سنڌ سلامت جي ايڊمين پينل تي چيڪ ڪرڻ سان خبر پئي ته ڪجهه ڏينهن کان سنڌ سلامت تي سرگرمين ۾ اضافو ٿيو آهي۔۔۔ ۽ رڪنن کان علاوه مهمانن کي به دير تائين مختلف موضوعن کي پڙهندي ڏٺو ويو آهي ۔۔ خاص طور هلندڙ مذهبي بحثن وارن موضوعن ۾ ايتري تائين جو ايڊمن پينل اهو پڻ ڏسيو ته ڪجهه رڪن بار بار انهن موضوعن جي صفحن کي ريفريش ڪري نئين سرگرمي کي معلوم ڪري رهيا آهن۔۔۔ جنهن کانپوءِ ذهن ۾ خيال آيو ته ڇو نه ڪجهه نيون سهولتون آڻجن۔۔۔
۽ آخرڪار ڪجهه ڪوششن سان فيس بوڪ تي لائيو اپڊيٽ واري فيچر کي سنڌ سلامت تي پڻ ڪاميابي سان اپلائي ڪيو ويو۔۔۔ جنهن تحت هاڻي صفحي کي ريفريش ڪرڻ کان سواءِ ئي نئون ايندڙ اطلاع معلوم ڪري سگهبو ۔۔ گڏ انٽرنيٽ تي ويهندي مختلف ويب پيجز جهڙوڪ فيس بوڪ يا گوگلنگ ۾ مصروف هجڻ ۽ سنڌ سلامت صفحي ته نه هجڻ باوجود سنڌ سلامت اطلاع سنڌ سلامت برائوزر ٽيب تي تعداد جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو جنهن سان رڪن کي تڪڙو اطلاع ملي سگهندو ته سنڌ سلامت تي سندن لاءِ اطلاع موجود آهي۔۔۔
خود ڪار سسٽم تحت سنڌ سلامت طرفان توهان لاءِ هر 10 سيڪنڊن کان پوءِ صفحو تازو ٿي توهان جي اطلاعن کي چيڪ ڪري توهان لاءِ تعداد ظاهر ڪندو۔۔۔
جيئن ته هي آپشن لاڳو ڪرڻ سان سنڌ سلامت جو سرور وڌيڪ مصروف ٿيندو ان ڪري في الحال ڊيڊيڪٽڊ آئي پي تي هجڻ ڪري ان کي عارضي طور لڳايو ويو آهي۔۔ ڊيڊيڪيٽن سرور جو وقت ختم ٿيڻ جي صورت ۾ هن آپشن کي غير فعال ڪيو ويندو ۔۔۔ هن آپشن کي مستقل تڏهن ئي بڻائي سگهبو جڏهن ڊيڊيڪٽ سرور کي وڌيڪ عرصي لاءِ خريد ڪيو ويو۔۔۔