيش ڪيو،، جنهن جو مقصد ڳوٺ وارن جي ذهن کي تبديل ڪرڻ هو،، اسان جي هن پروگرام ڳوٺ وارن جي مسئلن کي حل ڪيو،، ۽ انهن جي ذهنن ۾ ڪافي تبديليون آيو،، اسان هڪ ئي درامو 10 دفعا ڪري چڪا آهيون،، اسان جي تنظيم سانگهڙ جي پوري شهر ۾ مشهور آهي،، 6 نومبر تي گڙنگ بنگلو ۾ پهريون دفعو ٻارن جي چائلڊ ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ وريام فقير، اله ورهايو بيهڻ ۽ ٻين معزز ماڻهن اسان جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ان ڪانفرنس ۾ اسان جي سڄي گروپ کي شيلڊون ايواڊ ۾ مليون،، جنهن ۾ اسان سڀني پنهنجو درامو پيش ڪيو،، ۽ 3 موضوعن تي تقريرون ڪيون. موضوع هئا، تعليم، صحت، ۽ ٻارن تي تشدد،، اسان جون تقريرون صرف تقريرون نه هيون پر ان ۾ مختلف مسئلا هئا جيڪي اسان وريام فقير سان شئر ڪيا ته جيئن هو ڪجهه مدد ڪري سگهن.. اسان جي تقريرون ٻڌڻ کان پوءِ معزز مهمانن مختلف راءِ ڏنا ۽ اسان جا مسئلا حل ڪرڻ جو وچن ورتو... ۽اسان مختلف ڳوٺ وارن کي پنهنجي ٺيٽڪر گروپ مان لطف اندوز ڪيوسين،، اسان جي درامي ۾ ٿوري خوشي ٿوري غمي ته ٿوري ڪاوڙ ته وري ڪٿي کلڻ به آهي ڪٿي لڙڪ اچڻ،، 40 ٻارن کي جولائي ۾ ٽرينگ لا۽ گهرايو ويو جنهن ما صرف 20 ٻارن کي ٺيٽڪر گروپ لاءِ کنيو،، اسان جي اها ٽرينگ به 5 ڏينهن ٿي هئي،، ۽ اسان کي درامي ڪرڻ جا اصول ٻڌايا ويا، اسان جو ٽرينر اسلام آباد مان گهرايو ويو جنهن جو نالو زاهد هو،، 5 ڏينهن ٽرينگ ختم ٿيڻ کان پوءِ ڇهين ڏينهن اسان کي ٻن ڳوٺن ۾ اهو درامو ڪرايو ويو،،،، جنهن ۾ اسان سان گڏ سر زاهد هليو هيو،، ان کان پوءِ زاهد صاحب پنهنجي ديس روانو ٿيو ۽ ان کان پوءِ اهو درامو اسان باقي ڳوٺن ۾ ڪيو. جنهن۾ اسان سان گڏ غلام مدني، غفار صاحب، عبدالخالق عرف جمي، هئا، جيڪي درامو پيش ڪرڻ کان اڳ ٿوري تياري به ڪرائيندا هئا،، ان کان پهريان 23 آڪٽمبر سانگهڙ جي اسٽيڊيم ۾ ايوري ون شو ڪيو ويو جنهن ۾ ٻارن جي ريس جو مقابلو به هيو، ته تقريرون به هيون ۽ اسان جو درامو به هيو،، اتي به تمام معزز شخصيتن شرڪت ڪئي، جيئن ته ڊپٽي ڪميشنر وغيره جنهن ۾اسان جي گروپ درامو پيش ڪيو ۽ ڪن تقريرون به ڪيون آخر ۾ اسان کي ميڊلس ڏنا ويا،، جنهن ۾ مون ٻه ميدل وصول ڪيا هڪ تقرير ۾ ۽ هڪ اسان جي ڊرامي ۾، اسان جيڪا 5 ڏينهن جي ٽرينگ زاهد صاحب سان ڪئي هئي، اسان کي ان جا سرٽيفيڪٽ به مليا..اسان جي تنظيم ٻارن، جا ڪيترائي مسئلا حل ڪيا، ٽرانسپورٽ جا مسئلا ننڍي عمر جي شادي جا مسئلا وغيره، ۽ ٻارن کي فيڪٽرين مان ڪڍرائي ان کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو،، جن جا والدين غريب هئڻ جي ڪري پنهنجا ٻار پڙهائي نه پئي سگهيا ته ڊيوڪان وارن انهن کي ڪاروبار کولي ڏنو، ته جيئن هو ٻارن کا پورهيو نه ڪرائين ۽ انهن کي پڙهائين.. اسان جو مقصد صرف ڳوٺ جي ٻارن کي تعليم يافته ڪرڻ آهي،، ۽ اسان کي اميد آهي ته اُهي ٻار ۽ اسان ايندڙ وقت جا مستقبل آهيون،،
ا https://www.facebook.com/pages/Balak-Dost-Tanzeem-Sanghar/1431495707072451 ادا اگر هي لنڪ پسند ڪندو ته مهرباني ٿيندي۔۔ اسان جي تنظيم جي آهي۔
اڄڪلهه ٻارڙن لاء ڪم ڪندڙ تنظيمون اڻ لڀ آهن، اهڙي وقت ۾ ٻالڪ دوست تنظيم جي دوستن کي جس آهي جيڪي پنهنجون سرگرميون جاري رکيو اچن ۔۔۔