• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪاري ڪانءَ جو کنڀ

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
ڳچ مهينن کان ”سنڌ سلامت“ فورم تان غير حاضر هئڻ جو ڪارڻ ٻيو ڪي م بس رڳو صحافتي سرگرمين جو وڌي وڃڻ هو، مٿان وري سرس سيءُ جو اچي ٿيا، تن ويتر ڍڪر ڍرا ڪري ڇڏيا، ان ڪري ”سنڌ سلامت“ جي اوطاق تي ڀيرو ڀري نه سگهيس۔ هان سمورا بند ڀڃي اسهيو هان ”سنڌ سلامت“ جي اوطاق تي، ان آس سان ته خوب ڪچهريون ٿينديون، خوب اوڀاريون لهواريون ٿينديون۔
”سنڌ سلامت“ فورم تان عير حاضر هجڻ ۾ هڪ ٻيو به ڪارڻ شامل آهي، جيڪو مون کان وسريو ويو، سو ٻڌيان ٿو: ڳچ ڏينهن کان مون کان منهنجي گهر جو گس ۽ منهنجي محبوب جي گهٽيءَ جو گهيڙ وسري ويا، اها ڪيفيت هئي يا من چلولائي، ٻنهي مان ڪجهه ته هجن گهرجي۔
مون کي محسوس ٿيو ته هاڻ منهنجي ۽ هن جي وچ ۾ ”ڪاري ڪانءَ جو کنڀ“ ته اچي ئي ويو آهي، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو مون کان ”سنڌ سلامت“ سان گڏ ٻيا محبوب مشغلا به وسريو وڃن۔
ان ڪري آئون ان ڪاري ڪانءَ جي کنڀ کي صدر جي لڪي اسٽار واري پوئين گهٽيءَ جي مهڙين ڇيڙي وٽ بنهه کوهي پوءِ هڪ اونهو ساهه کڻي هوا ۾ سکيءَ ڏانهن سنيهه وچان سنيهو مڪيو ته: اسان جي وچ ۾ ڪاري ڪانءَ جو جيڪو کنڀ اچي ويو هو، تنهن کي مون کوهي اصل بج بج ڪري ڇڏيو آهي۔“
 
هاهاهاها ۔۔۔ اهو ڀلو ڪيو اٿو ۔۔۔

رزاق عاصي ته گهڻو ڪري ملاقاتون ٿين ٿيون سي به سچل ڳوٺ جي پروگرامن ۾ ۔ اميد ته سنڌ سلامت تي لکڻ جو سلسلو ۽ اسان سان ناتو جڙيل ئي رهندو۔

ٿورا ناهن ٿورا
 
Back
Top